top of page

شيطان به خوش

مراد علي شاه بڪيرائي

رات جيئن ئي هڪ مختصر انتظار کانپوءِ ٽي ويءَ تي رمضان الڪريم جو چنڊ ڏسجڻ جو اعلان ٿيو ته موبائيل فون توڙي فيس بڪ تي ڄاتل توڙي اڻ ڄاتل دوستن جي مبارڪن جا نياپا پهچڻ شروع ٿي ويا. آفيس ۾ هئاسين ته اسان جي جهوني صحافي حيات بلوچ آڱرين تي حساب ڪري ۽ خوش ٿي ٻڌايو ته هن سال سندس موڪل عيد واري ڏينهن ۾ اچڻ کان بچي وئي. گهر پهتس ته زال به حساب لڳايو ويٺي هئي ۽ خوش ٿي چيائين هن سال عيد تي توکي جيڪو بونس ملندو، ان جو پورو اڌ مون کي ڏجان. مون وارو ننڍڙو پٽ به اڳواٽ پلاننگ ڪري ويٺو هو ۽ ياد ڏياريندي چيائين ته عيد تي ڪپڙن سان گڏ ڪو سٺو رانديڪو به کپي.
مون ڏٺو ته رمضان جو چنڊ نظر ايندي ئي هر ماڻهو خوش ٿيو، هر ماڻهوءَ جي منهن تي خوشي نظر اچي رهي هئي. اسلامي ڪئلينڊر جي 12 مهينن مان رڳو رمضان الڪريم ئي هڪ اهڙو مهينو آهي، جنهن جو زندگيءَ جي هر شعبي سان واسطو رکندڙ ماڻهو ڏاڍو بي صبريءَ سان انتطار ڪندو آهي، ڇو ته هن ئي مهيني کي برڪتن واري مهيني جي حيثيت مليل آهي. برڪت معنيٰ ته واڌارو.
اسان واري راجا جي ڏيهه ۾ هن مهيني ۾ ٻن قسمن جي “برڪت“ ٿيندي آهي هڪ قدرتي ۽ ٻي هٿرادو. قدرتي برڪت ته اها ئي آهي، جيڪا اسان جو پالڻهار اسان جي رزق، روزي ۽ ايمان توڙي ثوابن ۾ ڪري ٿو. جنهن سان الله جا ٻانها خوش ٿين ٿا. پر هٿرادو “برڪت“ يا واڌارو شيطان جا ساٿي ڪن ٿا. ڏوهن ۾ “برڪت“، گناهن ۾ ”برڪت“، ڦرن ۾ ”برڪت“، ناجائز نفعي ۾ ”برڪت“ وغيره. ان سان الله جا ٻانها تڪليف ۾ اچن ٿا ۽ شيطان خوش ٿئي ٿو. رمضان اچڻ تي گهڻي کاڌي جا شوقين مولوي خوش ٿين ٿا، جو کين وڌ کان وڌ ۽ سٺا کاڌا هن ئي مهيني ۾ نصيب ٿين ٿا. هو پوري سال جون ڪسرون هن هڪ ئي مهيني مان پوريون ڪندا. رمضان جي اچڻ سان واپاري به خوش ٿين ٿا، جو هن ئي مهيني ۾ هو پنهنجي عوام کي ناجائز منافعي ذريعي ڀرپور نموني ۽ دل کولي ڦريندا رهندا. هڪ ريڙهي واري ننڍي واپاريءَ کان وٺي وڏي دڪاندار تائين هر طرح جو واپاري هن مهيني جي ”برڪتن“ مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي وسان نه گهٽائيندو.
هنن واپارين کي خبر آهي ته هن مهيني ۾ شيطان سان گڏوگڏ مارڪيٽ ڪميٽين جي ڪامورن جا هٿ به ٻڌل هوندا آهن، هنن جون اکيون به پوريل هونديون آهن، هنن جا ڪن به بند ٿي ويندا آهن. ان ڪري هو مارڪيٽن ۾ ايندا به ته نه هنن کي ڪٿي ناجائز منافعو نظر ايندو، نه هو ڪنهن جي ڪا شڪايت ٻڌڻ جي لائق هوندا ۽ نه ئي وري ڪجهه ڪرڻ هنن جي وس ۾ هوندو. هن مهيني ۾ ڌاڙيل به خوش ٿيندا آهن، جو هو عيد وارن ڏينهن ۾ رستن تي عوام کي ڦري، اغوا ڪري ڀنگ وٺي وڏو مال ڪمائيندا. هو رستن تي بي ڊپو ٿي ڪارروايون ڪندا، جو هنن کي به پڪ هوندي آهي ته هنن ئي ڏينهن ۾ پوليس به پنهنجا کيسا ”برڪت“ وارن پئسن سان ڀرڻ لاءِ ڳوٺن تي چڙهايون ڪري بي ڏوهي ماڻهو گرفتار ڪرڻ کان واندي ئي نه ٿي سگهندي آهي جو انهن لاءِ به ته ”برڪت“ وارو مهينو جو آهي.
رمضان جو مهينو اچڻ سان عالم، عابد توڙي الله جا سچا ٻانها ۽ اهي مولوي به خوش ٿيندا آهن جن جو زور کاڌي بدران الله جي عبادت ڪرڻ تي هوندو آهي، اهي خوش ٿيندا آهن ته هو وڌ کان وڌ پنهنجي پالڻهار جي عبادت ڪري ان کي راضي ڪندا ۽ پنهنجي گناهن جي معافي وٺندا. پر اسان جي ڏيهه ۾ ته هن مهيني ۾ شيطان به خوش ٿيندو آهي، ته جيڪڏهن هو پاڻ بند آهي ته ڇا ٿيو، هن راجا واري نگريءَ ۾ سندس پوئلڳ به ته موجود آهن، جيڪي ناجائز منافعو وٺي، مهانگائي ڪري غريب عوام کي مانيءَ جي گرهه کا محروم ڪري کيس خوش ڪرڻ لاءِ وسان نه گهٽائيندا ۽ سندس خال ڀري ڇڏيندا. ڇو ته هيءَ آهي انڌير نگري.

  • Wix Facebook page
bottom of page