top of page
      اسان کي اهو چوڻ ۾ ڪا به هٻڪ نه ٿي ٿئي ته، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ نه رڳو ان جي خالقن سان پر ان ۾ شامل سواءِ پنجاب جي باقي سمورن صوبن توڙي قومن سان تاريخي ويساهه گهاتي ڪئي وئي، يا ايئن به چئي سگهجي ٿو ته، هڪ خاص ذهنيت ئي ان آزاديءَ جو پنهنجي دلي خواهش ۽ مرضيءَ موجب فائدو ورتو. جڏهن ته باقي سموريون قومون يا صوبا آزاديءَ جي نالي ۾ ان خاص ذهنيت جي استحصال هيٺ اچي ويا.اڄوڪيون حالتون بلڪل اهي ئي آهن، جن جا امڪان ذهن ۾ رکندي محمد علي جناح ٻه قومي نظريي جي بنياد تي آزاديءَ جي واٽ ورتي.
 
              منهنجي هٿن ۾ هن وقت اياز عليءَ جو ڪتاب ”پاڪستان جو بنياد ٻه قومي نظريو يا صوبائي خودمختياري“ موجود آهي. نوجوان ليکڪ اياز علي ڪجهه وقت تائين اسان سان صحافتي سفر ۾ پڻ گڏ رهيو، پر هن وقت هو سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي سان لاڳاپيل آهي . جتي هو تحقيق جي ڪم ۾ رڌل آهي. هن پنهنجو اهو نئون ڪتاب ڪجهه ڏينهن اڳ ئي سوکوڙيءَ طور مون کي ڏنو. هن وقت تائين دوستن کان مليل ڪتابن ۾ اياز عليءَ جو هي ڪتاب مڙني ۾ موچارو آهي، جنهن جو ڪارڻ شايد تاريخ سان منهنجي دلچسپي به آهي. هي ڪتاب ايئن کڻي چئجي ته هندستان توڙي پاڪستان جو هڪ تاريخي دستاويز آهي. ڪتاب جو خاص محور پاڪستان جي آزادي ۽ ان جا ڪارڻ ئي آهي، پر ان کان اڳ هندستان جي مختلف دورن جي مختصر تاريخ ۽ اهم واقعن کي ضرور شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ليکڪ هن ڪتاب ۾ تاريخي حوالن سان اهو ثابت ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي آهي ته، پاڪستان جي آزادي جو بنياد جيتوڻيڪ عام طور تي ٻه قومي نظريو ئي سمجهيو وڃي ٿو پر حقيقت ۾ ان ملڪ جي قائم ٿيڻ جو بنياد ٻه قومي نظريو نه پر صوبائي خودمختياري هو. ملڪ جي آزادي کان پوءِ ان تي قابض ٿيل هڪ مخصوص اسٽيبلشمينٽ حقيقي ۽ مڪمل خودمختياري کان اکيون ٻوٽي ڇڏيون.
 
         هن ڪتاب ۾ اهو پڻ تاريخي حوالي سان ثابت ڪيو ويو آهي ته ٻه قومي نظريي جو خالق محمد علي جناح نه پر خود انگريز ۽ هندو اڳواڻ هئا. ليکڪ پنهنجي ڪتاب ۾ محمد ابراهيم جويي جي ڪتاب ” پاڪستان ۾ فرقيواريت جا نتيجا“ خوشنونت سنگهه جي ڪتاب ”دي اينڊ آف انڊيا“ ۽ زاهد چوڌريءَ جي ڪتاب ”مسلم پنجاب ڪا سياسي ارتقا“ سميت مختلف اهم ڪتابن جي حوالن سان لکي ٿو ته:
           
        ” 1940 واري ٺهراءُ کي منظور ڪرائڻ وقت به قومي نظريي جي به ڳالهه ٿي هئي. خاص طور تي جناح پنهنجي تقرير ۾ ٻه قومي نظريي تي روشني وجهي ان تي زور ڏنو هو. جنهن ڪري ئي جناح تي اهو الزام لڳندوآهي ته جناح ئي ٻه قومي نظريي جهڙي فرقيواريت واري ڳالهه ڪري ننڍي کنڊ کي مذهبي بنياد تي ورهائڻ لاءِ ڪم ڪيو، پر حقيقت ايئن نه آهي.اصل ۾ ننڍي کنڊ ۾ ٻه قومي نظريي واري ڳالهه سڀ کان پهرين خود انگريزن پنهنجي اسٽريٽجڪ مفادن لاءِ ڪئي هئي ته جيئن هتان جي مختلف قومي، نسلي ۽ ثقافتي اڪاين ۾ واضح طور تي فرق ۽ ٽڪراءُ واري حالت برقرار رهي سگهي. جيئن منجهن نه ٻڌي ٿي سگهي ۽ نه ئي وري اهي انگريز سرڪار لاءِ ڪو خطرو ٿي سگهن. اهو ئي سبب هو جو انگريز سرڪار جي هڪ اسڪالر سر ٿيوڊور موريسن کي هڪ مضمون لکڻو پيو. جنهن ۾ هن چٽي نموني لکيو ته؛
                
               ”ننڍي کنڊ ۾ هندو ۽ مسلمان ٻه ڌار ڌار قومون آهن“.
 
                   ان کان پوءِ وري هندو اڳواڻ ونياڪ دمودار ساوڪر ٻه قومي نظريي جي ڳالهه ڪري ان مذهبي لاڙي کي هٿي ڏني. جڏهن ته هڪ ٻيو هندو اڳواڻ لالا لجپت راءِ پڻ ٻه قومي نظريو اڀارڻ جو ذميوار هو. جنهن ننڍي کنڊ کي مذهبي بنيادن تي ورهائڻ وارو اهو نظريو 1924ع ۾ پيش ڪيو، لالا لجپت راءِ هڪ بنگالي اڳواڻ سي آر داس کي موڪليل هڪ خط ۾ لکيو ته ؛
 
             ”هندو ۽ مسلمان ٻه ڌار ڌار قومون آهن، جن کي هڪ ٻي سان ملا ئي هڪ قوم ڪري نه ٿو سگهجي.“
 
      ڪتاب ۾ اڳتي لکي ٿو ته؛ ” هندستان جا مسلمان اڳواڻ سر سيد احمد خان کان وٺي محمد علي جناح تائين به شروع ۾ ٻه قومي نظريي جا حامي نه هئا، ايتري تائين جو سر سيد احمد خان جهڙو مذهبي ماڻهو به ٻه قومي نظريي جي سخت خلاف هو ۽ هو به جناح وانگر ئي شروع ۾ هندو مسلم اتحاد جو وڏو حامي هو“.
 
              اصل ۾ اها ڪانگريس ۽ ان جي هندو ليڊرشپ ئي هئي، جنهن مسلمانن ۽ ٻين اقليتن ڏانهن انتهائي شائونسٽ ۽ حاڪماڻي ذهنيت جو مظاهرو ڪندي ڦورو سوچ ۽ اراده جو اظهار ڪيو . ان جي ئي نتيجي ۾ نيٺ آل انڊيا مسلم ليگ قائم ٿي وئي. ڪتاب ۾ ليکڪ وڌيڪ دليلن سان لکي ٿو ته؛ ” جناح ۽ مسلم ليگ ٻه قومي نظريي کي رڳو سياسي طور قبول ڪيو، ان جا ڪي مذهبي مقصد نه هئا، پر ان جو اصل مقصد رڳو هندستان جي اتر اولهه ۽ اتر اوڀر جي مسلمانن جي گهڻائي وارين رياستن کي مڪمل خودمختياري ڏيارڻ هو. يعني ٻه قومي نظريو قبولڻ جو مقصد رڳو انهن رياستن جي خودمختياري ڏيارڻ ئي هو، جنهن ڪري اهو چئي سگهجي ٿوته پاڪستان جو بنياد ٻه قومي نظريو نه پر صوبائي خودمختياري ئي هو.“ڪتاب جي ليکڪ اياز علي جي هيءَ تحقيق بيشڪ محنت جوڳي ۽ ڪارائتي ۽تاريخ سان دلچسپي رکندڙ لاءِ فائديمند پڻ آهي.
 
11-5-2014
 
  • Wix Facebook page
bottom of page