top of page

ٻڌمت جو عروج ۽ زوال
 

مراد علي شاه بڪيرائي

        هن جا شاهدا ننڍپڻ کان گهرا هئا، هن هڪ مريض، هڪ پوڙهي ۽ هڪ جنازي کي ڏسي محسوس ڪيو ته انسانيت تڪليف ۾ گهيريل آهي. هن سوچڻ شروع ڪيو ته انسان ڪهڙين ڪهڙين تڪليفن جو شڪار ٿئي ٿو. ڪڏهن ان کي بيماري گهيري ٿي، ڪڏهن پوڙهپڻ سان لاچار ٿي وڃي ٿو ۽ آخرڪار موت حوالي ٿي وڃي ٿو، هن ان ڳالهه جو پڪو پهه ڪيو ته انهن تڪليفن جا سبب ڄاڻي ئي رهندو. اهڙي ريت هو 23 سالن جي عمر ۾ هڪ رات جو شاهي محل کي ڇڏي جهنگ ڏانهن هليو ويو، هن حق جي ڳولها خاطر مختلف هنڌن جو سفر ڪيو. آخرڪار هن پنهنجي تجربي مان پتو لڳايو ته تهذيب نفس کان حق ڄاڻڻ ممڪن نه آهي کيس ان ڳالهه تي يقين هو ته هو جنهن حقيقت جي ڳولها پيو ڪري ۽ جنهن لاءِ پريشان آهي سا سندس اندر ۾ ئي موجود آهي. هن پاڻ کي ڄاڻڻ لاءِ پپر يا انجير جي وڻ هيٺيان غور ويچار ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ان ڳالهه جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو ته جيستائين مٿس اها حقيقت نه کلندي هو انهيءَ جاءِ تان نه اٿندو. هو ان وڻ جي هيٺان 49 ڏينهن تائين مراقبي ۾ رهيو. آخرڪار هو زندگي جا اولين اصول دريافت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. اهو اصول هي هو ته عمده ۽ نيڪ شين مان عمده ۽ نيڪ شيون ئي پئدا ٿين ٿيون ۽ خراب شين مان خراب شيون ئي پئدا ٿين ٿيون.


      اهو شخص ايوڌيا جي سڪيا خاندان جي راجا سڌوش جو پٽ سڌارٿا هو، جنهن کي دنيا گوتم ٻڌ جي نالي سان سڃاڻي ٿي. سڌارٿا (جنهن جي معنيٰ ڪامياب ۽ ڪامران آهي) جي ان نالي کان علاوه ٻيا به ڪيترائي صفاتي نالا هئا جن ۾ جوڌ (يعني روشن ضمير) به گهڻو مشهور هو. ڪجهه نالا سندس خاندان جي نسبت سان به پئجي ويا مثال طور سڪيا موني (سڪيا خاندان جو راهب) سڪيا سمها (يعني سڪيا جو شينهن) وغيره وغيره.
گوتم 560 ق م ترائي ۾ پيدا ٿيو، سندس خاندان جو ڳاڻيٺو ذاتين ۾ ٿيندو هو، گوتم جي ماءُ هن جي پيدائش جي ستن ڏينهن کانپوءِ لاڏاڻو ڪري وئي، جڏهن ته گوتم 80 سالن جي عمر ۾ 480 ق م ڌاري پيروا ۾ گذاري ويو. اهو وڻ جنهن هيٺان گوتم 49 ڏينهن ويهي حقيقت ڄاتي هئي اهو بوڌي ورڪش يا بودورڪش جي نالي سان مشهور ٿي ويو، جيڪو اڄ تائين موجود آهي. اها بنيادي حقيقت ڄاڻڻ کان پوءِ گوتم مختلف هنڌن جو سفر ڪيو ۽ پنهنجي خيالن جي پکيڙ ڪئي. ڪيترائي ماڻهو سندس هم خيال ٿي ويا. سندس نظريو هڪ ڊگهي وقت تائين مختلف ملڪن تائين پکڙجي ويو ۽ لکين ماڻهو سندس پوئلڳ ٿي ويا. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ سندس نظريي هڪ ڌار مذهب جي شڪل اختيار ڪئي ۽ ان ۾ وڏي پئماني تي وقت ۽ حالتن جي حساب سان تبديليون اينديون رهيون. تبديليون ايتري قدر آيون جو جيڪي ڳالهيون گوتم جي نظريي سان ٽڪراءُ ۾ هيون سي ئي اڳتي هلي ان ۾ شامل ٿي ويون. ٻڌمت جو اثر هندستان کان نڪري چين، جاپان، تائيوان، سريلنڪا کان وٺي ٻين به ڪيترن ئي ملڪن تائين ٿيو ۽ اتان جي وڏي تعداد ۾ ماڻهن ان کي قبول ڪيو پر پوءِ اهو مذهب آهستي آهستي عروج کان زوال طرف وڌڻ لڳو ۽ آخرڪار ان جو نتيجو اهو نڪتو جو ڪيترن ئي ملڪن مان اهو مذهب مڪمل طور ختم ٿي ويو ۽ هاڻ رڳو اهو هڪ ملڪ تائين محدود پر اهو به وڏين تبديلن سان موجود آهي.


         ٻڌمت جو ويجهو خدا جي ڪا گنجائش ئي نه آهي جنهن جو نتيجو اهو ٿيو ته ان مذهب روح، ملائڪ، آسماني ڪتاب بي معنيٰ لفظن کان وڌيڪ ان کي ڪا اهميت نه ڏني. انهن جي خيال ۾ جيڪڏهن خدا آهي به ته اهو به انهن ئي قانونن ۾ ڦاٿل آهي جن ۾ ٻيا انسان ڦاٿل آهن. ٻڌمت وارن جو ڪائنات جي باري ۾ خيال آهي ته اها هميشه رهندي، نه ته ڪو ان جو خالق آهي ۽ نه ئي اها مخلوق آهي. ٻڌمت ۾ جڏهن ڪنهن خدا يا اعليٰ هستي جي وجود کان ئي انڪار ٿو ڪيو وڃي اتي انهن لاءِ عبادت جي به ضرورت محسوس نٿي ڪئي وڃي، جڏهن انهن وٽ اهڙي ڪنهن هستي جو عقيدو ئي نه آهي جو جنهن سان دل لڳائي وڃي، ڪاميابي لاءِ گذارش ڪئي وڃي يا ڪنهن مصيبت کان ڇوٽڪاري لاءِ عرض ڪيو وڃي. ٻڌمت موجب جيڪڏهن سمورا انسان گڏجي عبادت ڪن ۽ دعا گهرن ته به قانون حيات ۾ ذري جي به تبديلي پيدا نٿا ڪري سگهن. ان ڪري ڪنهن خدا يا ديوتائن جي عبادت ڪرڻ نه ڪرڻ انهن لاءِ قرباني ڏيڻ يا نه ڏيڻ ٻئي برابر آهن. ٻڌمت جي ويجهو گناهه صرف ٻن قسمن جا ٿي سگهن ٿا هڪ اخلاقي قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ ۽ ٻيو گناهه جهالت يعني حقيقتن کان ناواقفيت آهي، جنهن ڪري انهن ٻنهي گناهن جو ازالو توبهه ذريعي ممڪن نه آهي بلڪه ماڻهن جي زندگي ۾ بنيادي تبديلين جي ذريعي ئي انهن خرابين کي ختم ڪري سگهجي ٿو. گوتم ٻڌ جي تعلميات ۾ بت پرستي کان به روڪيو ويو ۽ ذات پات جي فرق جي خاتمي تي به زور ڏنو ويو. انهن ٻن ڳالهين خاص طور تي هندو ڌرم تي چڱو اثر وڌو ڇو ته هندن جو هڪ طبقو جيڪو کليل ذهن ۽ اعليٰ دماغ جو مالڪ هو انساني بت پرستي جا نقص چٽا ٿي چڪا هئا جڏهن ته ٻيو اهو هيٺيون طبقو جيڪو ننڍين ذاتين جي بنياد تي دٻايو ويو هو جيڪو ان کان گهڻو بيزار ٿي چڪو هو. گوتم جي تعليمات انهن ٻنهي طبقن کي مٿين ٻنهي ڳالهين (يعني بت پرستي کان انڪار ۽ ذات پات جي فرق جي خاتمي) پاڻ ڏي ڇڪيو. هندو ڌرم ۾ ويدن جي تقدس تي گهڻو زور ڏنو وڃي ٿو پر گوتم ويدن جي الهامي يا مقدس ڪتاب هئڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن چئن ويدن مان صرف ٽن، "رگ ويد" "سام ويد" ۽ يجر ويد" جو ذڪر ڪيو آهي پر چوٿين يعني "اٿر ويد" جو ذڪر نه ڪيو آهي، جنهن جو سبب شايد اهو آهي ته "اٿر ويد" اڃا تائين مقدس ڪتاب جي حيثيت سان تسليم ئي نه ڪيو ويو. ٻڌمت جي ويجهو انسان کي جن وڏين مصيبتن سان منهن ڏيڻو پوي ٿو سي ٽي آهن. (1) بيماري (2) پوڙهائپ ۽ (3) موت. تنهن ڪري انهن مصيبتن کان ڇوٽڪاري يا گناهن کان بچڻ لاءِ شهري زندگي ڇڏڻ، گهر، خاندان، ڌنڌو، سماج مطلب ته هر شيءِ کي ڇڏي اڪيلائي جي زندگي گذارڻ تي زور ڏنو ويو آهي. اهڙي اڪيلائي واري زندگي گذارڻ جا طريقا به ٻڌايا ويا آهن جن ۾ ڪنهن گهر يا جاءِ بدران غار ۾ رهڻ تي زور ڏنو ويو آهي اهڙن ماڻهن لاءِ لباس به مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو ٽن ڪپڙن تي ٻڌل آهي، جن ۾ هڪ تهه بند، هڪ ڪوٽ جي قسم جو ڪپڙو ۽ هڪ چادر شامل آهن. مٿي ۽ ڏاڙهي جا وار ڪوڙي ڇڏڻ ۽ کاڌو حاصل ڪرڻ لاءِ پنڻ جو حڪم ڏنل آهي. محنت ۽ مزودري ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي. اهڙي زندگي گذاريندڙ کي راهب يا ڀشيو چيو وڃي ٿو. هن راهباڻي زندگي ۾ هر شخص کي داخل ٿيڻ جي اجازت آهي پر ڪجهه سنگين گناهن يعني مخصوص بيمارين ۾ ورتل ماڻهو شريڪ نٿا ٿي سگهن. هيڏي ساري ڏکي زندگي گذارڻ ۽ انهن سڀني اصولن تي هلڻ جو ظاهري طور ڪو خاص فائدو نٿو نظر اچي پر ان سان ٻڌمت جو خيال صرف نروان حاصل ڪرڻ آهي ۽ بس، ڇو ته ٻڌمت جي ويجهو جنت ۽ دوزخ جو ته ڪو تصور ئي نه آهي.


       گوتم پاڻ کي انسانيت جو ڇوٽڪارو ڏياريندڙ هئڻ جي دعويٰ نه ڪئي هئي نه ئي هو سندس پيروي ڪندڙن جي گناهن جو ڪفارو بڻيو. ان جي ابتڙ هن اعلان ڪيو ته هر شخص پنهنجي گناهن جو ذميوار پاڻ آهي. هن چٽي نموني اهو چئي ڇڏيو هو ته ڪوبه شخص گناهن کان رڳو ان ڪري محفوظ نٿو رهي سگهي ته هو گوتم جي پيروي ڪندڙ آهي، ڪير به ڪنهن کي ڇوٽڪارو نٿو ڏياري سگهي، جيستائين جو اهو شخص پاڻ ان لاءِ جدوجهد نه ڪري.
هندستان جي ڌرتي تي ٻڌمت ئي اهو پهريون مذهب آهي جنهن عورتن کي مذهبي معاملن ۾ شريڪ ڪيو نه ته برهمڻ عورتن کي مذهبي معاملن کان پري رکيو هو.


        ٻڌمت جي تعليمات ابتدا ۾ رڳو زباني طور رهي ۽ ان کي لکت ۾ آڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي پر گوتم جي وفات کان 10 سال پوءِ ان جي تعليمات کي لکڻ جو عمل شروع ٿيو. جن ۾ سڀ کان پهرين گوتم جي هڪ شاگرد ڪسياپا گوتم جا فلسفيانه قول لکيا جيڪي "ابي ڌرم پتيڪا" جي نالي سان مشهور ٿيا، جڏهن ته سندس هڪ ٻئي شاگرد "اوپالي" نظم و ضبط جا اصول ۽ قانون لکيا ۽ انهن حالتن بابت به ٻڌايو ويو جن تحت اهي قانون ٺاهيا ويا اهي "ونايا پتيڪا" جي نالي سان مشهور ٿيا. جڏهن ته ٽئين شاگرد انند، گوتم جون اهي تقريرون لکيون جيڪي هن مختلف موقعن تي ڪيون، انهن کي "سـُـتا" جو نالو ڏنو ويو، انهن ٽنهي حصن کي ملائي ان کي هڪ ڪتاب جي شڪل ڏني وئي ۽ ان ڪتاب جو نالو "تري پٽيڪا" يعني "ٽي ٽوڪريون" رکيو ويو. پهرين اهو ڪتاب پالي زبان ۾ لکيو ويو جيڪا ان وقت جي عام زبان هئي. "تري پتيڪا" کان علاوه گوتم جي زندگي ۽ تعليمات بابت ٻيا به ڪتاب لکيا ويا جن ۾ "جٽڪاس" خاص آهن جنهن ۾ گوتم جي زندگي جون حالتون تفصيل سان لکيل آهن ان موجب گوتم ڪل 535 جنم ورتا، 42 ڀيرا هو ديوتا جي صورت ۾ هن دنيا آيو 85 ڀيرا هو بادشاهه ٿيو، 24 ڀيرا شهزادن جي روپ ۾ آيو، 22 ڀيرا عالمن جي صورت ۾ جنم ورتائين 2 ڀيرا چور جي شڪل، هڪ ڀيرو غلام ۽ هڪ ڀيرو جواري جي صورت ۾ به هن دنيا اندر پيدا ٿيو.


       300 سال قبل مسيح ۾ هي مذهب پوري اتر هند تي ڇائنجي ويو، خاص طور تي هن کي هٿي تڏهن ملي جڏهن ان کي اشوڪ جهڙو بادشاهه مليو، اشوڪ نه رڳو ٻڌمت کي قبول ڪيو پر هن ان کي سرڪاري مذهب قرار ڏنو ۽ هن انهيءَ مذهب تبليغ لاءِ هندستان کان ٻاهر پڻ جماعت موڪلي ۽ ان جماعت جو اڳواڻ اشوڪ جو پٽ ئي هو. اهڙي ريت هي مذهب ڏکڻ هند ۽ لنڪا تائين پهتو. اشوڪ جي ڪوششن سان ئي ڏکڻ وچ ۽ اوڀر ايشيا ۾ پکڙجي ويو. اشوڪ کان پوءِ ڪنشڪ به هن مذهب کي ترقي ڏني. انهي دور ۾ برهمڻن به گهڻي حد تائين ٻڌمت جي تعليم اختيار ڪئي، شروع ۾ هندن ۽ ٻڌمت وارن جا لاڳاپا تمام سٺا هئا ايتري تائين جو سندن عبادتگاهون به لڳو لڳ هيون. البته ستين صدي عيسوي ۾ هندن جي تعداد ۾ واڌ ٿي وئي ۽ پوءِ آهستي آهستي ٻنهي مذهبن وچ ۾ ويڇا وڌڻ لڳا. جيئن جيئن ڏينهن گذرندا ويا سندن لاڳاپا وڌيڪ خراب ٿيندا ويا. نيٺ ٻڌمت کي ختم ڪرڻ لاءِ برهمڻن تحريڪون به هلايون. ٻڌمت کي سڀ کان وڌيڪ نقصان پهچائيندڙ شخص ڪماريلا ڀٽ هو، ان کان پوءِ شنڪرت آچاريه (820-788ع) نهايت منظم طور تي ان مذهب جي مخالفت ڪئي ۽ ان جي مڃيندڙن تي ظلم ڪيا، جنهن سان  انهن جي وڏي اڪثريت ٻين ملڪن ۾ وڃي پناهه ورتي ۽ ڪيترا پنهنجي جان بچائڻ لاءِ جين مذهب ۾ شامل ٿي ويا، يارهين صدي عيسوي تائين ٻڌمت اڙيسا ۽ ڪشمير تائين محدود ٿي ويو. ڪشمير ۾ به 1102ع ڌاري ان جو خاتمو ٿي ويو. بهار ۾ البته اهو مسلمانن جي اچڻ (ٻاهرين صدي)تائين باقي رهيو. ۽ ان کانپوءِ اهو مذهب هندستان جي ڌرتي تان اٽڪل ختم ٿي ويو.


         هن مذهب ۾ وقت گذرڻ سان گڏ وڏي پئماني تي تبديليون آيون ۽ هن ۾ مختلف فرقا پڻ ٺهي ويا. خاص طور تي اشوڪ جي وفات کانپوءِ ڪنشڪ پنهنجي زماني ۾ هڪ ڪونسل جي گڏجاڻي گهرائي ڪيتري حد تائين غير ملڪي نظرين کي ٻڌمت ۾ شامل ڪري ڇڏيو ۽ اهڙيءَ ريت ٻڌمت ۾ هڪ نئون فرقو وجود ۾ اچي ويو جنهن جو نالو "ماهيان" يعني وڏي گاڏي رکيو ويو، جنهن جو مطلب اهو هو ته هن وڏي گاڏي (ماهيان) ۾ سوار ٿي گهڻائي ماڻهو نروان تائين سفر ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته ان نئين فرقي وارن اڳئين ٻڌمت کي "مهايان" يعني ننڍي گاڏي جو نالو ڏئي ڇڏيو، جنهن ۾ ٿورا ماڻهو سوار ٿي سگهن ٿا. هن نئين فرقي "مهايان" ٻڌمت جي نظرئي ۾ گهڻي حد تائين تبديليون ڪيون ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو ان کي قبول ڪري سگهن.
جيئن ته ٻڌمت جو شروعاتي نظريو يعني ان مذهب جو خالق گوتم ٻڌ پاڻ خدا جي وجود کان انڪاري هو، جڏهن ته ٻڌمت جي هن نئين فرقي مهايان خدا يا اڻ ڏٺل اعليٰ هستي جي وجود جو تصور ڏنو. "مهايان" جو خدا وارو نظريو ٻڌ ستوا هو، جنهن جي معنيٰ آهي اهڙي هستي جنهن تي ٻوڌي غالب هجي ۽ جيڪو نروان جي آخري منزل تي پهچي ويو هجي. هن فرقي جو چوڻ آهي ته اهي ٻڌستو آسمان تان مصيبت ماريلن جي نگراني ڪن ٿا ۽ اڪثر ڪري ويس مٽائي زمين تي مدد ڪرڻ لاءِ ايندا رهن ٿا. اهي موت ڏک بيماري مطلب ته هر قسم جي مصيبت ۾ مدد ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار هوندا آهن. اهڙي ريت ماڻهن کي ان قسم جي مدد وٺڻ جا طريقا به ٻڌايا ويا. اهڙي ريت هن فرقي بتن ٺاهڻ ۽ انهن جي عبادت ڪرڻ به شروع ڪري ڏني، جن ۾ 1 ميٽر يا 2- منجو سري ۽ 3 اولو ڪيسٽسوارا جا بت شامل آهن.


(1) ميٽريا: هن جي معنيٰ "رحمدل" آهي. مهايان جي عقيدي موجب گوتم 5 ارب 76 ڪروڙ سالن کان پوءِ هن دنيا ۾ ٻيهر ايندو ۽ پنهنجي اصولن ۽ تعليم جي اشاعت ڪندو.  ميٽريا جا ڪيترائي پٿر جا بت ٺاهيا ويا. سندس مجسمو هن ريت هوندو هو ته هڪ ٿلهو متارو شخص آهي جيڪو کلي سڀني ايندڙن کي ڀليڪار چوي پيو. هن جي هٿ ۾ گلدستو آهي جنهن جو هر گل هڪ هزار سال کي ظاهر ڪري ٿو جيڪي گوتم سخاوت ۽ رحمدلي جي ڪمن ۾ گذاريا آهن ان جي ٻئي هٿ ۾ هڪ ٿيلهو آهي جنهن ۾ ڪيتريون شيون پيل آهن.
(2) منجو سري: هي هڪ اهم ٻڌستوا آهي جنهن جي لفظي معني "اچرج وارو ۽ مبارڪ" آهي هن کي ڏاهپ جو مجسمو چيو وڃي ٿو. هن بت جي نرڙ تي پنج گهنج ڏيکاريل آهن جنهن مان گوتم جي ڏاهپ کي ظاهر ڪيو ويو آهي. هن جي هٿ ۾ تلوار هوندي آهي. هن کي ڪڏهن گوتم جو نائون پيشرو چيو ويندو هو ته ڪڏهن سندس دادلو شاگرد ۽ پيارو پٽ ڪوٺيو ويندو هو، سڀني ٻڌستوائن ۾ هن بت کي وڌيڪ اهميت حاصل رهي.
(3) اولوڪيسٽسوارا: هي سڀ کان وڌيڪ احترام جوڳو ٻڌستوا آهي جنهن جي عبادت پري پري علائقن تائين پکڙيل رهي آهي هي رحم ۽ مهرباني جو مجسمو آهي ۽ هن کي مصيبتن کان ڇوٽڪارو ڏياريندڙ ڪوٺيو ويو. هن جي عبادت (پرستش) ننڍي کنڊ ۾ ٽين کان ٻارهين صدي عيسوي تائين زورن تي هئي. تبت ۾ هن کي دلائي نامه جو نالو ڏنو ويو. هن بت کي چين ۾ عورتاڻي شڪل ڏني وئي ۽ سندس نالو "ڪوان ين" پيو، جڏهن ته جاپان ۾ هن کي "ڪوان نون" سڏيو وڃي ٿو.


        ٻڌمت جنهن جو بنيادي نظريو خدا جي وجود کان انڪاري ۽ ڪنهن به قسم جي عبادت کان آجو هو سو وقت جي گذرڻ سان اصل شڪل کان ابتڙ سامهون آيو. هن ۾ عبادتن جو طريقو رائج ٿي ويو ۽ اهي بت (ٻڌاستوا) جن کي گوتم جي پوئلڳن ۽ شاگردن واري حيثيت هئي تن کي نيٺ خدا وارو درجو ڏنو ويو ۽ انهن کي معبود بڻايو ويو. اڳتي هلي هن مهايان فرقي جنت جو به تصور پيش ڪيو ، جنهن بابت ٻڌايو ويو ته اتي (جنت ۾) سڪيا موني ٻوڌ ۽ ٻڌستوائن جي حڪومت آهي جتي اهي ماڻهو موت کان پوءِ پهچن ٿا، جيڪي زندگي ۾ چڱي رستي تي هلن ٿا، اڳتي هلي جنت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ نيڪ عملن بدران صرف ٻڌستوائن تي عقيدو ئي ڪافي سمجهيو ويو.


        ٻڌمت جو هي فرقو اترئين علائقي ۾ گهڻو مشهور ٿيو، تبت، نيپال، چين، ڪوريا، منگوليا ۽ جاپان ۾ گهڻو پکيڙيو ۽ مختلف ملڪن ۾ هن جون شڪيلون ۽ نظريا به تبديل ٿيندا رهيا. هي مذهب تبت ۾ ستين عيسوي صديق ڌاري پهتو. خاص طور تي اتان جي راجا سرانگ سان گيمپو هن کي گهڻي هٿي ڏياري. چين جا ماڻهو هن مذهب کان هن (Hun)   خاندان جي بادشاهه ووٽي  (WU- Ti) جي حڪومت ۾ واقف ٿيا. ان بادشاهه تاتاري فوج کي پوئتي ڌڪڻ ۽ مقابلي لاءِ هڪ فوج ترڪستان جي سرحدي علائقن ۾ موڪلي اهو 123 قبل مسيح جو واقعو آهي. ان فوج جو سالار هوڪو پنگ نالي هڪ شخص هو. اها فوج ترڪستان جي علائقي ۾ گهڙي وئي ۽ واپسي تي اتان هڪ سون جي مورتي کڻي آئي، جنهن بابت ماڻهن جو خيال هو ته اها مورتي گوتم ٻڌ جي آهي. اهڙي ريت ٻڌمت جو قدم ٻئي صدي قبل مسيح جي آخر ڌاري چين جي ڌرتي تي پهتو. اٽڪل اڌي صدي کان پوءِ ان وقت جي بادشاهه مـِـنگ ٽي  (Ming T) هڪ خواب ڏٺو جنهن جي تعبير اها هئي ته هو جنهن مورتيءَ کان واقف ٿيا آهن ان جو مذهب چين ۾ پکڙجندو ان کان پوءِ مـِـنگ ٽي کي ان مذهب ۾ دلچسپي وڌي وئي. البته چين ۾ هن مذهب جي ترقي جي رفتار سست رهي، جنهن جو هڪ سبب اهو به هو ته ٻڌمت جا ڪتاب جنهن ٻولي ۾ هئا سا ڌاري ٻولي هئي ۽ انهن ڪتابن جي چيني زبان ۾ ترجمي جو بندوبست پنجين صدي عيسوي ڌاري وڃي ٿيو ۽ اهو ڪم هندستاني ٻڌ ڪمارا جيوا ڀڪشن جي مدد سان سرانجام ڏنو. چيني ٻڌمت کان اڳ صرف ٻن مذهبن سان واسطو رکندڙ هئا جن مان هڪ تائو ازم ۽ ٻيو ڪنفيوشزم هو. چين ۾ ٻڌمت جي عروج جو زمانو هاڻ خاندان جي حڪومت جي خاتمي کان شروع ٿي ٽانگ خاندان جي حڪومت قائم ٿيڻ تي ختم ٿئي ٿو، جيڪو چار سئو سالن جو عرصو ٿئي ٿو. چين ۾ ٻڌمت جي وڌيڪ هڪ نئين فرقي جو بنياد پيو، جنهن کي وو وسي ڪيان سڏيو ويو، جنهن جي معنيٰ "ڪجهه نه ڪندڙ" ٿئي ٿي. سورهين صدي ۾ هي فرقو تمام طاقتور ٿي ويو، هن جو بنياد لوهوي ننگ وڌو، هن فرقي وارا صرف گوتم تي عقيدو رکندڙ هئا پر ان جي عبادت نه ڪندا هئا ۽ ان جي مورتي رکڻ جا به سخت مخالف هئا. البته وٽن هڪ ديوي "ڪن مو" جو عقيدو موجود هو، جنهن بابت سندن خيال آهي ته اها روحن جي ماءُ آهي ۽ دنيا ختم ٿيڻ کانپوءِ اها کين جنت ۾ وٺي ويندي.
چين کان پوءِ ٻڌمت ڪوريا پهتو ۽ اٽڪل ڏيڍ سئو سالن کان پوءِ اتان هڪ جماعت جاپان وئي ۽ هڪ ڪوريائي وفد جاپان جي بادشاهه کي ٻڌمت جي تعليمات سيکاري. اتي شروع ۾ "شنٽو” مذهب جي پيروڪارن ٻڌمت جي سخت مخالفت ڪئي پر هڪ شهزادي شوٽوڪو ڊيشو جي حمايت سان هن مذهب کي جاپان ۾ هٿي ملي. شنٽو مذهب جي مڃيندڙن کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ سندن ڪجهه خاص ديوتائن کي ٻڌستوا جو رتبو ڏنو ويو. جاپان ۾ 1868ع تائين ٻڌمت کي سرڪاري مذهب جي حيثيت رهي. ٻڌمت ۾ هڪ فرقو "زين ٻڌي" به آهي جيڪو ٻين کان گهڻو مختلف آهي، ان جي دعويٰ آهي ته مقدس ڪتابن جي ذريعي حق تائين پهچ ممڪن نه آهي. البته حق ۽ سچائي هر شخص اندر موجود آهي ان تي ڄاڻڻ لاءِ يوگ ۽ سادي زندگي جي ضرورت آهي. ٻڌمت جو فرقو هنايان ڏاکڻي علائقي، لنڪا، برما، سيام وغيره ۾ پکيڙيو. هن فرقي کي اهو نالو جنهن جي معنيٰ "ننڍي گاڏي" آهي مخالف فرقي مهايان وارن حقارت خاطر ڏنو هو پر هو انهيءَ نالي سان ئي مشهور ٿي ويو.


          سريلنڪا جا رهواسي هنايان فرقي سان واسطو رکن ٿا، هتي ڪيتريون ئي رسمون شروع ٿيون. مورت پرستش جي شروعات ٿي ۽ مورت پرستي اڳتي هلي نهايت اهميت حاصل ڪري ورتي. گوتم جي استعمال وارين شين جي به پوڄا ٿيڻ لڳي، گوتم جا بت به ٺهڻ لڳا. انهن بتن کي سريلنڪا ۾ "پلما" چيو وڃي ٿو، جنهن جي معنيٰ "مشابهت" آهي. ٽين کان پنجين صدي قبل مسيح ۾ اهڙين مورتين جي انگ ۾ گهڻي واڌ ٿي، پوءِ ان کي سينگارڻ سنوارڻ جو به بندوبست ٿيڻ لڳو. اهي مورتون يا بت 20 فوٽن تائين ڊگها آهن، انهن مورتين کي رکڻ لاءِ مستقل عمارتون ٺاهيون ويون، جن کي ويرا چيو وڃي ٿو. انهن جا عقيدتمند ويرائن ۾ وڃي انهن مورتين آڏو هٿ ٻڌي جهڪندا آهن هر ويرا ۾ هڪ پپر جو وڻ هوندو آهي اهو وڻ ان پپر جي وڻ جي قلم سان تيار ڪيو ويندو آهي، جنهن هيٺان گوتم مراقبو ڪيو هو. ويرا کان علاوه سريلنڪا ۾ "ڊاگوبا" پڻ وڏي اهميت رکن ٿا. ڊاگوبا ۾ هڪ پٿر جو ديو هوندو آهي جنهن ۾ هڏيءَ جو ننڍڙو ٽڪرو هوندو آهي. ان کان علاوه ڪجهه منڊيون، موتي، تبسيح جا داڻا، ناگا (نانگ جو ديوتا) ڪجهه مٽيءَ جون مورتيون ۽ ٻه ڏيئا هوندا آهن جيڪي گوتم سان منسوب ڪيون وينديون آهن. انهن يادگار شين ۾ سڀ کان اهم اهو ڏند هوندو آهي جيڪو گوتم جو چيو وڃي ٿو. ان کان علاوه گوتم جي پيرن جي نشانن جي به عوام زيارت ڪندو آهي.

  • Wix Facebook page
bottom of page