top of page

ڀاڳن وارا لوٽا​

مراد علي شاه بڪيرائي

         ڪَرو هڪ اهڙو ٿانوُ آهي جيڪو هر انسان جي گهرج آهي. شايد ئي ڪو گهر اهڙو هجي جتي اهو ڪَرو موجود نه هجي. جو هاڻ ڪن بنگلن ۾ پريشر پائيپ پڻ استعمال ٿيڻ شروع ٿيا آهن، پر تنهن هوندي به ڪَرن جي اهميت اڃان به گهٽ نه ٿي آهي. انهن ڪَرن کي اردو ۾ ” لوٽا“ چيو ويندو آهي ۽ سياست ۾ اهو لوٽو ڏاڍو مشهور آهي.
مون ڪڏهن ٻڌو هو ته ڪو شريف ۽ بزرگ قسم جو هڪ شخص ڪَرو ڀڄي پوڻ تي روئي رهيو هو، جنهن تي ڪنهن کيس آٿت ڏيندي چيو ته ادا مڙئي خيرآهي اها به ڪا روئڻ جي ڳالهه آهي ڇا. ڪَرا ڪنڀارن وٽ کوڙ آهن، هڪڙو ڀڄي پيو ته ڇا ٿي پيو، اهڙو ڪرو ته ٻيو به ملي پوندو. جنهن تي ان شخص کيس چيو ته تون صحيح ٿو چوين، ڏک اهو نه آهي ته ڪو ٻيو ڪرو ملي نه سگهندو، پر ڏک ان جو اٿم ته اهو ئي پهريون ڪرو هو جنهن منهنجي اوگهڙ ڏٺي ۽ پر هاڻ وري ٻيو ڪرو منهنجي اوگهڙ ڏسندو، ان تي شرمسار آهيان ۽ ان ئي ڳالهه جو ڏک اٿم.
ڪري يا لوٽي جي اهميت جو مون کي اندازو تڏهن ٿيو، جڏهن مون کي 2004ع ۾ پهريون ڀيرو ملڪي سطح جو ايوارڊ ان وقت جي وزيراعظم شوڪت عزيز جي هٿان مليو. مون کي بهترين ڪارٽونسٽ جو اهو ايوارڊ ان ئي ڪارٽون تي مليو هو جنهن ۾ مون شوڪت عزيز واري حڪومت لوٽن تي بيٺل ڏيکاري هئي. جنهن تي ايوارڊ وٺڻ مهل ان وقت جي وزيراعظم شوڪت عزيز سان گڏ بيٺل ان وقت جي اطلاعات واري وزير شيخ رشيد مرڪندي ۽ مذاق واري انداز ۾ چيو، ”شاهه جي ڪارٽون به اسان تي ٺاهيئي ۽ ايوارڊ به اسان کان ئي وٺي وئين.“ لوٽن واري ان ڪارٽون تي ايورڊ ملڻ تي مون کي احساس ٿيو ته واقعي لوٽن جي وڏي اهميت آهي.
سياست ۾ نه رڳو لوٽا پاڻ ڀاڳن وارا ٿيندا آهن. پر اهي لوٽا جن سان به گڏ هوندا آهن تن جا ڀاڳ به ضرور کلندا آهن. هونئن ته هر دور ۾ئي لوٽن کي وڏي اهميت ملندي آهي، پر پرويز مشرف جي حڪومت ۾ انهن لوٽن جو مانُ ڪجهه گهڻو مٿانهون ٿي ويو هو، جو سمورا لوٽا هڪ هنڌ تي گڏ ٿي چڪا هئا. هي لوٽا ٻين جي ڀيٽ ۾ ڪجهه وڌيڪ ڀاڳ وارا ٿيندا آهن، جو اهي سدائين اقتدار جي ريل ۾ ئي رهندا آهن، پر جيڪي ماڻهو پارٽين جا وفادار هوندا آهن، سي وري گهڻو وقت جيل ۾ ئي رهندا آهن.
ڪجهه وقت اڳ جڏهن شايد پنڊيءَ واري پاسي کان ڪو هوا جو جُهوٽو لڳو ته ڪجهه لوٽا رڙهي وڃي عمران خان جي پاسي پيا، پر هاڻ جڏهن چونڊن جو وقت ويجهو اچي رهيو آهي، ته لوٽا گڏ ڪرڻ جو مقابلو به شروع ٿي ويو آهي. اهو مقابلو سنڌ مان شروع ٿيو ۽ ميان نواز شريف ان جو افتتاح ڪيو. جنهن کانپوءِ طاقت جو سرچشمو عوام کي سمجهندڙن کي به شايد اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي آهي ته طاقت جو اصل سرچشمو لوٽا ، وڏيرا ۽ سردار آهن، نه ڪي غريب عوام. هنن پ پ وارن کي ته اها به پڪ آهي ته اهو غريب عوام جيڪو 40 سالن کان اڃان به اٽي جي آسري تي ويٺو آهي، سو ڀلا ايترو طاقتور ڪٿان ٿيو جو ڪنهن کي اقتدار ڏياري يا بچائي سگهي. اهو غريب عوام جيڪو پاڻ اڃان لٽي ۽ اجهي جي آسري ۾ به ويٺل آهي سو ڀلا ڪيئن ٿو ڪنهن کي اعليٰ ايوانن تائين پهچائي سگهي.
پيپلزپارٽيءَ جا ڪارڪن به ڏاڍا ڪي اياڻا آهن، جو اهي اڃان به سمجهن ٿا ته اهي ئي طاقت جو سرچشمو آهن. انهن جيڪڏهن لٺيون کاڌيون، جيڪڏهن جيل ويا، رستن تي ڌرڻا هڻي اُسن ۾ بيهي پنهنجا لڱ ساڙيا، گوليون کائي رت وهايو ته ڇا سندن قيادت اهو ئي ڪندي جيڪا سندن مرضي ٿيندي؟ اهو ته نه اڳ ڪڏهن ٿيو آهي نه ئي اڳتي ڪڏهن ٿيڻو آهي. پر انهن کي ڪير ٻڌائي ته رڳو جيل وڃڻ ۽ لٺيون کائڻ سان ئي ڪنهن کي اقتدار تي نٿو پهچائي سگهجي. اقتدار لاءِ رت جي نه پر ووٽ جي گهرج ٿيندي آهي، هڪ ڪارڪن ته هڪ ئي ووٽ ڏئي سگهي ٿو. پر هڪ لوٽو، هڪ وڏيرو يا هڪ سردار ته پنهنجي غلامن جا هزارين ووٽ رڳو هڪ حڪم سان ڏياري سگهي ٿو. جنهن عوام کي ذوالفقار علي ڀٽو طاقت جو اصل سرچشمو ڪوٺيو هو اهو سرچشمو ته انهن وڏيرن ۽ سردارن جي وس ۾ ئي آهي. اوهان انهن وڏيرن ۽ سردارن کي هڪ ئي پارٽيءَ ۾ هميشه نه رهڻ جي ڪري ڀلي کڻي لوٽا چئو پر اهي لوٽا ئي ته ڀاڳن وارا آهن. اهي اقتدار ڏيارڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪن ٿا ته پاڻ به هميشه اقتدار جي ريل ۾ ئي رهن ٿا. ڇو ته هيءَ آهي انڌير نگري.
 

  • Wix Facebook page
bottom of page