top of page

سنڌ، جتي ارڙيءَ وگهي مُکڙيون مرن ٿيون

مراد علي شاه بڪيرائي

         سنڌ ۾ هيل جيتوڻيڪ سانوڻ ۾ ٻوڏ نه آئي ۽ ڪنهن ٽين تباهيءَ کان محفوظ رهي. مند گذري ته اڳ جي ٻوڏن جي متاثرن شڪر ادا ڪيو، پر جڏهن سيارو سِري آيو ته سنڌ واسين لاءِ هڪ نئون سُور جاڳي پيو. سُورن ستايل سنڌ جا رهواسي اڄ وري ارڙيءَ جي راڪاس جي چنبن ۾ ڦاٿل آهن.
اتر سنڌ کان لاڙ تائين، اڌ سنڌ جا سوين ڳوٺ ان مرض جي گهيري ۾ آيل آهن. جتي ان مرض جو جيڪڏهن شڪار آهن ته اهي رڳو معصوم ۽ مکڙين جهڙا ٻارڙا ئي آهن. سوين مائرن جون هنجون اجڙيل باغ ٿي ويون آهن. انهن مائرن جي جن جهولين ۾ اهي معصوم مُکڙيون پيون مرڪنديون هيون، تن جهولين ۾ اڄ رڳو لڙڪن جي لاڙ ئي آهي. رڳو ڪنهن هڪڙي ٻار جي ئي ڳالهه نه آهي، تعلقي صالح پٽ جي ڪن ڳوٺن ۾ ته هڪ ئي گهر مان ٽن کان 4 ٻارڙن جا جنازا هڪ ٻئي پٺيان کڄندا رهيا آهن. جيڪڏهن انهن گهرن ۾ ڪي ٻار بچيل به آهن، ته انهن ٻارڙن جا مائٽ پنهنجي انهن ٻارن کي به موت جي وات ۾ ڀانئي رهيا آهن.
نومبر جي آخر ۽ ڊسمبر جي شروعات ۾ خيرپور ضلع جي ٺري ميرواهه تعلقي جي ڳوٺ ۾ 10 ٻارن جي موت سان شروعات ڪندڙ ارڙيءَ جو اهو مرض وڌندي (31 ڊسمبر تائين) 15 ضلعن ۾ پهچي چڪو آهي. ان مرض جو سفر تيزيءَ سان جاري به آهي. انهن 15 ضلعن ۾ خيرپور، سکر، گهوٽڪي، ڪشمور- ڪنڌڪوٽ، لاڙڪاڻو، قنبر، شڪارپور، جيڪب آباد، ميرپورخاص، سانگهڙ، ٽنڊوالهيار، ٽنڊومحمدخان، بدين، عمرڪوٽ ۽ مٺي شامل آهن، جن ۾ 31 ڊسمبر تائين 210 ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته هزارين ٻارڙا اڃان تائين ان مرض ۾ ڦاٿل آهن، جن جي زندگي پڻ خطري ۾ آهي.
ارڙيءَ سبب متاثر رڳو ٻهراڙي وارا علائقا ئي ٿيا آهن، جتي هونئن ئي علاج جون ڪي به سهولتون موجود ئي نه آهن. مٿان وري اهڙيون بيماريون پهچن به غريبن جي گهرن ۾ جيڪي اڳ ئي ٻه ويلا مانيءَ لاءِ به سدائين سُورن ۾ هوندا آهن، سو اهڙين بيمارين کي منهن ڏين به ته ڀلا ڪيئن.
هڪ انهن ڳوٺاڻن جي غريبي، ٻي انهن جي بي علمي ۽ ٽي وري صحت کاتي جي لاپرواهي ۽ بي ڌياني ئي سوين ٻارن جي موت جو ڪارڻ ٿي. ويچارا بي علم ۽ وهمن ۾ ورتل ڳوٺاڻا پنهنجي غريبيءَ سبب علاج جو سَتُ نه ساري زور پيا ڏيندا آهن ڌاڳن ۽ ڦيڻن تي، پر نتيجو وري نڪري ٻارن جي موت جي صورت ۾. پر هي جو صحت جو کاتو آهي، جنهن وٽ ڪروڙين روپين جا فنڊ انهن غريبن جي علاج لاءِ هوندا آهن، پر اهي فنڊ انهن غريبن تي استعمال ٿيڻ بدران وزيرن ۽ ڪامورن جي ور چڙهي وڃن ٿا. غريب کي ملڻ لاءِ ته بس رڳو موت ئي آهي.
پنجاب ۾ ڊينگي جو مرض پکڙيو ته سڄي حڪومت ٿرٿلي ۾ پئجي وئي. پر هيءَ سنڌ آهي، جنهن لاءِ پراوا ته پراوا ئي آهن، پر هن جا ته پنهنجا به پنهنجا نٿا ٿين. روزانو 20 کان 30 معصوم ٻارڙا مرن پيا، پر حڪومت کي ذري جو به نه احساس آهي، نه ئي ڪا ڳڻتي ٿي ٿئي. نه رڳو حڪومت پر پيٽرول جي اگهن يا ڪن ٻين معاملن جا بهانا ڪري حڪومت کان ڌار ٿيڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ ايم ڪيو ايم به اڄ ڪٿي آهي؟ انهن کي هنن سوين ٻارن جو موت ڇو نه ٿو نظر اچي؟ هي صحت کاتو به ته ڪنهن ٻئي جي هٿ ۾ نه پر ايم ڪيو ايم جي وزير وٽ آهي. اتي انهن کي معصوم ٻارن تي ڇو نه ٿو رحم اچي؟ ان ڪري جو اهي ٻهراڙين جي غريب ماڻهن جا ٻار آهن؟ انهن تي ڪو رحم ڪرڻ، علاج لاءِ ڪي ترت اپاءَ وٺڻ بدران ويتر ايم ڪيو ايم جي ان صحت واري صوبائي وزير ان کي معاملي تي بي ڌياني ۽ لاپرواهي جي انتها ڪندي فوتين جا نه رڳو انگ اکر غلط ظاهر ڪيا، پر ٻارن جي موت جو سبب پڻ ارڙي بدران بخار ۽ سيءَ وغيره کي ڄاڻايو. عبرت ۾ شروع کان وٺي روزانو فوت ٿيندڙ ٻارن جي نالن، سندن والدين جي نالن توڙي ڳوٺ ۽ تعلقي سميت سمورا انگ اکر ڇپجن پيا، جن موجب ارڙي جو مرض 15 ضلعن ۾ پکڙيل آهي، ۽ 31 ڊسمبر تائين انهن 15 ضلعن ۾ فوت ٿيل ٻارن جو انگ 210 ٿي ويو. جڏهن ته ان مرض سبب متاثر ٿيل ٻارن جو انگ سوين نه پر هزارن ۾ آهي، پر صحت کاتي جو وزير ڊاڪٽر صغير احمد توڙي ان جو سيڪريٽري فوتين جو انگ 87 تائين ۽ متاثر ٿيل ٻارن جو انگ ڪجهه سؤ ظاهر ڪري رهيا آهن. ڳالهه رڳو انگن جي ئي نه آهي، موت هڪ ٻار جو ٿئي يا سؤ ٻارن جو، ان جي اذيت ۽ تڪليف ته رڳو اهي ئي ڄاڻن ٿا جن جو اهو اولاد آهي. انهن لاءِ ته ڄڻ اهو ئي قيامت جو ڏينهن آهي.
ارڙيءَ جي مرض ۾ لاڳيتو تيزيءَ سان واڌ ۽ ان جي نه روڪجڻ لاءِ رڳو اسين ئي صحت کاتي کي ذميوار نه ڪوٺيندا رهيا آهيون، پر هاڻ ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه به اسان جي ان خيال تي ڄڻ سچائي جي مهر هڻي ڇڏي، جڏهن ان پاڻ اهو مڃيو ته ”انهن معصوم ٻارڙن جي موت جو ذميوار سنڌ جو صحت کاتو آهي. انهن جي غفلت جي ڪري ئي ايتري وڏي انگ ۾ ٻارڙا فوت ٿيا آهن“، پر ڳالهه رڳو اهو مڃڻ تائين ئي ڪافي نه آهي، جڏهن ڪنهن کي ڏوهه جو ذميوار قرار ڏجي ٿو ته ان تي ڪارروائي به ضروري آهي، پر سنڌ جي وڏي وزير نه ته ان کاتي جي وزير کي هٽائڻ جهڙو قدم کنيو ۽ نه ئي وري صحت کاتي جي وزير کي ئي اهڙي اخلاقي جرئت ٿي جو هو ان معاملي تي پاڻ ئي ذميواري قبول ڪري استعفا ڏئي ڇڏي ها.

  • Wix Facebook page
bottom of page