top of page

ڊگهين ڳچين واريون عورتون

برما جي پئڊائونگ قبيلي جون

مراد علي شاه بڪيرائي

         دنيا ۾ اهڙا ڪيترائي قبيلا آهن جيڪي پنهنجين خاص ريتن رسمن جي ڪري هڪ ڌار حيثيت ۾ سڃاتا وڃن ٿا. اهي ريتون رسمون ئي انهن قبيلن جي وڏي سڃاڻپ هونديون آهن. ٿائيلئنڊ ۽ برما ۾ رهندڙ ڪارين پئڊائونگ قبيلا پڻ اهڙن ئي قبيلن منجهان آهي. جن جي عورتن جون حد کان وڌيڪ ڊگهيون ڳچيون يا انهن ڳچين منجهه پيل پتل وارا چوڙا انهن جي خاص سڃاڻپ آهن.

         هنن قبيلن جا ماڻهو به ٻين قبيلن وانگر پنهنجي ۽ قبيلي جي بچاءُ لاءِ گڏجي رهندا آهن. هو ڪيتريون ئي ريتون رسمون اڃان تائين برقرار رکندا پيا اچن. پتل جي چوڙن ذريعي عورتن جون ڳچيون ڊگهيون ڪرڻ به انهن ئي پراڻين ريتن مان هڪ اهم آهي. هنن آڏو ڊگهي ڳچي ئي عورت جي سونهن سمجهي وڃي ٿي ان ڪري هر عورت جي اهائي ڪوشش هوندي آهي ته ان جي ڳچي وڌ کان وڌ ڊگهي ٿئي، جنهن لاءِ اها ڳچيءَ ۾ وڌ کان وڌ چوڙا پائيندي آهي، جيئن جيئن ان عورت جي ڳچي ڊگهي ٿيندي ويندي تيئن هوءَ انهن چوڙن مٿان ٻيا چوڙا پائيندي ويندي آهي. ڪارين پبڊائونگ قبيلن وارا هڪ ئي نسل مان نه آهن، پر اهي اهي ڀانت ڀانت جي نسلن سان واسطو رکن ٿا. پئڊائونگ قبيلن بابت چيو وڃي ٿو ته اهي منگوليائي نسل مان ۽ ڪارين جي شاخ آهن. پئڊائونگ کي "ڪاڪائونگ" به چيو وڃي ٿو جنهن جي معنيٰ آهي "جبلن جي چوٽين تي رهندڙ".

         هنن قبيلن جا ماڻهو رڳو ٻن ملڪن يعني برما ۽ ٿائيلينڊ ۾ ئي رهن ٿا. برما ۾ هنن جي آبادي 58 هزار جڏهن ته ٿائيلئنڊ ۾ اٽڪل اڍائي هزار کن آهن. هنن قبيلن وارا ماڻهو ٻڌمت ۽ عيسائيت سان واسطو رکندڙ آهن جڏهن ته ڪي ورري  ڀوتن وغيره کي پوڄندڙ آهن. هي ڪايان ٻولي ڳالهائيندا آهن. هي ماڻهو برما ۾ اقليت ۾ آهن ۽ انهن قبيلن سان لاڳاپيل ماڻهو ڪجهه وقت کان پنهنجي آزاديءَ لاءِ برما جي سرڪار سان ويڙهه ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري ئي هنن جي ڪيترن ئي قبيلن کي ڀرواري ملڪ ٿائيلئنڊ ۾ پناهه وٺڻي پئي. جتي هو سرحدي ڳوٺن ۾ پناهه گيرن جي حيثيت سان رهن پيا. جڏهن ته هي قبيلا برما جي وچ اولهه واري پوري رياست تي قابض آهن. هنن قبيلي جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي. ڪارين پئڊائونگ قبيلو ملڪ جي اتر واري علائقي مان برمين جي اچڻ کان اڳ وچ برما تي قابض ٿيو، ۽ اتي آڳاٽي وقت کان رهندڙ مونMON  قبيلي سان گڏجي ويو. هنن اتي پنهنجي بي مثال ثقافت جي بنياد تي شهر ٺاهيا. هن وقت ٿائيلئنڊ ۾ ڪارين پئڊائونگ قبيلا نهايت ئي گهٽ انگ ۾ رهن ٿا. انهن مان ڪجهه اتر اولهه جي علائقي مائي هانگ سان ۾ رهن پيا. اهي "ڊگهين ڳچين وارا" جي نالي سان سڃاتا وڃن ٿا. ڪارين پئڊائونگ جا ٻيا قبيلا  ٿائيلئنڊ جي صوبي فرائي ۽ چيانگ مائي صوبي جي علائقي  بان ٿاٽون ۾ رهن ٿا. هن قبيلي جون عورتون پنهنجي سونهن لاءِ هاٿي جي ڏنڊن مان ٺهيل زيور ڪنن ۾ پائينديون آهن.
        مائي هانگ سان واري علائقي ۾ ڪارين پئڊائونگ قبيلي جا ٻه ڳوٺ آهن جن مان هڪ "ڊوئي مائي هو" ۽ ٻيو "نام پيانگ ڊن" سڏجي ٿو. اهو ٻيو ڳوٺ برما جي سرحد ڀرسان آهي. اهي ٻئي ڳوٺ ويجهڙ ۾ آباد ٿيا آهن جڏهن ته انهن قبيلي جا ڪي ڪٽنب برما کان لڏي اچي ٿائيلئنڊ ۾ ويٺا.

         مائي هانگ سان ۽ بان ٿاٽون واري علائقي ۾ ڪارين پئڊَائونگ قبيلي جون عورتون پنهنجي ڳچين ۾ ڪيترائي پتل جا چوڙا پائين ٿيون، جڏهن ته اهڙائي چوڙا هو ٻانهن توڙي ٽنگن ۾ پڻ پائين ٿيون. هن قبيلي جي عورتن جي سونهن ۽ رتبو وڌائڻ لاءِ ڳچين ۾ پائجندڙ اهي پتل جا چوڙا وڏي اهميت رکن ٿا. اهي عورتون هي چوڙا هڪ ٻي مٿان ڪنڌ واري هڏي کان وٺي کاڏيءَ تائين پائينديون آهن. جنهن ڪري انهن جو ڳچيون وڌي ڊگهيون ٿينديون وينديون آهن. هن قبيلي ۾ جڏهن ڪابه ڇوڪري پنجن يا ڇهن سالن جي ٿيندي آهي ته ان ئي عمر کان کيس ڳچيءَ، ٻانهن ۽ ٽنگن ۾ اهي چوڙا پارايا ويندا آهن ۽ پوءِ هر ٻي سال ّکيس ڳچيءَ ۾ هڪ وڌيڪ چوڙو پارايو ويندو آهي. جڏهن ڪابه ڇوڪري پنجن يا ڇهن سالن جي ٿيندي آهي تڏهن ان کي پتل جا چوڙا پارائڻ واري رسم ادا ڪرڻ لاءِ ان ڳوٺ جو اڳواڻ ڪو هڪ ڏينهن مقرر ڪندو آهي ۽ ان ڏينهن تي هڪ تقريب ٿيندي آهي جنهن ۾ نينگريءَ کي اهي پتل جا چوڙا ڳچيءَ ۾ پارايا ويندا آهن. چوڙا پارائڻ کان اڳ ان نينگريءَ جي ڳچيءَ کي سڻڀو ڪيو ويندو آهي ۽ ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ انهن جو مذهبي اڳواڻ ان نينگريءَ جي ڳچي ۾ پتل جو پهريون چوڙو پارائيندو آهي. ۽ ان چوڙي جي سختي کان بچائڻ لاءِ ڪپڙي جو ٺهيل ننڍڙو تهه هيٺان رکيو ويندوآهي. جيڪو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪڍيو ويندو آهي. ان کان پوءِ هر ٻن سالن ۾ هڪ چوڙو وڌايو ويندو آهي. جڏهن ڪابه ڇوڪري شاديءَ جي لائق ٿيندي آهي تڏهن ان جي ڳچي اٽڪل 10 انچن تائين ڊگهي ٿي ويندي آهي. هڪ عورت جي ڳچيءَ ۾ اٽڪل 20 کان 25 پتل جا چوڙا پيل هوندا آهن جن جو وزن پنج ڪلو گرام تائين هوندو آهي. جڏهن ته نام پيانگ ڊن ڳوٺ جي هڪ عورت کي 37 چوڙا به پاتل ڏٺا ويا. گنيز بڪ آف دي ورلڊ ريڪارڊ موجب دنيا ۾ سڀ کان ڊگهي ڳچي به برما جي انهن ئي قبيلن سان واسطو رکندڙ هڪ عورت جي هئي. عورت جي ڳچيءَ ۾ اهي چوڙا پائڻ جي شروعات ڪڏهن ۽  ڇو ٿي ان بابت صحيح ڄاڻ ڪانه ٿي ملي پر ان بابت مختلف خيال ظاهر ڪيا ٿا وڃن. هڪڙن جو خيال آهي ته اهي چوڙا غلامن واري دور ّجي نشاني آهي يعني اهي چوڙا انهن عورتن کي پارايا ويندا هئا جيڪي غلام هونديون هيون ته جيئن انهن جي غلام هئڻ جي سڃاڻپ ٿي سگهي. اڳتي هلي اها انهن جي هڪ ڌار قبيلي طور سڃاڻپ ٿي پئي. غلامي ختم ٿيڻ باوجود اهي چوڙا قبيلن جي رسم ۽ روايتن جو حصو ٿي ويا، ڪن جو خيال آهي ته عورتن اهي چوڙا ڳچي ڊگهي ڪرڻ لاءِ پائڻ شروع ڪيا جو انهن آڏو ڊگهي سونهن جو هڪ حصو سمجهي ويندي هئي. اسان کي اها ڳالهه به ضرور ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته هر قوم يا قبيلن ۽ سماجن ۾ سونهن جا معيار مختلف آهن، جيئن اسان جي سماج ۾ ڳورو رنگ سونهن جو پهريون ۽ اهم معيار سمجهيو وڃي ٿو. جڏهن ته ڪن جو خيال وري اهو به آهي ته ان قبيلي جي عورتن اهي چوڙا شينهن کان بچڻ لاءِ پاتا هوندا ڇو ته شينهن ڪنهن تي حملو ڪرڻ لاءِ ان جي ڳچيءَ کي ئي نشانو ڪندو آهي.

     هنن عورتن جو ڳچيون ڊگهيون ٿيڻ کان پوءِ ڪمزور به ٿي وينديون آهن جنهن  ڪري سندن مٿا پوءِ انهن چوڙن جي ٽيڪ بنا سڌا  بيهي نه سگهندا آهن جنهن ڪري هو ڪڏهن به اهي چوڙا نه لاهينديون آهن پر انهن قبيلن جي ڪن ڪٽنبن ۾ ڪنهن عورت کّي بڇڙائي ڪرڻ تي سزا طور ان جي ڳچيءَ مان اهي چوڙا لهرايا ويندا آهن. برما توڙي ٿائيلئنڊ ۾ هنن قبيلن جي عورتن جو ڊگهيون ڳچيون سيلانين لاءِ وڏي ڌيان جو مرڪز هونديون آهن جنهن ڪري جيڪي  به پرڏيهي سيلاني انهن ملڪن ۾ وڃن ٿا سي انهن پئڊائونگ قبيلن جي ڳوٺن ۾ وڃڻ ڪڏهن به نه وساريندا آهن.
  • Wix Facebook page
bottom of page