top of page

”انقلاب“ لاءِ ڊراما ۽ سازشون

 

مراد علي شاهہ بڪيرائي

 

               هو جيڪو ڪئنيڊا ۾ ويهي پاڪستان جو خميني ٿيڻ جا ڳچ وقت کان خواب ڏسندو رهي ٿو، جنهن جي سر تي ڄڻ انقلاب جو ڀوت سوار ٿي چڪو آهي.سو اڄ ڏاڍو خوش ٿيو آهي، 8 ماڻهو مارجي چڪا آهن پر ان واقعي تي افسوس ڪرڻ بدران خوشي جو اظهار ڪندي چوي ٿو ”انقلاب اچي چڪو آهي“. هو پاڪستاني قوم  کي پنهنجي ”انقلاب“ جي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ ڏاڍو بي چين هوندو آهي. گذريل سال جي شروعات ۾ جڏهن هن انقلاب آڻڻ لاءِ اسلام آباد ۾ سخت سيءَ ۾ هزارين معصوم ماڻهن کي روڊ تي ويهاري پاڻ گولي پروف ۽ هيٽر سان گرم ڪنٽينر ۾ ڌرڻو هنيو هو، تڏهن به هن هانءُ ڦاڙيندڙ رڙ ڪري چيو هو ”آڌا ڪام هوگيا“ پر پوءِ هو پنهنجو انقلاب وارو پروگرام اڌ ۾ ئي ڇڏي واپس ڪئنيڊا  ڏانهن هليو ويو ۽ هڪ سال تائين کيس انقلاب جو نالو ئي وسري ويو. هاڻ هو پنهنجو اڌ ۾ ڇڏيل ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻيهر نون اتحادين سان گڏجي ميدان تي لهڻ وارو آهي.

 

              هو جيڪو پنهنجي ”انقلابي“ تحريڪ دوران ملڪ جو هر معاملو آئين ۽ قانون موجب هلائڻ، نظام ۾ سڌارن لاءِ زور ڀريندو رهيو، ان ئي لاهور ۾ آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙيءَ جو ڀرپور مظاهرو ڪيو ۽ ان جو رد عمل رتوڇاڻ ۽ 8 بيگناهن جون حياتون ضايع ٿيڻ جي صورت ۾ نڪتو، پر قادري وري به خوش ئي ٿيو آهي، جو انهن 8 ماڻهن جو قتل هن لاءِ ”انقلاب“ تائين پهچڻ جو هڪ ڏاڪو ٿي پيو آهي.

 

               آئين ۽ قانون تي عمل لاءِ ٻين کي سبق پڙهائيندڙ ڪئنيڊا جي قادريءَ لاهور ۾ پنهنجي رهائش گاهه ۽ تحريڪ منهاج القرآن جي سيڪريٽريٽ واري علائقي کي رڪاوٽن ذريعي نوگو ايريا ڪرائي ڇڏيو هو. اهڙي قسم جو نوگو ايريا ڪو پهريون ڀيرو نه ٺاهيو ويو آهي پر ملڪ جي اٽڪل سمورن وڏن سياسي اڳواڻن جي گهرن وارا علائقا اٽڪل نوگو ايريا واري حيثيت ئي رکندا آهن ۽ اهو عمل ڪراچيءَ کان لاهور تائين کليل نموني ٿيندو آهي.  ان ئي لاهور جي تخت تي اڄ جيڪو شخص ويٺل آهي، ان ”خادم اعليٰ“ ٿيڻ کان اڳ ماڊل ٽائون ۾ ان به اهڙي ئي نموني پنهنجي رهائش واري علائقي ۾ رڪاوٽون وجهرائي ان کي نوگو ايريا ڪري ڇڏيو هو ۽ پوءِ ان وقت جي وڏي وزير ميان منظور وٽو به ان خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي، پر اهي ٻيا سياستدان ته بقول قادريءَ جي ”هن خراب نظام جو حصو ئي آهن“ پر قادريءَ کي اهڙن ماڻهن جي قطار ۾ بيهڻ جي آخر ڇو ضرورت پئي؟ آخر ڇو هڪ اهڙو شخص جيڪو ٻين تي قانون کي هلڻ جا سبق ٿو پڙهائي سو قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي مجبور ٿي پيو؟ آخر ڇو غير قانوني رڪاوٽون هٽائيندڙ پوليس سان تحريڪ منهاج القرآن جي ڪارڪنن کان صبر ڇڏائجي ويو؟

 

                 هي سٽون لکجڻ تائين قادريءَ جي ڪارڪنن ۽ پوليس جي ڇڪتاڻ ۾ ٻن عورتن ۽ هڪ پوليس ڪمانڊو سميت 8 ڄڻا مارجي چڪا آهن ۽ 75 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن، هي واقعو اهڙي وقت تي پيش آيو آهي جڏهن ملڪ اڳ ئي سخت ڏڦيڙ جي ور چڙهيل آهي.  پاڪستاني طالبان جي دهشتگرديءَ جي نتيجي ۾ انهن خلاف اتر وزيرستان ۾ آپريشن شروع ٿي چڪو آهي ۽ ملڪ طالبان جي حوالي سان حملن جي خطري ۾ ورتل آهي، اهڙي وقت ۾ ”انقلاب“ جي نالي تي تحريڪون هلائڻ ملڪ ۽ اتان جي عوام سان ناحق برابر آهي. ملڪ جا اندريان توڙي ٻاهريان دشمن ڄڻ ته موقعن جي تاڙ ۾ ويٺل آهن،  اهڙي وقت ۾ لاهور جهڙا واقعا ڪرڻ ٻرنديءَ تي تيلَ جو ڪم ڪندا آهن.  ايئن ٿو لڳي ته ڪئنيڊا جو قادري به اهڙن ئي موقعن جي تاڙ ۾ ويٺل آهي، جنهن جو هو اڳ اظهار هن ريت ڪري چڪو آهي ته ”آئون ته اهو ئي چاهيان ٿو ته پاڪستان ۾ اچڻ تي حڪومت مون کي گرفتار ڪري ۽ پوءِ ڏسجو ته ڇاٿو ٿئي ۽ انقلاب اچڻ ۾ وڌيڪ دير نه لڳندي“. قادريءَ جي اهڙي بيان ۽ هاڻوڪي لاهور واري واقعي مان سازش جي بوءِ اچي رهي آهي، هونئن به بقول لاهور هاءِ ڪورٽ جي قادري ڊراما ڪرڻ جو به ماهر آهي.

 

                هڪ اهڙو وقت جڏهن قادري ۽ ان جا هم خيال ٻرنديءَ تي تيل وجهڻ لاءِ تيار ويٺل آهن، تڏهن پنجاب پوليس به ساڻن مهاڏو اٽڪائيندڙن تي گوليون هلائي انتهائي وڏي بي عقلي جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ ملڪ ۾ سازشن ۽ ڊرامن ذريعي ڏڦيڙ پيدا ڪندڙن جي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ ڄڻ ته هڪ ڀرپور موقعو ڏئي ڇڏيو آهي.

 

17-6-2014

  • Wix Facebook page
bottom of page