top of page

اجها ٿيا ڦلهيار، ڪٿي آ سرڪار؟
 

مراد علي شاه بڪيرائي

       سورن سٽيل هن سنڌ ۾ جيئن ئي سياري جو سيءُ پنهنجا پير سوري پنهنجي واٽ وٺي ٿو ۽ بهار جي مند پنهنجي جوڀن سان گلن جا جهول ڀري موٽي اچي ٿي، تڏهن سنڌ جي ڳچ ڳوٺن، واهڻن ۽ وسندين ۾ اها مند سورن جو ڄڻ سنيهو به کڻي پهچي ٿي. اها بهار ۽ ان جي پٺيان پيرا کڻي ايندڙ اونهارو ويتر ايذائيندڙ عذاب ٿي پوي ٿو. ڄامشوري ۽ حيدرآباد جهڙيون هوائون جڏهن جهولا ٿي غريبن جي جهوپن تي ڀڀڙ ڀڙڪائي ڇڏين ٿيون، تڏهن اهي گهڙيون انهن غريبن کي ڄڻ قيامت جي جهلڪ پسائين ٿيون.
هي اهي ئي ڏينهن آهن، جڏهن روز ڪنهن هڪ نه پر ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ قيامت ڪڙڪي ٿي. اخبارن ۾ ته 3 کان سنگل ڪالم تائين جون خبرون هڪ ڏينهن ڇپجڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن اهي ساڳيا ڪالم ڪن حسينائن جون ادائون پيا پسائيندا آهن يا وري عوام کي ڏٽا ڏيندڙ ليڊرن جي بيانن سان ئي ڀرجي ويندا آهن پر هي غريب ۽ مسڪين ماروئڙا جن جا گهر ڀڀڙن سان ڀڙڪي ڦلهيار ٿي هوائن ۾ وکري وڃن ٿا، سي پوءِ ان درد جي چڪيءَ ۾ پيا پيسجندا آهن. پر عوام جي ”خدمت“ ۾ رات ڏينهن رڌل هن سرڪار نامدار کي ان پاسي ڌيان ڏيڻ لاءِ گهڙي کن لاءِ به فرصت نه آهي.
اخباري آفيس ۾ جڏهن اسين شام جو ڇهين وڳي پنهنجي پنهنجي ميز سنڀالي ساري سنڌ مان آيل خبرن جي ڇانٽي ڪرڻ لڳون ٿا تڏهن اسان جي هٿن مان گذرندڙ ڪيتريون ئي خبرون رڳو سنڌ جي ڳوٺن ۾ غريبن جي جهوپڙن تي لڳندڙ باهه بابت ئي هونديون آهن. اهو عمل ڪنهن هڪ ڏينهن جو نه هوندو آهي پر اونهاري جي مند جو اهو معمول ئي هوندو آهي. اسان وٽ ته ان خبر جو معيار اهو ئي هوندو آهي ته هڪ کان پنج گهرن جي سڙڻ جي خبر هڪ ڪالم کان نه وڌي سگهندي آهي ۽ 10 کان 20 گهرن جي سڙڻ جي خبر جو ٻن ڪالمن کان نه وڌڻ ۽ 30 کان 60 گهرن جو پورو ڳوٺ سڙڻ باوجود اها خبر ٽن ڪالمن کان وڌيڪ ٿي ئي نه ٿي سگهي. اها اسان جي شايد مجبوري ۽ متاثر غريبن ۽ مسڪينن جي شايد بدقسمتي آهي جو سرڪار جي سنگل کان 3 ڪالمن تائين جي خبرن ڏانهن اک ئي نه ٿڙندي آهي. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته شايد ڪڏهن ڪنهن ايم پي اي، ايم اين اي، صلاحڪار يا ڪنهن وزير جو ڪو افسوس جي اظهار جهڙو اڳ ئي تيار ٿيل ڪو بيان ٿورڙي تبديليءَ سان جاري ضرور ٿي پوي ها.
منهنجي ان صحافتي مشاهدي ۽ ڪاٿي موجب هر سال هنن ڏينهن ۾ سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڏيڍ کان ٻه هزار تائين گهر باهه لڳڻ سبب سڙي وڃن ٿا، جن ۾ لکين روپين جو مالي نقصان ٿئي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن جاني نقصان پڻ ٿيندو رهي ٿو. شايد منهنجو اهو ڪاٿو اصل نقصان کان گهڻو گهٽ به هجي. ڳوٺن ۾ باهه جي واقعن جو اهو سلسلو هر سال  مارچ کان شروع ٿي آگسٽ تائين جاري رهندو آهي . ان دوران  اٽڪل هڪ کان 2 هزار ڪٽنب پنهنجا گهر سڙڻ سبب بي گهر ٿي وڃن ٿا پر اڄ تائين عوام جي خدمت جي دعويدار حڪومتن هنن غريب ۽ مسڪين جهانگيئڙن جي مدد يا بحاليءَ لاءِ عملي اپاءِ وٺڻ ته پري ٿيو پر ڪڏهن هن پاسي سوچيو ئي نه آهي.
قدرتي آفت رڳو ٻوڏ طوفان ۽ زلزلي کي ئي نه چئبو آهي پر ڳوٺن جا ڳوٺ باهه جي واقعن ۾ سڙي وڃڻ پڻ قدرتي آفتن جي وصف ۾ اچي ٿو. هي غريب باهه جا متاثر ڳوٺاڻا به سرڪاري توڙي غير سرڪاري امداد جا ايترائي حقدار هوندا آهن، جيترا خيبرپختونخوا ۽ اترين علائقن ۾ زلزلي جا متاثر يا قبائلي علائقن ۾ دهشتگردي خلاف هلندڙ ويڙهه سبب ٿيندڙ متاثر حقدار هوندا آهن. هي غريب پڻ ان ئي سرڪار جي راڄ جا رهواسي آهن، جنهن ۾ خيبرپختونخوا ۽ اترين علائقن جي زلزلي جا متاثر يا ڪراچيءَ ۾ باهه جي واقعن ۾ مارڪيٽون سڙڻ سبب ٿيل متاثر رهواسي آهن، جيڪڏهن منجهن ڪو فرق آهي ته رڳو اهو ته هنن غريبن تائين وڏن ٽي وي چئنلز جون نه ڪئميرائون ٿيون پهچن ۽ نه وري سندن ئي ووٽن تي کانئن پري ٿي ويل ”عوامي نمائندا“ ٿا پهچن.
ڇو نه اکيون رت رئن سرڪار ۽ سماج جي اهڙي بي حسيءَ تي، هڪ پاسي شهري علائقن جا اهي ماڻهو آهن جن جا دڪان وڳوڙين هٿان سڙن ٿا ته پوري جي پوري سرڪار ۽ اسان جا ميڊيا وارا به ڪئميرائون کڻي پهچي وڃن ٿا. جن واپارين جا انهن دڪانن کان علاوه ٻيا به ڪي ئي ڪاروبار توڙي بئنڪ بئلنس پڻ موجود هوندا آهن، ان باوجود سرڪار سندن سهائتا ڪرڻ ۾ دير ئي نٿي ڪري، اسين سندن سهائتا ٿيڻ تي ارها نه آهيون، پر هي مسڪين جيڪي سڄي عمر هر هلائي، ريڙها گهلي مس وڃي ڪو پنهنجو اجهو ٿا اڏين ۽ اهو اجهو ئي سندن پوري عمر جي ڪمائي هوندو آهي سو به جڏهن باهه جي واقعن جي ور چڙهي وڃي ٿو ته پوءِ انهن وٽ سواءِ انگ تي پيل ٻن اڳڙين جي باقي ته ڪجهه به نٿو رهي، نه انهن وٽ ناجائز منافع سان بئنڪن جا لاڪر ڀريل هوندا آهن، نه سندن ڪي ٻيون ملڪيتون لڪل هونديون آهن، کانئن اهو اجهو کسجڻ کان پوءِ ته مٿو لڪائڻ لاءِ ڪو ڇپر به نه ٿو رهي، پر ان باوجود هي مسڪين سرڪار جي اکين کان ئي اوجهل آهن. هنن تائين سرڪار ته نه ٿي پهچي پر سماج جا ٺيڪيدار (اين جي اوز) به هن پاسي ڪو لئوڻو ئي نٿا هڻن ته هي به ڪي انسان آهن، جن کي به سندن مدد جي وڌيڪ گهرج آهي. سرڪار جي بي حسيءَ جي حد ته اها آهي جو ان وٽ مري ويلن جي قبرن تي ڇانوَ ڪرڻ ۽ سندن نالن تي روڊن ۽ چوراهن تي اجايا يادگار ٺهرائڻ لاءِ ته ڪروڙين روپين جا فنڊ آهن، پر رڳو باهه ۽ ٻين واقعن جي متاثر غريب ۽ مسڪينن جو مٿو ڍڪڻ ۽ هڪ ويلو مانيءَ لاءِ ڪجهه به نه آهي. انهن مسڪينن لاءِ جيڪي بقول ڀٽو جي ”طاقت جو اصل سرچشمو“ آهن.
 

  • Wix Facebook page
bottom of page