top of page

 

         چوندا آهن ته ”اُٺ تڏهن پي رڙيا جڏهن ٻورا پي سبيا“، هلندڙ سال جڏهن ڀارت جي عام چونڊن کان اڳ ئي نريندر مودي جي وزيراعظم ٿيڻ جون پڪيون اڳ ڪٿيون ٿي رهيون هيون، تڏهن ڀارت جي اقليتن خاص طور تي مسلمانن ۾ ڳڻتيءَ جي لهر پکڙيل هئي. ڇو ته هي اهو ئي مودي هو، جنهن جي نرڙ تي گجرات جي سوين بي گناهه مسلمانن جي رت جو ٽڪو لڳل هو. مسلمان آباديءَ جون دليون سندس دهشت سان ٿي ڌڙڪيون. اقليتن خاص طور تي مسلمانن ڏانهن سندس بي رحميءَ واري رويي ۽ انتهاپسنديءَ واري سوچ ۽ عملن سبب امريڪا جيڪڏهن کيس دهشتگرد قرار نه به ڏنو هو ته مٿس امريڪا ۾ اچڻ تي پابندي ضرور هڻي ڇڏي هئي.

 

         نريندر موديءَ جو گجرات جي وڏي وزير جي حيثيت سان مسلمان دشمن چهرو ته اڳ ئي پڌرو ٿيل هو، جنهن ڪري جڏهن ان جي وزيراعظم ٿيڻ جون ڳالهيون هلي رهيون هيون، تڏهن سندس انتهاپسند سوچ ۽ عمل سبب متاثر ٿيل مسلمان ضرور پريشان ٿيا هئا. ان هوندي به اها هڪ عام راءِ جڙي رهي هئي ته جيئن ته هُو هاڻي دنيا جي هڪ وڏي جمهوري ملڪ جي اهم ذميواري سنڀالي رهيو آهي، ته اهڙي صورت ۾ هن جي ماضي واري پاليسي ضرور تبديل ٿيندي ۽ هو هڪ ذميوار اڳواڻ جي حيثيت سان پنهنجي نئين سڃاڻپ ڪرائيندو.

 

         مسلمانن سان نفرت جو بنياد رکندڙ انتهاپسند تنظيم بي جي پي جي اڳواڻ نريندر موديءَ کي وزيراعظم ٿيندي اڃان ڪو گهڻو وقت نه گذريو آهي، جو ماڻهن جا هن جي حوالي سان پيدا ٿيل شڪ ۽ انومان سچ ثابت ٿي رهيا آهن. ان جي شروعات جو پهريون مرحلو پاڪستان جي سرحدي علائقي ۾ حملن ۽ ايل او سي تي ڇڪتاڻ جي صورت ۾ ڏٺو ويو. اهو معاملو اڃان مس ٿڌو ٿيو آهي ته ڀارت جي اندر هڪ نئين معاملي ملڪي سياست ۾ هلچل مچائي ڇڏي آهي. اهو آهي مسلمانن ۽ عيسائين کي زوري مذهب مٽائي هندو ڪرڻ جو معاملو.

 

         ڪجهه ئي ڏينهن ۾ اٽڪل 300 کان وڌيڪ عيسائين ۽ مسلمانن کي زوري هندو ڪيو ويو آهي.مسلمانن ۽ عيسائين کي زوري هندو ڪرڻ جي اها مهم بنا ڪنهن روڪ جي وڏي زور ۽ شور سان هلي رهي آهي.

 

         مسلمانن ۽ عيسائين کي زوري هندو ڪرڻ جي اها مهم آر ايس ايس يعني راشٽريه سوايم سيوڪ سنگهه شروع ڪئي آهي، جيڪا دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ بنيادي طور هڪ انتهاپسند هندو تنظيم آهي. 1925ع ۾ پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين ڀارت جي تاريخ ۾ غير هندن جي قتل عام ۽ مذهبي بنيادن تي وڳوڙن ۾ هن جو وڏو ڪردار رهيو آهي. 1927ع جا ناگپور وڳوڙ، 1949ع ۾ احمدپور وڳوڙ، 1970ع ۾ ڀڀونڊي وڳوڙ، 1971ع ۾ تلشيري وڳوڙ، 1979ع جا جمشيدپور وڳوڙ، 1982ع جا ڪنياڪماري وڳوڙ، 1989ع جا ڀاگلپور وڳوڙ، 1992ع ۾ ايوڌيا ۾ تاريخي بابري مسجد جي شهادت توڙي ان کان پوءِ جا به ڪيترائي وڳوڙ ۽ مسلمانن جو قتل عام هن ئي تنظيم جي کاتي ۾ شامل آهن. نه رڳو اهو پر هن ئي تنظيم جا هٿ ڀارت جي عظيم اڳواڻ مهاتما گانڌيءَ جي رت سان پڻ رڱيل آهن، گانڌيءَ جو قاتل نٿورام گوڊسي پڻ ان ئي تنظيم جو ميمبر هو.

 

         ڀارت مان مسلمانن جي نسل جو خاتمو ئي هن تنظيم جو مکيه مقصد آهي. جڏهن ته ان مقصد ۾ حڪومتي پارٽي بي جي پي سان گڏوگڏ، وشوَ هندو پريشد، بجرنگ دل، شِو سينا ۽ ٻيون سموريون انتهاپسند تنظميون پڻ ٻانهن ٻيلي آهن.

 

         راشٽريه سوايم سيوڪ سنگهه يا آر ايس ايس جيڪا اقليتن ڏانهن انتهائي بي رحميءَ وارو رويو رکي ٿي، ان”ڌرم پريورتن“ يا مذهب جي تبديلي جي مهم شروع ڪري ڇڏي آهي.جنهن هيٺ خاص طور تي ٻهراڙين جي غريب طبقي جي مسلمانن توڙي عيسائين کي زوري مذهب مٽائي هندو ڪيو پيو وڃي. آر ايس ايس ان مهم کي ”گهر واپسي پروگرام“  جو نالو ڏنو آهي ۽ ان تنظيم جي اڳواڻ موهن ڀڳوت جو چوڻ آهي ته ”هندستان ۾ ماضي ۾ رڳو هڪ ئي هندو قوم هئي، جنهن ڪري اسين هاڻي ان کي هڪ ڀيرو ٻيهر مڪمل هندو رياست ڪرڻ گهرون ٿا ۽ ان پروگرام هيٺ ڀارت ۾ رهندڙ سمورن مسلمانن ۽ عيسائين کي هندو ڪنداسين،“ جڏهن ته ڌرم جاگرن سميتي جي اڳواڻ راجيشور سنگهه ته کليل نموني اهو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته هن وقت تائين 3 لک ماڻهن جي ”گهر واپسي“ (مذهب جي تبديلي) ڪرائي چڪو آهيان، مون کي ان ڪم کان دنيا جي ڪا به طاقت نٿي روڪي سگهي. ڊسمبر 2021ع تائين ڀارت هڪ مڪمل هندو رياست ٿي ويندو.

 

          اها حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته مسلمانن ۽ عيسائين کي هندو ڪرڻ جو عمل ڪو لڪ ڇپ ۾ نه ٿي رهيو آهي، پر ان لاءِ کليل نموني مهم هلائي اعلان ڪري تقريبون ڪوٺائي اهو عمل ڪيو پيو وڃي. جنهن هيٺ گذريل آچر ڏينهن گجرات جي هڪ ڳوٺ ۾ هڪ تقريب دوران 200 عيسائين کي هڪ ئي ڏينهن ۾ زوري مذهب مٽائي کين هندو ڪيو ويو. ان عمل دوران مذهبي ساڙ جو مظاهرو ڪندي انهن عيسائين کي ڳچين ۾ پاتل مذهبي نشان صليب پڻ لاهي باهه ۾ اڇلائي ساڙيا ويا.

 

         ساڳئي ڏينهن رياست ڪيرالا ۾ پڻ 30 عيسائين کي ساڳئي نموني زوري هندو ڪيو ويو، جڏهن ته ان کان ڪجه ئي ڏينهن اڳ آگرا ۾ پڻ 50 کان وڌيڪ مسلمانن کي زوري هندو ڪيو ويو، اهي انگ اکر به ڀارتي اخبارن جا ظاهر ڪيل آهن.

 

          ان معاملي تي نه رڳو ڀارت جي عيسائين ۽ مسلمانن ۾ ڳڻتيءَ جي لهر پکڙيل آهي، پر مخالف ڌر سان واسطو رکندڙ سمورين پارٽين ان تي پنهنجو سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي. پارليامينٽ ۾ به ان معاملي تي مخالف ڌر ٽي ئي ڏينهن ڀرپور احتجاج ڪيو. ان باوجود وزيراعظم نريندر مودي ان معاملي تي بلڪل ماٺ آهي. هن سرڪاري طور تي ته ان معاملي تي پنهنجو ڪو به ردعمل ظاهر نه ڪيو پر مٿس وڌندڙ سياسي دٻاءُ سبب هن پنج ڏينهن اڳ پنهنجي پارٽيءَ جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ پنهنجي اتحادين ۽ پارٽي ميمبرن جي رويي سبب مجبور ٿي کيس وزارت عظميٰ تان استعفا ڏيڻ جي ڌمڪي ڏيڻي پئي پر وزيراعظم جي ان ڌمڪيءَ جو ذرو به اثر نه پيو ۽ ان ڌمڪيءَ کان ٻي ڏينهن تي ئي آر ايس ايس 230 عيسائين کي هندو ڪري پنهنجي طاقت ڏيکاري ڇڏي.

 

          وزيراعظم مودي ڄڻ بي وس نظر اچي رهيو آهي. جڏهن ته مسلمانن ۽ عيسائين کي هندو ڪرڻ جي مهم ۾ آر ايس ايس، وشوَ هندو پريشد، بجرنگ دل، شيو سينا، هندو مهاسڀا ۽ وزيراعظم نريندر موديءَ جا پارٽي ڀارتيءَ جنتا پارٽيءَ جا به ڪيتر ائي ميمبر سڀ هڪ ٿي چڪا آهن.

 

         مخالف ڌر جي پارٽين جو چوڻ آهي ته ”عيسائين ۽ مسلمانن کي لالچ ۽ دٻاءُ ذريعي هندو ڪيو پيو وڃي ۽ ڪيترن ئي مسلمانن شڪايت ڪئي آهي ته کين زوري مسلمان ڪيو ٿي وڃي“. جڏهن ته وزيراعظم نريندر موديءَ جي ماٺ باوجود ان جي پارٽيءَ جي اهم اڳواڻ امت شاهه ايترو ضرور چيو آهي ته ”ڪنهن کي به زوري مذهب تبديل نه ڪرائڻ گهرجي، اهڙي پابنديءَ لاءِ قانون ٺاهڻ گهرون ٿا.“  ان جي باوجود آر ايس ايس جو چوڻ آهي ته ڀلي قانون ٺهي پر اسان پنهنجو عمل جاري رکنداسين.

 

         ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ڀارت هن وقت اقليتن لاءِ غير محفوظ ٿيندو پيو وڃي. ماضي ۾ به مذهبي بنيادن تي خاص طور تي مسلمانن، عيسائين ۽ سکن جي قتل عام جا واقعا ان نالي ۾ نهال دنيا جي وڏي جمهوري ملڪ جي چهري تان پردو هٽائي کيس پڌرو ڪندا رهيا آهن. هزارين مسلمان، عيسائي توڙي سک مذهبي بنيادن تي تنگ ڪرڻ ۽ وڏي قتل عام باوجود پنهنجي ملڪ سان اهڙا ئي وفادار آهن جهڙا اتان جا هندو ان سان وفادار آهن.  هنن جو مرڻ به ان ملڪ سان آهي ته انهن جو جيئن به ان ئي ملڪ سان آهي. بابري مسجد کي شهيد ڪرڻ، گجرات ۾ مسلمانن جو قتل عام هجي يا 1948ع ۾ ڀارتي حيدرآباد جي مسلمانن جو قتل عام هجي، ڪڏهن به اتان جي مسلمانن اهڙن عملن کان ڊڄي ان ملڪ مان نه لڏيو ۽ نه ئي وري ڪڏهن اهڙي سوچ ئي ذهن ۾ آندي آهي. اتان جي مسلمانن به ان ملڪ جي آزادي توڙي ان کان پوءِ ان جي ترقيءَ ۾ به ايترو ئي ڪردار ادا ڪيو آهي جيترو هڪ هندو جو ڪردار آهي.

 

         هاڻ جڏهن آر ايس ايس جهڙيون انتهاپسند تنظيمون کليل نموني پوري هندستان جي سمورن مسلمانن توڙي عيسائين کي هندو ڪرڻ جا اعلان ڪري رهيون آهن ۽ جڏهن ان ملڪ جو وزيراعظم به انهن تنظيمن جي اڳيان بي وس ٿيل هجي ته  اهڙي وقت ۾ به اهي مسلمان توڙي عيسائي پرامن آهن، ڀارت کي ”مڪمل هندو رياست“ ڪرڻ جا خواب ڏسندڙ آر ايس ايس ۽ ان جي هم خيال تنظيمن جا اهي عمل دراصل ” دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوري ملڪ“  ڀارت جو اصل چهرو پڌرو ڪرڻ لاءِ ئي ڪافي آهن.

 

28-12-2014

  • Wix Facebook page
bottom of page