top of page

شيخ صنعان جو عشق

مراد علي شاه بڪيرائي

          ٻوليءَ ۽ ان جي لکت ۾ صحيح استعمال نه ٿيڻ ۽ وري غلط استعمال جي روڪٿام نه ٿيڻ سبب ٻوليءَ ۾ بگاڙ وڌڻ جو سلسلو به جيئن جو تيئن هلندڙ آهي، ٻوليءَ جي ان بگاڙ جو ٻين ڪارڻن سان گڏ هڪ اهم ڪارڻ اسان جون اخبارون پڻ آهن، اخبارن جي حوالي سان عام خيال اهو هوندو آهي ته اتي ڪي وڏا پڙهيل لکيل، ڄاڻو ۽ عالم ويٺل آهن پر حقيقت ان جي بنهه ابتڙ آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو اهي اخبارون ٻوليءَ جي بگاڙ جو هڪ اهم ڪارڻ پڻ آهن، حد ته اها هوندي آهي جو انهن ۾ اڪثر اهو ڏٺو وڃي ٿو ته ماڻهن، شهرن يا ڪن ملڪن جا نالا مختلف اخبارن ۾ ڌار ڌار شڪلين ۾ لکيل ملندا آهن پر ان کان به وڌيڪ دلچسپ معاملو اهو به هوندو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن اخبار جي هڪ ئي خبر ۾ ڪو نالو هڪ ئي وقت ٻن کان ٽن شڪلين ۾ پڻ ڏسبو آهي.
تازو ئي جڏهن جسقم چيئرمئن بشير خان قريشي جي وفات ٿي ته، ان جي خبرن ۾ بشير خان قريشيءَ جي وڏي پٽ صنعان قريشيءَ جو نالو به اخبارن ۾ اٽڪل روز خبرن جو حصو ٿيڻ لڳو پر ان جو نالو هر اخبار پنهنجي طريقي سان لکيو. ڪنهن ۾ ان جو نالو ”سنان“ ته ڪنهن ۾ ”ثنان“ لکيو پئي ويو، آئون پاڻ به ان معاملي تي منجهيل هئس ته آخر انهن مان صحيح ڪهڙو ٿي سگهي ٿو، تن ئي ڏينهن ۾ اخبارن ۾ هڪڙي ننڍڙي خبر اها پڻ شايع ٿي ته ”بشير خان قريشيءَ جي وڏي پٽ جو نالو جي ايم سيد رکيو هو“. اها خبر پڙهڻ سان ئي منهنجو مونجهارو ختم ٿي ويو ۽ مون کي به ڄڻ ته اها پڪ ٿي ته جيڪڏهن اها خبر صحيح آهي، ته پوءِ پڪ سان جي ايم سيد اهو نالو” شيخ صنعان“  کان متاثر ٿي رکيو هوندو.
منهنجي ان خيال جو ڪارڻ اهو هو ته، جيئن ته هر ماڻهو پنهنجي اولاد جو نالو پنهنجي سياسي، مذهبي، فڪري ۽ فقهي لاڙي جي حساب سان رکندو آهي. يعني جيڪڏهن ڪو ديني عالم يا مولوي هوندو ته اهو نالي جي چونڊ ديني شخصيتن، نبين، الله ۽ رسول الله جي صفاتي نالن مان ئي ڪندو. جيڪڏهن ڪو قوم پسند  هوندو ته اهو وري نالن جي چونڊ پنهنجي قومي سورهين جي نالن جي نسبت سان ڪندو، تنهن ڪري جيئن ته سائين جي ايم سيد هڪ قوم پسند هئڻ سان گڏوگڏ صوفي ازم ڏانهن لاڙو رکندڙ ۽ مٿان وري هڪ عاشق مزاج پڻ هو ته،  ضرور هن جيڪو نالو چونڊ ڪيو هوندو اهو ڪو  قومي سورهيه هوندو، ڪو صوفي هوندو يا وري ڪو عاشق. مون کي اها پڪ هئي ته صنعان نالي سان اسان جو ڪو به سورهيه نه هو، پر شيخ صنعان نالي سان وقت جو هڪ صوفي بزرگ ۽ وڏو عاشق ضرور ٿي گذريو آهي. شيخ صنعان جي عشق جو داستان مون ڪنهن وقت پڙهيو هو، جنهن ڪري ان جو نالو ٻڌندي اهو ياد به اچي ويو. ان جي ئي بنياد تي مون عبرت ۾ بشير خان جي پٽ صنعان جي نالي جي صحيح لکت بابت بحث ۾ حصو وٺندي دوستن کي ٻڌايو هو ته جيڪڏهن ان جو نالو واقعي جي ايم سيد جو رکيل آهي ته پوءِ اهو هن شيخ صنعان کان متاثر ٿي رکيو هوندو، جنهن ڪري اسان کي ان جو نالو ”ثنان“ يا ”سنان“ نه پر ”صنعان“ ئي لکڻ گهرجي. پر چوندا آهن ته گهر جي ڪڪڙ دال برابر، سو منهنجو نه ته اڃان پوريءَ ريت مٿو اڇو ٿيو آهي ۽ نه وري عمر 70 سال، جو ڪير منهنجي ڳالهه کي اهميت ڏي. مون ان نالي جي حوالي سان دليل طور آفيس ۾ ان معاملي تي بحث ڪندڙ دوستن کي شيخ صنعان جو پورو قصو به ٻڌايو ته ان جو نالو چونڊ ڪرڻ جي ڪارڻ جو پورو پس منظر پڻ سمجهايو، پر ان باوجود هنن دوستن منهنجا اهي سڀ دليل قبول نه ڪيا، شايد هنن منهنجي ڳالهه قبول ڪرڻ پنهنجي گهٽتائي ٿي سمجهي.
تازو ڪجهه ئي ڏينهن اڳ اسان جي اديب ۽ سنڌي ٻوليءَ جا با اختيار اداري جي سيڪريٽري تاج جويي جو بشير قريشيءَ جي پٽ صنعان قريشيءَ جي نالي جي حوالي سان هڪ وضاحتي خط اخبار ۾ ڇپيو. جنهن ۾ هن ڄاڻايو ته؛
”اڄڪلهه ميڊيا (اخبارن ۽ چئنلن تي) بشير خان قريشيءَ جي فرزند جو نالو ”ثنان قريشي“ لکيو پيو وڃي، جنهن سلسلي ۾ وضاحت ڪجي ٿي ته اهو نالو ”ثنان“ نه پر ”صنعان“ آهي. بشير خان جي فرزند جو اهو نالو، سنڌ جي قومي اڳواڻ سائين جي ايم سيد رکيو هو. ان سلسلي ۾ عبدالواحد آريسر جي روايت آهي ۽ هن اها ڳالهه ڪنهن مضمون ۾ به لکي آهي ته، ”جڏهن بشير خان کي پُٽ ڄائو ته هن سائين جي ايم سيد کي گذارش ڪئي ته سندس پٽ جو نالو اوهان رکو.“ اُن تي سائينءَ کانئس پڇيو ته، ”نالو انقلابي هجي يا صوفياڻو؟“ بشير خان وراڻيو ته، ”صوفياڻو“. ان بعد سائين جي ايم سيد، مشهور صوفي ”شيخ صنعان“ جي نسبت سان بشير خان جي فرزند جو نالو ”صنعان قريشي“ رکيو. ان ڪري اخبارن ۽ چئنلن جي انتظاميه کي گذارش آهي ته اهو نالو ”ثنان“ بدران ”صنعان قريشي“ لکيو وڃي ته جيئن نالي جي اصليت ۽ نسبت قائم رهي“.
تاج جويي جي ان وضاحت کان پوءِ فيس بڪ تي نالي جي حوالي سان هڪ ٻي جوابي وضاحت پڙهيم، جيڪا وري سهيل ميمڻ جي لکيل هئي . آئون سهيل ميمڻ جي وضاحت جو ڪجهه حصو هتي ڏيان ٿو. هو لکي ٿو ته؛
”................سائينءَ ”سنان“ نالو رکيو ۽ ٻڌايو ته ”سنان“ هڪ الله وارو درويش ٿي گذريو آهي، ۽ پوءِ مٺائي کولي وئي ۽ کاڌي وئي. ان بعد بشير خان مون کي چيو ته اهو لکبو ڪيئن؟ پوءِ مون سائين کان پڇيو ته بابا، اهو نالو ”س“ سان لکبو، ”ث“ سان يا ”ص“ سان ؟ ۽ سائين لکرايو هو، ”سنان“ ۽ سائين انگريزيءَ ۾ پڻ لکرايو هو. مون نالو لکي پنو بشير خان حوالي ڪيو هو........“
تاج جويي ۽ سهيل ميمڻ جون وضاحتون پڙهڻ کان پوءِ خيال ڪيم ته هاڻ مون کي به ان معاملي تي ڪجهه وڌيڪ تفصيل سان روشني وجهي پڙهندڙن کي شيخ صنعان جي  اصل داستان کان به واقف ڪرڻ گهرجي. ان سان اها وضاحت به ٿي ويندي ته نالو  صحيح ڪيئن لکبو.
شيخ صنعان پنهنجي دور جو هڪ وڏو ديني بزرگ ۽ عارفن جو سردار هو، جنهن پنهنجي زندگي جا 50 ورهيه ڪعبي ۾ عبادت ڪندي ۽ اعتڪاف ۾ ويهي خدا کي ياد ڪندي گذاريا، جنهن سان هو ان درجي تي وڃي پهتو هو جو هو بيماريءَ جو علاج دم سان ڪندو هو. ان جو ذڪر گهڻي ڀاڱي فارسي ادب خاص طور تي شاعري ۾ ملي ٿو. هر هنڌ ان جو نالو”صنعان“  ئي لکيل آهي نه ڪي “سنان“ يا ”ثنان“.
شيخ صنعان جي ان عشق جو قصو فارسي ادب ۾ گهڻو ملي ٿو، جنهن ۾ هن کي هڪ صوفي بزرگ واري حيثيت حاصل آهي. ايران جي ڪجهه شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ مختلف هنڌن تي شيخ صنعان جي عشق جو ذڪر چڱيءَ ريت ڪيو آهي، جن مان حاجي ملا بادي سبزواري، شيخ فريد الدين عطار نيشاپوري ۽ ٻين فارسي شاعرن به هن جي عشق کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع ڪيو. مثال طور حاجي ملا بادي جو هڪ شعر آهي؛
الا بانفس غرتڪ الاماني
چو صنعان تابه ڪي اين خوڪباني
رفيقانت ڪشش دارند و ڪوشش
وڪم فيڪ التقاعد والتواني
يعني: ” خبردار! اي نفس، تو کي خواهشن دوکو ڏنو آهي، آخر تون ڪيستائين سوئر چاريندو رهندين، تنهنجا دوست ته جذبو رکن ٿا ۽ ڪوشش به ڪري رهيا آهن پر تون ڪيستائين بيٺل رهندين ۽ ڪمزوري ڏيکاريندو رهندين.“
شيخ صنعان جو گهڻو ذڪر وري شيخ فريد الدين عطار نيشاپوري جي فارسي شاعريءَ جي مجموعي ”منطق الطير“ ۾ ملي ٿو. اهو ڪتاب 1177 ع ۾ ڇپيو هو.
شيخ صنعان پير عهد خويش بود
در ڪمال از هر چه گويم بيش بود
شيخ بود او در حرم پنجاه سال
با مريد چار صد حاحب ڪمال
هم عمل هم علم باهم يار داشت
هم عيان هم ڪشف هم اسرار داشت
هر ڪه را بيماري و سستي يافتي
از دم او تندرستي يافتي
خلق را في الجمله در شادي وغم
مقتدائي بود در علم علم
( منطق الطير)
جڏهن ته ان کان اڳ هن جو تفصيل سان داستان امام محمد غزالي جي ڪتاب ”تحفت الملوڪ“ ۾ ملي ٿو.
هاڻ اچون ٿا شيخ صنعان جي عشق جي اصل داستان ڏانهن. فارسي ادب ۾ هن جو داستان ڪجهه هن ريت آهي ته هڪ رات شيخ صنعان خواب ڏٺو ته هو ڪعبي کان روم ڏانهن هليو ويو آهي ۽ اتي هو هڪ بت جي پوڄا پيو ڪري. شيخ صنعان جڏهن ننڊ مان جاڳيو ته کيس سندس ان خواب جي تعبير ڄاڻڻ جي خواهش ٿي، جنهن ڪري هو پنهنجي چار سئو مريدن کي ساڻ ڪري روم هليو ويو. روم ۾ ڳچ ڏينهن تائين هو اتان جي گهٽين ۾ رلندو رهيو نيٺ هڪ ڏينهن هن جي نظر جيئن ئي هڪ ڏاڍي سهڻي ڇوڪريءَ تي پوي ٿي ته هو اتي ئي مٿس موهجي پوي ٿو.  ڇوڪريءَ جي سونهن ڄڻ اتي جو اتي کيس چريو ڪري ڇڏيو.
اٽڪل 80 ورهين جي جنهن بزرگ 50 سال دين تي هلندي ڪعبي ۾ گذاريا، ان پنهنجي دين کي هڪ ڇوڪريءَ جي عشق ۾ پاسيرو ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي دل ان جي پيرن ۾ ڏئي ڇڏي. ”تارسا“ نالي واري اها سهڻي ڇوڪري هڪ عيسائي گهراڻي سان واسطو رکندڙ هئي. شيخ صنعان جو اهو حال ڏسي سندس مريد سخت پريشان ٿي ويا. هنن کيس ڏاڍو سمجهايو ته هو پنهنجي نفس کي سنڀالي ۽ توبهه ڪري، پر شيخ صنعان سندن هڪ به نه ٻڌي. سندس دل ۽ دماغ تي ان عيسائي ڇوڪريءَ جو عشق پوريءَ ريت سوار ٿي چڪو هو ۽ هو ان جي عشق ۾ بي حال ٿي پنهنجي مٿي ۾ مٽي پيو وجهندو هو ۽ ان لاءِ پيو روئيندو، رڙندو ۽ تڙپندو هو. جڏهن ته مريد سندس اهو حال ڏسي سهي نه پئي سگهيا.هو مٿس ڏاڍو زور ڀريندا رهيا ۽ گڏوگڏ آٿت ڏيندي کيس چوندا رهيا ته شيطان تي ڦٽڪار وجهو، غسل ڪريو ۽ دل مان شيطاني خيالن کي ٻاهر ڪڍو، پر ڇوڪريءَ جي عشق ۾ ٻڏل شيخ صنعان تي انهن جي منتن ۽ ڳالهين جو ذري برابر به اثر نه پيو ۽ هو پنهنجي ناڙي ويٺل رهيو. نيٺ شيخ صنعان جي اهڙي حالت جي ڄاڻ ان سهڻي عيسائي ڇوڪريءَ کي به پئجي وئي ۽ هن وٽس وڃي سندس اهڙي حالت جو ڪارڻ پڇيو. جنهن تي شيخ صنعان اکين مان لڙڪن جون قطارون لاڙيندي ان ڇوڪريءَ کي ساڻس هڪ رات گڏجي گذارڻ جي درخواست ڪري ٿو. ڇوڪري جيئن ته عمر جي لحاظ کان 20 ورهين جي اندر هئي، جڏهن ته شيخ جي عمر 80 ورهين جي لڳ ڀڳ هئي، سو ڇوڪريءَ سندس اهڙي حالت کي ڏسندي کيس چيو ته؛ ”جيڪڏهن تو کي واقعي مون سان ايترو گهڻو عشق ٿي پيو آهي ته ان جو تو کي ثبوت ڏيڻو پوندو ۽ سچائي ثابت ڪرڻ لاءِ توکي اهو سڀ ڪجهه ڪرڻو پوندو جيڪو آئون چونديس“، جنهن تي شيخ به هاڪاري ڪندي دير ئي نه ڪئي، ڇوڪريءَ کيس پنهنجا شرط ٻڌائيندي چيو ته؛ ” تون بت جي پوڄا ڪر، قرآن کي باهه ڏي، پنهنجو دين ڇڏي ڏي ۽ شراب پي“، شيخ اهو ٻڌي ڪجهه پريشان ٿيو، جو ڇوڪريءَ جا اهي چارئي شرط اهڙا هئا جن کي اسلام ۾ سڀ کان وڏو گناهه سمجهيو وڃي ٿو، پر ان هوندي به شيخ ڇوڪريءَ کي منتون ڪيون ته؛ ” ٻيا شرط پورا نه ڪندس باقي رڳو شراب ضرور پيئندس“. جنهن تي ڇوڪريءَ سندس اها ڳالهه مڃي ورتي ۽ کيس پيئڻ لاءِ شراب ڏنائين، شراب پيئڻ کانپوءِ شيخ صنعان جو دماغ ان جي وس ۾ نه رهيو ۽ شراب جي نشي واري حالت ۾ هن ڇوڪريءَ جا ٻيا سمورا شرط پڻ نه رڳو قبول ڪيا پر انهن تي عمل به ڪري ڏيکاريو. شيخ جڏهن اهي شرط پورا ڪري ورتا تڏهن ڇوڪري کي رات گذارڻ جي گذارش ڪئي پر ڇوڪريءَ سندس اها ڳالهه مڃڻ لاءِ وڌيڪ هڪ شرط رکيو ته؛ ” هڪ سال تائين سوئرن کي به چاريندو رهه“، شيخ نئون شرط به قبول ڪيو.
شيخ صنعان جي مريدن جڏهن پنهنجي مرشد جو اهو حال ڏٺو ته هو نااميد ٿي ويا ۽ روئندي رڙندي واپس ڪعبي ڏانهن مڪي ۾ پهچي ويا، جتي هو مريدن جي سردار وٽ پهتا (جيڪو شيخ صنعان سان گڏ روم وڃڻ کان رهجي ويو هو) ۽ ان کي سڄي معاملي جي هنن جڏهن ڄاڻ ڏني ته هو مٿن سخت ڪاوڙجي پيو ۽ کين دڙڪا ڏيندي چيو ته؛ ” جيڪو ڪم اسان جي مرشد ڪيو ان جي اوهان پيروي ڇو نه ڪئي“.  پوءِ سمورا مريد ان معاملي ۾ الله کان مدد وٺڻ لاءِ 40 ڏينهن تائين اعتڪاف ۾ ويهي رهيا. ان دوران رسول الله صلي الله عليه وسلم سندن خواب ۾ اچي کين خوش خبري ٻڌائي ته شيخ صنعان کي الله سائين ساڳيو ئي رتبو واپس ڏنو آهي، اها خوش خبري ٻڌڻ کانپوءِ مريد روم ڏانهن ويا، جتي ڏٺائون ته شيخ صنعان ڪفر ۽ عشق جي معاملي کان پري ٿي سجدي ۾ پيل هو. هوڏانهن عيسائي ڇوڪريءَ کي شيخ صنعان سان ڪيل پنهنجي ورتاءُ تي پڇتاءُ ٿيو ۽ وٽس اچي پنهنجي لاءِ خدا کان معاف ڪرائڻ لاءِ دعا ڪرائي ۽ هوءَ پاڻ عيسائي مذهب ڇڏي اسلام قبول ڪري شيخ صنعان جي مريدياڻي ٿي وئي.
  • Wix Facebook page
bottom of page