top of page

طاهر القادري
 

جنهن کي لاهور هاءِ ڪورٽ  ذهني طور بيمار شخص، ڪوڙو، دولت جو پوڄاري، خود غرض، خود پرست, شهرت جو بکيو ۽ احسان فراموش انسان قرار ڏنو هو

مراد علي شاهه بڪيرائي

       پاڪستان ۽ ڪئنيڊا جي گاڏر شهريت رکندڙ طاهر القادري اوچتو ڪئنيڊا مان پاڪستان ۾ نازل ٿي هتان جي سياست ۾ ڄڻ ته زلزلو آڻي ڇڏيو آهي. سندس 23 ڊسمبر تي لاهور واري جلسي ۾ لکين ماڻهن جي شرڪت ڄڻ ته هڪ ”معجزو“ يا ڪا ”ڪرامت“ ٿي پئي هئي. سڀني سياسي ڌرين، صحافين توڙي زندگي جي هر شعبي سان واسطو رکندڙ ماڻهن (سواءِ ايم ڪيو ايم جي) سڀئي قادري واري ان ”ڪرامت“ تي ڏاڍا حيران ۽ پريشان آهن، پر سڀني جي ذهن ۾ جيڪا هڪ ڳالهه ساڳي آهي، سا اها ته هيءَ ”ڪرامت“ رڳو ڪئنيڊائي قادري جي نه پر ڪن “ٻين“ جي آهي جيڪي انقلاب جي نالي ۾ پنهنجو اقتدار چاهين ٿا. اها ڳالهه رڳو سياستدانن ۽ صحافين ئي نه، پر ” انهن“پڻ محسوس ڪئي ته ماڻهو معاملي کي ڪجهه ته سمجهي ضرور ويا آهن، ۽ پوءِ ترديدون به اچڻ شروع ٿي ويون.
پاڪستان جي هاڻوڪي نظام مان بيزار ته جيتوڻيڪ هر هڪ ماڻهو ڏسجي ٿو ۽ اهو ڄڻ ته ڪنهن انقلاب جو پڻ منتظر آهي. ماڻهن جي اها سوچ ڏسندي، انقلاب ذريعي اقتدار چاهيندڙن  ان سوچ جو فائدو وٺڻ جي به ڀرپور ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ انهن ڌرين پهرين ان ” انقلاب“  جو ابو عمران خان کي ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لاٿو پر سياسي پچ تي ان جي بالنگ پهرئين بال کانپوءِ ناڪام ٿي وئي ته وري انهن ئي ڌرين قادري جي ”ڪرامت“ ذريعي انقلاب جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا پڻ ڪامياب ٿيندي نظر نه پئي اچي، جو ان کي سواءِ ايم ڪيو ايم جي باقي ملڪ جي عوام جي ڪابه حمايت ملي نه سگهي آهي. انهن سڀني جا گهڻا ڪارڻ ته خود قادري جي تڪراري شخصيت پڻ آهي، جيڪا هتان جي ماڻهن لاءِ ڪنهن به صورت ۾ قبولڻ جوڳي نه آهي. گڏوگڏ طاهر القادري جي شخصيت رڳو اڄ ئي نه پر گهڻي وقت کان ڏاڍي تڪراري پڻ رهي آهي. ان جي شخصيت تي هر پاسي کان ڪالهه به آڱريون کڄي رهيون هيون ته اڄ پڻ ڪجهه وڌيڪ ئي کڄي رهيون آهن. ڪيترائي اهڙا سوال پڻ اٿاريا ويا آهن جن جو هو اڃان تائين ڪو مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهيو آهي.
طاهر القادري جي حوالي سان رڳو ويجهڙ ۾ ئي ڪي تڪراري ڳالهيون سامهون نه آيون آهن، پر هن جي گذريل زندگي پڻ اهڙن تڪراري معاملن سان ڀريل آهي، جنهن جو هڪ وڏو ثبوت لاهور هاءِ ڪورٽ جو اهو تاريخي فيصلو پڻ آهي، جيڪو ان عدالت 8 آگسٽ 1990ع تي ٻڌايو هو.
21 اپريل 1990ع تي لاهور ۾ ان وقت جي پاڪستان عوامي تحريڪ جي چيئرمين ڊاڪٽر طاهر القادري جي گهر تي (سندس چوڻ موجب) فائرنگ جو واقعو ٿيو. طاهر القادري موجب اهو فائرنگ جو واقعو رات جو سوا هڪ لڳي ٿيو هو. فائرنگ جي ان واقعي کي ان وقت به هڪ ناٽڪ ئي سمجهيو پئي ويو، پر ان هوندي به ان واقعي جي جانچ ڪرڻ لاءِ پنجاب حڪومت 30 اپريل 1990ع تي هڪ ٽربيونل جوڙڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. اهو ٽربيونل لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس فضل ڪريم جي سربراهي ۾ ٺهيو. ان ٽربيونل فريادي طاهرا لقادري ۽ 11 شاهدن جا بيان ورتا، پر اڳتي هلي 9 جولاءِ 1990ع تي ايڊووڪيٽ جنرل ۽ طاهر القادري جي وچ ۾ آڏي پڇا دوران طاهر القادري جانچ ۾ ساٿ ڏيڻ کان لاچاري ظاهر ڪئي. جنهن تي پنجاب حڪومت 14 جولاءِ 1990ع کان پوءِ 30 اپريل واري نوٽيفڪيشن ۾ تبديلي ڪندي جسٽس فضل ڪريم جي جاءِ تي جسٽس اختر حسين کي ٽربيونل جو سربراهه مقرر ڪيو، جنهن ان معاملي جي جانچ مڪمل ڪئي. ان کان اڳ جڏهن طاهر القادري پهرئين جج تي اعتراض ڪيو، تڏهن هن ڪيس جي نئين سر جانچ تي ضد ڪيو ۽ ايتري تائين چئي ڏنائين ته ”جيڪڏهن منهنجي اها گهر پوري نه ڪئي وئي ته عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيندس“ جڏهن ٽربيونل جي نئين سربراهه سندس اها گهر پوري نه ڪئي ته طاهر القادري پنهنجي ڏنل ڌمڪي موجب عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو.
8 آگسٽ 1990ع تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس اختر حسين  جانچ مڪمل ڪري ان ڪيس جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. جاري ڪيل پنهنجي فيصلي ۾ جسٽس اختر حسين  لکيو ته ”ڊاڪٽر طاهر القادري پنهنجي ڏنل بيان ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو هو ته مٿس اسلامي جمهوري اتحاد ۽ جماعت اسلامي جي فدائين حملو ڪيو آهي“ فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ”جيئن ته مسٽر قادري آمهون سامهون سوالن جا جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڪارروائي کان ڀڄي ويو هو، ان ڪري رام ڪمار جي ڪيس کي سامهون رکندي سندس بيانن کي ڪابه اهميت نه ڏني وئي“. مفتي غلام سرور قادري ٽربيونل ۾ ڏنل پنهنجي بيان ۾ چيو ته ”طاهر القادري قرآن پاڪ جي آيتن جو ترجمو غلط ڪندو رهيو آهي، اهڙي ريت هن الله تعاليٰ جي حوالي سان ڪوڙ ڳالهايو“ هن چيو ته ”طاهر القادري حديثن جو ترجمو به غلط ڪندو آهي“. غلام سرور قادري پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ”طاهر القادري غلط بياني کان ڪم وٺندي پنهنجي اداري منهاج القرآن ۾ پڙهندڙن شاگردن جو تعداد 12 هزار ٻڌايو، جڏهن ته اتي صرف 150 شاگرد پڙهن ٿا“. غلام سرور قادري وڌيڪ چيو ته ”هڪ ڀيري جمع جي نماز ۾ طاهر القادري 45 منٽ دير ڪري ڇڏي، ڇو ته ان ڏينهن صدر ضياءُ الحق ان مسجد ۾ نماز پڙهڻ لاءِ اچي رهيو هو. هن پهرين ته هڪ عورت جي حڪمران ٿيڻ جي مذمت ڪئي ۽ پوءِ پنهنجي بيان جe ابتڙ ڪردار ادا ڪيو. ميان نواز شريف ۽ ان جي ڪٽنب جهڙي ريت طاهر القادري ۽ ان جي اداري تي لکين رپيا خرچ ڪيا، ان احسان جو بدلو جهڙي انداز سان طاهر القادري کين ڏنو اهو به مذمت جوڳو آهي“. ٽربيونل ۾ هڪ ٻئي شاهد ملڪ فيض الحسن جنهن جا طاهر القادري سان ڏاڍا گهرا لاڳاپا رهيا آهن ۽ جنهن منهاج القرآن ادارو ٺاهڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، تنهن پنهنجي بيان ۾ طاهر القادري کي احسان فراموش، بي شڪر، خود غرض، ڪوڙو، دولت جو پوڄاري، خود پرست ۽ شهرت جو بکيو انسان قرار ڏنو آهي. ملڪ فيض الحسن ٽربيونل ۾ ڏنل بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ”طاهر القادري کي ميان محمد شريف (نواز شريف جو پيءُ) متعارف ڪرايو، ان ئي طاهر القادري جو پرڏيهه مان وڏي خرچ تي علاج ڪرايو، ڀارت مان سندس زال جو علاج پڻ ڪرايو، کيس سيمينٽ جي ايجنسي وٺي ڏني ۽ ان کي هلائڻ لاءِ پئسا پڻ ڏنا، ان کان علاوه ميان محمد شريف طاهر القادري کي سندس اداري لاءِ 180 ڪنال زمين پڻ ڏني“.
ملڪ فيض الحسن وڌيڪ چيو ته ”طاهر القادري سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڏاڍو بي قرار هو، سياست ۾ اچڻ جو کيس ڏاڍو گهڻو شوق ۽ اهو ته مذهب سان ان جي محبت رڳو هڪ ڍونگ آهي، مٿس ڪنهن به سياسي بنيادن تي حملو نه ڪيو آهي، ان جي پارٽي جي ته ڪا خاص سڃاڻپ پڻ نه آهي ۽ ئي اڄ تائين ڪو ايم پي اي يا ايم اين اي سندس پارٽي ۾ شامل ٿيو آهي“.
جسٽس اختر حسين پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته ”طاهر القادري جي رويي جي ڪري سندس بيانن کي جيتوڻيڪ خارج ڪيو ويو، پر ان ڪيس جي شاهدن جي شاهدين سان سندس ڪردار کي گهڻو نقصان پهتو، جڏهن اهو ڏٺو وڃي ٿو ته هن (طاهرالقادري) ڪهڙي انداز سان پئسا گڏ ڪيا، اهڙي ديني عالم مان اهڙي اميد نٿي ڪري سگهجي. هن جي گهر جو ڪرايو به ملڪ فيض الحسن ڀريندو هو، ميان محمد شريف جي مدد سان هن گهر خريد ڪيو، پنهنجي پٽن لاءِ سيمينٽ جي ايجنسي ورتي، ان کي هلائڻ لاءِ پئسا به ان کان ورتا، پنهنجو ۽ زال جو علاج به پرڏيهه مان ان جي خرچ تي ڪرايو، گاڏيون به محمد شريف جون ئي استعمال ڪندو رهيو، مفاد ماڻڻ لاءِ ايئن لڳي ٿو ڄڻ مسٽر قادري جهڪڻ مناسب نه سمجهيو، پر قادري جو رويو اهو ظاهر ڪري ٿو ته هن انهن احسانن جي ڪابه پرواهه نه ڪئي، هن جي رويي ۽ بيان ۾ شڪر ڪرڻ ۽ احسان مڃڻ جي ته ڪاڳالهه ئي نه ٿي ڏسجي“.
جسٽس اختر حسين پنهنجي فيصلي ۾ طاهر القادري جي گهر ۾ فائرنگ جي معاملي تي لکيو ته ” فارنسڪ سائنس ليبارٽري جي انچارج ايس پي محمد اشرف جي بيان موجب جيڪي نشان طاهر القادري جي سمهڻ واري ڪمري جي ڀت ۽ دروازي تي گولين جا ٻڌايا ويا آهن، سي اصل ۾ گولين جا نه آهن، ڇو ته جنهن هنڌ تان فائرنگ ٿيل ٻڌائي وئي آهي اتان کان اهي گوليون اتي پهچي ئي نٿيون سگهن. گولين جو معائنو ڪندڙ هڪ گولي تي لڳل رت بابت ٻڌايو ته اهو رت ڄميل نه هو، جنهن جو مطلب اهو آهي ته اهو اصلي رت نه آهي پر اهو دوائن يا ڪيميائي شين سان ٺاهيل هو، جنهن ڪري اهي سموريون شاهديون اعتبار جوڳيون نه آهن“.
جسٽس اختر حسين فيصلي ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته ”ايڊووڪيٽ جنرل ڪيترا ٻيا نقطا پڻ پيش ڪيا، جن جو مقصد اهو ظاهر ڪرڻ هو ته طاهر القادري تي فائرنگ وارو اهو واقعو حقيقي نه هو، ان جو ثبوت اهو ٻڌايو ويو هو ته طاهر القادري ۽ ان جي ساٿين ڪجهه وقت اڳ هٿيارن سان هڪ جلوس ڪڍيو هو ۽ هنن قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي، جنهن تي هنن جي هٿيارن جا لائسنس رد ڪرڻ جو ڪيس هلي رهيو هو، ايڊووڪيٽ جنرل جي راءِ موجب طاهر القادري پنهنجي هٿيارن جا لائسنس بچائڻ لاءِ اهو ڪوڙو ناٽڪ ڪيو هو. ان واقعي جو ٻيو سبب شهرت حاصل ڪرڻ پڻ آهي، جنهن جو کيس ڏاڍو شوق آهي، جڏهن ته هو پنهنجو پاڻ کي مريض قرار ڏيڻ کان پڻ بچائڻ جي ڪوشش ۾ آهي. جانچ دوران جڏهن اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جڏهن ميان محمد شريف کيس گهڻي دولت به ڏني ته پوءِ هو ان جي خلاف ڇو ٿي پيو. هو ته ان جو محسن هو. طاهر القادري جي زندگيءَ جو معيار اوچتو وڌي ويو آهي ۽ جيڪو هن جي ڪمائي جي ڀيٽ ۾ گهڻو مٿانهون آهي. ايڊووڪيٽ جنرل جو خيال آهي ته طاهر القادري آءِ جي آءِ ۽ پيپلز پارٽي جي اختلافن جو ڀرپور فائدو ورتو ۽ پيپلز پارٽي کان ان جي وڏي قيمت ورتي“.
عدالت فيصلي ۾ وڌيڪ لکيو ته ”طاهر القادري جي ذهني ڪيفيت جو اندازو ان نقطي مان ٿئي ٿو جيڪو هن جي خوابن جي حوالي سان ڏنو ويو آهي، ڪيل جانچ مان نتيجو اهو نڪتو آهي ته طاهر القادري فائرنگ جو واقعو حقيقي نه هو، ان جيڪو نقصان ظاهر ڪيو آهي سو سندس ئي ڪوششن جو نتيجو آهي.“
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اختر حسين پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ لکيو ته ”طاهر القادري عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو پر پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ هو ان بابت تبصرو ڪرڻ کان نه مڙيو. خاص طور تي هن شاهدن ملڪ فيض الحسن ۽ مولانا غلام سرور قادري کي اعتماد نه ڪرڻ جوڳو ڪوٺيو. هن ڪجهه اهڙا خواب پڻ ٻڌايا جيڪي نبيءَ  جي شان ۾ گستاخي جي برابر آهن. مثال طور هن دعويٰ ڪئي ته هڪ خواب ۾ نبي ڪريم صلي الله عليهه وآلهه وسلم جن کيس فرمايو ته سندس عمر 33 سالن مان وڌائي 66 سال ڪئي وئي آهي، پر پوءِ ان تي اعتراض ته سندس عمر نبي ڪريم صلي الله عليهه وآلهه وسلم جن جي عمر کان وڌيڪ نه ٿيڻ گهرجي، تنهن ڪري عمر گهٽائي 63 سال ڪئي وئي. سندس ان عمل مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته طاهر القادري ذهني طور هڪ بيمار شخص آهي، ان ڪري هو پنهنجي دشمنن کان جيڪو ڪير به ٿي سگهي ٿو، حد کان وڌيڪ ڊنل آهي. کيس دشمن فوبيا ٿي پئي آهي. طاهر القادري پنهنجا اهي مخصوص خواب ٻڌائڻ لاءِ ڏاڍو بي قرار رهندو آهي، جنهن مان سندس ذهني ڪمزوري ظاهر ٿئي ٿي.  ٿي سگهي ٿو ته هو ڪي خواب ڏسندو هجي پر هو پنهنجي خوابن کي هڪ خاص انداز ۾ بيان ڪري ٿو ۽ پنهنجي شخصيت کي هڪ خاص رنگ ڏئي ڇڏي ٿو. اهڙي ذهنيت رکندڙ شخص ڪجهه به ڪري سگهي ٿو. سندس گهر تي فائرنگ ٿيڻ جي ناٽڪ کي پڻ ان ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.
 

  • Wix Facebook page
bottom of page