top of page

تياريون مڪمل ....

مراد علي شاه بڪيرائي

          جولاءِ شروع ٿي ويو آهي. سانوڻ به اچي ويو آهي. مٿي مينهن جي ملائڪن تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن ته هيٺ وري سرڪار سڳوريءَ جو چوڻ آهي ته ان به مينهن ۽ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. جڏهن 2010ع ۾ ٻوڏ آئي هئي ته سرڪار سڳوريءَ ٻي سال 2011ع جي ان مينهوڳيءَ واري مند جي شروع ٿيڻ کان اڳ پڻ اهڙيون ئي خوشخبريون ٻڌائي پنهنجي عوام کي آٿت ڏني هئي ته سرڪار مينهن ۽ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جا سمورا انتظام ڪري ورتا آهن ۽ پوءِ سڄي دنيا ڏٺو ته ڪيئن نه شاخون، واهه، ڪئنال ۽ سم نالا ٽٽي پيا ماڻهو توڙي مال ڪيئن نه ڪکن جيان ان ٻوڏ ۾ لڙهي رهيو هو، غريبن جا اجها ڪيئن نه پٽ پئجي رهيا هئا. ٻنيون ٻارا، روڊ رستا ڪيئن ملي هڪ ٿي ويا هئا، ڪيئن نه پوري اڌ سنڌ هڪ عظيم ڍنڍ جو ڏيک ڏئي رهي هئي. تڏهن سرڪار جون سموريون دعوائون، اعلان توڙي انتظام پڻ ان ٻوڏ ۾ لڙهي چڪا هئا.


        اڄ وري اهي ئي ساڳيا ڏينهن موٽي آيا آهن ته مينهن به موٽيا آهن، هيءَ سرڪار به ساڳي آهي ته هي رعايا به ساڳي، سو پوريءَ ريت پڪ آهي ته اسان جا اهي درد به ساڳيا ئي رهندا، جيڪي اسان کي پوئين سال پلئه پيا هئا. مون کي خبر نه آهي ته سرڪار هن سال اسان لاءِ وري ڪهڙا خاص انتظام ڪيا آهن جيڪي اسان سنڌ واسين کي مينهن ۽ ٻوڏ کان بچائيندا.


      پڪ اٿئون ته هن سال به سرڪار اهي ئي انتظام ڪيا هوندا جيڪي گذريل سال ڪيا هئا. هيل به ماڻهو ايئن ئي ٻڏندا، مرندا ۽ بي گهر ٿيندا، جيئن گذريل سال ٿيا هئا. ان ڪري عوام کي سرڪار جي آسري ۾ رهڻ بدران بهتر آهي ته هو پاڻ ئي پنهنجي بچڻ جو ڪو انتظام ڪري. جيڪڏهن سرڪار جي آسري ۾ رهيو ته نه سر بچندو نه ڪو سامان. اسان جو عوام اها پڪ ڄاڻي ته سرڪار جيڪڏهن واقعي ڪو انتظام ڪيو به هوندو ته اهو انهن ڪامورن ۽ عوام جي انهن چونڊيل نمائندن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ ئي هوندو. ٻوڏ سٽيلن لاءِ ملندڙ فنڊن مان انهن عوامي نمائندن ۽ ڪامورن جا بنگلا ضرور جڙندا، انهن جي گاڏين جا ماڊل ضرور تبديل ٿيندا پر ڪنهن غريب جو جهريل اجهو ڪڏهن به نه اڏبو جو هيءَ آهي انڌير نگري.

  • Wix Facebook page
bottom of page