top of page

             عرب ملڪن کانپوءِ عوامي بغاوت جي باهه اڄ ڪلهه يورپ جي هڪ ملڪ يوڪرين ۾ ڀڙڪيل آهي، جتي گادي واري شهر ڪيف جا رستا انساني رت سان رنگجڻ کانپوءِ نيٺ وڳوڙن جو مکيه ڪارڻ ٿيندڙ صدر وڪٽريانوڪووچ ”وڪٽري“ ته ماڻي نه سگهيو، پر عوام جي سخت دٻاءُ کانپوءِ کيس صدارتي محل خالي ڪري ڀڄڻو ئي پئجي ويو.ايوان صدر مان ڀڄڻ کانپوءِ 4 ڏينهن گذرڻ باوجود ان ڀاڄوڪڙ صدر بابت اها پڪي ڄاڻ نه ملي سگهي ته هن ڪٿي پناهه ورتي آهي. شروعاتي اطلاعن ۾ ته اهو ٻڌايو ويو هو ته هو روس ڏانهن ڀڄي ويو آهي پر پوءِ ان اطلاع جي ترديد ٿي. پر هاڻ اهي اطلاع آهن ته هو روس جي سرحد سان لڳندڙ شهر خارڪف ۾ پهتل آ هي، جڏهن ته سندس گرفتاري لاءِ وارنٽ پڻ جاري ٿي چڪا آهن.

 

              اڍائي سال اڳ وزيراعظم هائوس کان ڪڍي جيل ۾ واڙيل سنهري وارن جو هڪ خاص اسٽائل رکندڙ سندري يوليا وولوديميرِونا تيموشنڪو نيٺ بند مان آزادي ماڻي پنهنجي حامين جي وچ ۾ پهچي وئي آهي. 2 ڀيرا وزارت عظميٰ جو عهدو ماڻيندڙ يوليا جنهن کي وزارت عظميٰ دوران ئي هڪ تڪراري فيصلي هيٺ 7 سالن جي قيد جي سزا ٻڌائي وئي، اها جڏهن پنهنجي عوام جي وچ ۾ آئي ته اها ڦيٿا ڪرسيءَ تي ويٺل هئي. پنهنجي ڌيءَ سان ملندي سندس اکين مان لڙڪ به لڙي پيا هئا.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ٻن وڏين طاقتن سوويت يونين ۽ نازي جرمني سان ويڙهه پڻ ڪئي، پر ان ويڙهه ۾ هو سوڀارو نه ٿي سگهيو ۽ 1941ع ۾ اهو نازي جرمني جي قبضي هيٺ اچي ويو. ٻي مها ڀاري جنگ ۾ جرمني جي هارائڻ کانپوءِ اهو سوويت يونين جو حصو ٿيو، پر ان کي ٻي مهاڀاري جنگ ختم ٿيڻ تي گڏيل قومن جو ادارو قائم ڪندڙ باني ملڪن ۾ شامل ٿيڻ جو اعزاز پڻ مليو. 1991ع ۾ سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ يوڪرين به ٻين رياستن سان گڏ آزادي ماڻي ورتي.

 

             يوڪرين جي ڌرتي تي رتوڇاڻ ان لاءِ ڪا نئين ڳالهه نه آهي. ٻي مهاڀاري جنگ دوران ان ئي ڌرتي تي نازي جرمني جي فوج هٿان 34 هزار رڳو يهودي قتل ڪيا ويا هئا ۽ ان جنگ دوران اتي ٿيل قتل عام جو انگ هڪ لک تائين پڻ ٻڌايو وڃي ٿو. سوويت يونين ٽٽڻ کانپوءِ 22 سالن دوران يوڪرين جي تاريخ جي هي وڏي عوامي بغاوت آهي، جتي گادي واري هنڌ ۾ تيونس ۽ مصر جي طرز تي هلندڙ احتجاجي تحريڪ ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو پڻ مارجي چڪا آهن.

 

                يوڪرين جي گادي واري شهر ڪيف جي ”آزادي ميدان“ تي اها تحريڪ ان وقت شروع ٿي، جڏهن 2010ع ۾ چونڊيل صدر وڪٽر يانوڪووچ گذريل سال يورپي يونين سان واپاري معاهدو ختم ڪري روس سان معاهدو ڪيو. يوڪرين ۾ روس جا فوجي، سياسي، اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ مفاد آهن ۽ هو ڪنهن به صورت ۾ ان ملڪ ۾ اولهه وارن ملڪن جا مفاد پسند نه ڪندو. روس جي دٻاءُ سبب ئي ان جو حامي صدر وڪٽر يانڪووچ يورپي يونين سان اهو معاهدو ختم ڪرڻ تي مجبور ٿيو، جنهن معاهدي هيٺ يوڪرين کي پنهنجون سرحدون يورپي ملڪن لاءِ کولڻيون هيون، جتان يورپ جي يوڪرين ۾ واپاري مقصدن لاءِ توڙي عوامي سطح جي مداخلت يوڪرين کان به وڌيڪ روس جي مفادن لاءِ هاڃيڪار هئي. ان معاهدي کي ٽوڙڻ تي مخالف ڌر سخت ردعمل ظاهر ڪيو ۽ صدر خلاف بغاوت جي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي.

 

           يورپي يونين سان يوڪرين جو واپاري معاهدو ختم ٿيڻ کانپوءِ روس يوڪرين کي قرض پڻ ڏيڻو ڪيو هو، جيڪو يوڪرين جي صدر جي وڃڻ کانپوءِ ملي نه سگهندو. مالي لحاظ کان هن وقت يوڪرين جي حالت ڏاڍي خراب ٿي چڪي آهي، ان جو مالي ڏيوالو نڪري چڪو آهي. ان کي هلندڙ سال اٽڪل 13 ارب ڊالرز جو قرض موٽائڻو پڻ آهي. مالي گهوٽالي جي ور چڙهيل هن ڏيهه ۾ سياسي گهوٽالو اڃان ختم نه ٿي سگهيو آهي. ملڪ جي پارليامينٽ صدر وڪٽر يانوڪووچ جي ڀڄي وڃڻ کانپوءِ اولهه جي ملڪن ڏانهن لاڙو رکندڙ اسپيڪر اوليڪسيڊر ٽرچينوف کي عارضي صدر مقرر ڪيو ويو آهي.

 

            اڳوڻي وزيراعظم يوليا تيموشنڪو ۽ ان جا جمهوريت پسند اتحادي يورپي يونين جا، جڏهن ته صدر وڪٽريانوڪووچ روس جو وڏو حامي آهي. اهو معاملو رڳو يوڪرين تائين ئي محدود نه آهي، پر امريڪا ۽ روس جي به ان معاملي تي هڪ ٿڌي ويڙهه ٿي رهي آهي. امريڪا پڻ يوڪرين جا لاڳاپا يورپي يونين سان وڌائڻ جي حق ۾ آهي، جيڪو ان معاملي تي روس جي مخالفت پڻ ڪري رهيو آهي. نه رڳو ايترو پر هڪ اجلاس ۾ روس ۽ امريڪا جي نمائندن جي يوڪرين جي معاملي تي منهن ماري پڻ ٿي. امريڪا روس جي حامي 20 يوڪريني عملدارن تي انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو الزام هڻي انهن کي ويزا ڏيڻ تي بندش پڻ هڻي ڇڏي آهي.

 

               صدر وڪٽر جي ڀڄي وڃڻ کان پوءِ ڪيف ۾ وڳوڙن ۽ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو بند ٿي ويو آهي. مخالف ڌر جي پارٽين گادي واري شهر ڪيف جو گهڻي ڀاڱي انتظام پنهنجي وس ۾ ڪري ورتو آهي. ان باوجود حالتن مان ڪا گهڻي قدر بهتريءَ جي اميد نه ٿي رکي سگهجي. حقيقت ۾ صدر جي وڃڻ سان يوڪرين جو سياسي گهوٽالو ختم ته نه ٿيو آهي پر اصل گهوٽالو شروع ئي هاڻ ٿيو آهي. حالتون ڪنهن به وقت ڦيرو کائي سگهن ٿيون. اهو ئي سبب آهي ته ڪيف جي آزادي ميدان تي هزارين ماڻهو صدر وڪٽر جي وڃڻ کانپوءِ اڃان موجود آهن.ان حوالي سان يوليا تيموشنڪو پڻ پنهنجي حامين کي اها هدايت ڪري چڪي آهي ته جيسيتائين ڪم مڪمل نٿو ٿي وڃي، تيسيتائين هتان ڪير به واپس نه وڃي. يولياتيموشنڪو جي اهڙي هدايت مان به چٽو آهي ته اڃان يوليا پاڻ به حالتن مان پراميد نه آهي، ڇو ته اهڙا مثال ويجهڙ ۾ ئي موجود آهن ته جن به ملڪن ۾ ويجهڙ ۾ عوامي بغاوت جي نتيجي ۾ حڪومتون تبديل ٿيون آهن، اتي اڃان تائين حالتون معمول تي نه اچي سگهيون آهن.

 

             صدر جي ڀڄڻ کان اڳ جيتوڻيڪ يوڪرين جي پارليامينٽ 25 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان به ڪيو آهي پر چونڊن جو ٿيڻ ڪيتري حد تائين ممڪن آهي، ان جو دارومدار يوڪرين کان به وڌيڪ روس ۽ امريڪا جي روين تي آهي. يورپي يونين سان گڏجي امريڪا يوڪرين ۾ وڏي پئماني تي مداخلت ڪري رهيو آهي. جيڪو هر صورت ۾ يوڪرين تان روس جو اثر ختم ڪرڻ ۽ يورپي يونين جو اثر وڌائڻ جو خواهش مند آهي. هاڻي جڏهن روس جو حامي صدر وڪٽر يانڪووچ اقتدار مان تڙجي چڪو آهي ۽ ملڪ جي پارليامينٽ، اهم عمارتن تي يورپي يونين ۽ امريڪا جي حامي ۽ مخالف ڌر جو قبضو ٿي چڪو آهي ته اهو معاملو روس لاءِ ڪنهن به صورت ۾قبول ڪرڻ توڙي صبر ڪرڻ جوڳو نه آهي.

 

          اهو معاملو رڳو انهن ٻن وڏين طاقتن وچ ۾ ئي نه آهي. پر يوڪرين جو عوام پڻ ان معاملي تي ورهايل نظر اچي ٿو. يوڪرين جو اوڀر وارو حصو روس جو حامي آهي، جڏهن ته اولهه وارو حصو وري يورپي يونين جو حامي آهي، اهڙو معاملو ڪنهن به ريت يوڪرين جي ڀلي وٽان نه آهي. ماضي جي افغانستان وانگر هاڻ يوڪرين به روس ۽ امريڪا جي ٿڌي جنگ جو ميدان ٿيندي نظر ٿو اچي. ملڪ اندر ٻن وڏين طاقتن جا حامي هئڻ سبب ملڪ تي ڪنٽرول لاءِ گهرو ويڙهه توڙي روس جي فوجي مداخلت جا امڪان به آهن، جنهن جو نتيجو يوڪرين جي ٽٽڻ ۽ ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃڻ جي صورت ۾ ئي نڪري سگهي ٿو.

 

                   يورپ جي حامي ۽ پنهنجي وارن جي هڪ خاص اسٽائل توڙي پنهنجي سونهن سان ٻين کي متاثر ڪندڙ يوليا تيموشنڪو جي مقبوليت جيل وڃڻ کان اڳ گهٽجي رهي هئي. کيس نه رڳو بدعنوان سمجهيو ٿو وڃي، پر يوڪرين جي گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته يوڪرين جي هاڻوڪين حالتن جي ذميوار پڻ اها ئي يوليا تيموشنڪو آهي، جيڪا يوڪرين جي سڀ کان وڏي پارٽي فادرلينڊ ۽مختلف پارٽين جي اتحاد ”يوليا تيموشنڪو بلاڪ“ جي سربراهه پڻ آهي.

 

                4 ڪروڙ 45 لک کان وڌيڪ آبادي رکندڙ ۽ 7 ملڪن سان پنهنجون سرحدون ملائي بيٺل هي ڏيهه اڄ ڪلهه روس ۽ يورپ جي وچ ۾ ڦاٿل آهي. سندس هاڻوڪين حالتن جو ڪارڻ پڻ روس ۽ يورپ آهن. نه رڳو حال پر هن جي ماضي جي تاريخ پڻ اهڙي ئي رهي اهي. هو هڪ طاقتور ملڪ کان آزادي ماڻي وري ٻي طاقتور ملڪ جي قبضي هيٺ ايندو رهيو آهي. ٻي مهاڀاري جنگ دوران يوڪرين پنهنجي آزادي لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ ان وقت جي 

 

  • Wix Facebook page
bottom of page