top of page

                   يوڪرين جي رياست ڪرائميا تي غيرفطري طور قابض ٿيل روسي نسل جي رهواسين نيٺ روس جي ڏڍ تي پنهنجي ملڪ سان رڳو نسلي بنيادن تي غداري ڪري ڪرائميا کي يوڪرين کان ڌار ڪرڻ ۽ روس سان شامل ٿيڻ لاءِ پاڻ مرادو ريفرنڊم ڪري ورتو آهي. جنهن جي نتيجن موجب ريفرنڊم ۾ حصو وٺندڙڻ مان97 سيڪڙو ماڻهن ڪرائميا کي روس سان شامل ڪرڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنا آهن. اها ڪا حيران ڪندڙ ڳالهه ڪنهن به صورت ۾ نه آهي . ريفرنڊم کان اڳ منهنجو خيال هو ته 60 سيڪڙو ووٽ روس سان ڳانڍاپي جي حق ۾ ٿي سگهن ٿا، پر ووٽنگ کان پوءِ روس جي پاسي 95.5 سيڪڙو راءِ ظاهر ڪئي وئي آهي .

 

                      هتي اها ڳالهه وضاحت جوڳي آهي ته ان ووٽنگ ۾ رڳو روسي نسل وارن ڪرائمين ئي حصو ورتو آهي، جيڪي روس سان گڏجڻ جا حامي آهن. جڏهن ته يوڪرينين ۽ تاتارين ريفرنڊم جو بائڪاٽ ڪري ان ۾ حصو ئي نه ورتو آهي. جنهن ڪري اها 97 سيڪڙو راءِ رڳو روسين جي ئي آهي، نه ڪي پوري رياست جي رهواسين جي. انهن روسين مان به 3 سيڪڙو ماڻهن يا ته يوڪرين سان رهڻ لاءِ يا وري مرڳو مڪمل آزادي جي حق ۾ راءِ ڏني آهي. جيڪڏهن پوري رياست جا رهواسي ووٽنگ ۾ حصو وٺن ها ته اهو نتيجو 50 کان 55 سيڪڙو تائين اچي ها. ڇو ته ڪرائميا ۾ روسي نسل وارن جي آبادي 58 سيڪڙو، يوڪرينين جي 25 کان 28 سيڪڙو ۽ تاتارين جي آبادي 10 کان 12 سيڪڙو تائين آهي. ريفرنڊم جي ابتدائي نتيجن مان ظاهر ٿي ويو آهي ته ان 58 سيڪڙو روسين مان به 3 سيڪڙو روسي نسل وارا روس سان شامل ٿيڻ جي حق ۾ نه آهن.

 

                    ڪاري سمنڊ ۾ ٻيٽ واري حالت ۾ موجود اٽڪل 20 لک آبادي وراي اها رياست ڪرائميا بنيادي طور ته تاتاري مسلمانن جو ڏيهه آهي، پر هن وقت يوڪرين ۾ اهو روسي آبادي جي گهڻائي وارو علائقو آهي ۽ ان ڌرتيءَ جا اصل ڌڻي تاتاري مسلمان اتي ٿورائيءَ ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. ويتر هاڻ اهو ڪرائميا روس جي قبضي هيٺ اچڻ سان ايئن پيو لڳي ته اتي تاريخ جو ٻيهر ورجاءُ ٿيڻ وارو آهي ۽ هڪ ڀيرو وري به انهن تاتارين ۽ انهن سان گڏ هاڻي اتان جي رهواسي يوڪرينين لاءِ به ڪرائميا جي ڌرتي تنگ ٿي ويندي ۽ کين پنهنجي ڌرتيءَ کي ڇڏڻو ئي پوندو.

 

                ڪرائميا پنهنجي بيهڪ جي حوالي سان ان علائقي ۾ نه رڳو اڄ پر صدين کان ئي وڏي اهميت رکندڙ آهي، جنهن ڪري ئي اهو تاريخ جي مختلف دورن ۾ وڏن لاهن ۽ چاڙهن مان گذرندو رهيو آهي. يورپ جي تاريخ ۾ هي علائقو سڀ کان وڌيڪ ڊگهي وقت کان تڪراري رهيو آهي. سترهين، ارڙهين، اوڻيهين توڙي ويهين صدي ۾ به هي علائقو جنگين جي ور چڙهندو رهيو. انهن جنگين ۾ روس سڀ کان اهم ڌر رهيو آهي.1783ع ۾ روس پهريون ڀيرو ڪرائميا کي پنهنجي قبضي ۾ آندو هو. 1441ع کان 1783ع تائين ”خانان ڪرائميا، يا ”خانيت ڪرائميا“ جي نالي سا اها رياست هڪ مضبوط ۽ طاقتور رياست رهي آهي. ترڪ خانن جي هيءَ ئي هڪ اهڙي رياست هئي جيڪا ڊگهي وقت تائين قائم رهي. جنهن جو مقامي نالو ”قرم يورتي“ هو ۽ ترڪ ان کي ”قرم خان لغي“ پڻ چوندا هئا. ان وقت جي ڪرائميا ۾ هاڻوڪي ڪرائميا سميت يوڪرين ۽ روس جي ڏاکڻي پاسي جا اهي ميداني علائقا پڻ شامل هئا، جن کي دشت قيچاق چيو ويندو هو. 1441ع ۾ اها رياست سلطنت آلتن اورده جي مختلف قبيلن ٺاهي ۽ ان جو حاڪم حاجي گيرائي مقرر ٿيو. 1448ع ۾ حاجي گيرائي جي مرڻ کان پوءِ ان جي پٽن جي اقتدار تان ڇڪتاڻ ٿي ته اها رياست سلطنت عثمانيه جي انتظام هيٺ اچي وئي پر ان تي حاڪميت وري به انهن خانان جي ئي رهي.

 

               روس ۽ ڪرائميا جي پهرين ڇڪتاڻ تڏهن شروع ٿي جڏهن 1502ع ۾ ڪرائميا جي خانان آلتن اورده سلطنت کي ختم ڪري ڇڏيو. ان ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ ئي 1571ع ۾ڪرائميا جي خانان روس جي گادي واري شهر ماسڪو تي حملو ڪري ان کي باهه ڏئي ڇڏي. پندرهين صدي کان اڙهين صدي تائين ڪرائميا اوڀر يورپ جي هڪ طاقتور اسلامي رياست جي حيثيت سان رهي، پر عثماني سلطنت جي پڄاڻيءَ سان هن رياست جي به پڄاڻي جي شروعات ٿي.سترهين صدي جي آخر ڌاري روس ايترو طاقتور ٿي چڪو هو جو اهو ڪرائميا جو مقابلو ڪري سگهيو ٿي. ارڙهين صدي جي وچ ڌاري ترڪن ۽ روس جي جنگ دوران روس توڙي يوڪرين جون فوجون ڪرائميا ۾ داخل ٿيڻ ۾ نيٺ سوڀاريون ٿي ويون ۽ روسي راڻي ڪيٿرائن (ٻي) جي دور ۾عثماني سلطنت سان ٿيل ڪوچڪ ڪناريجي واري معاهدي جي نتيجي ۾ ڪرائميا جي رياست سلطنت عثمانيه جي اثر مان ته نڪري وئي، پر اها اڃان روس جي مڪمل اثر هيٺ نه اچي سگهي هئي. ڪرائميا جي آخري خان گيرائي جي دور ۾ ئي روس جو اثر ويتر وڌي ويو ۽ روس جي راڻي ڪيٿرائن سلطنت عثمانيه سان ڪيل معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري فوجي ڪاهه ذريعي 8 اپريل 1783ع تي ڪرائميا کي مڪمل طور تي روس جي سلطنت ۾ شامل ڪري ڇڏيو.

 

                مارچ 1854ع ۾ اهو ڪرائميا يورپ جي تاريخ جي هڪ وڏي اهم جنگ جو ميدان پڻ ٿيو. جنهن ۾ هڪ پاسي اڪيلو روس ۽ ٻي پاسي برطانيا، سلطنت عثمانيه، فرانس ۽ سارڊينيا تي ٻڌل اتحاد هو. ٻن سالن تائين هلندڙ اها جنگ پنج لک ماڻهن جي موت کان پوءِ هڪ معاهدي جي نتيجي ۾ ئي پڄاڻيءَ تي پهتي هئي. ان کان پوءِ وري ٻي مها ڀاري جنگ دوران اهو ڪرائميا ڪجهه وقت لاءِ جرمني جي قبضي هيٺ پڻ رهيو. 1783ع ۾ ڪرائميا تي روس جو قبضو ٿيڻ سان اتان جي تاتاري مسلمانن لاءِ روسي سرڪار ڪرائميا جي ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي. زوري مذهب تبديل ڪرائڻ جي ڪوششن توڙي اتي ٻين نسلن خاص طور تي روسين کي آباد ڪرڻ جهڙن طريقن سان انهن تاتارين کي پنهنجي ڌرتي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو. اٽڪل 30 هزار تاتارين کي قتل ڪيو ويو. رڳو 6 سالن ۾ 3 لک تاتاري مسلمان سلطنت عثمانيه توڙي ٻين اسلامي ملڪن ڏانهن لڏي ويا. ان لڏ پلاڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو زار روس جي دور ۾ ئي ڪرائميا جا اصل ڌرتي ڌڻي تاتاري مسلمان ٿورائي ۾ بدلجي ويا .1860ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اتان جون حالتون خراب ٿيون ته وڌيڪ ڏيڍلک تاتارين کي ڪرائميا مان لڏڻو پئجي ويو. رهيل ڪسر وري ٻي مهاڀاري جنگ کان پوءِ جوزف اسٽالن پوري ڪئي. جڏهن ڪرائميا جي تاتارين تي ٻي مهاڀاري جنگ ۾ نازي جرمني جو ساٿ ڏيڻ ۽ روس سان غداري ڪرڻ جي الزام ۾ انهن کي مئي 1944ع ۾ زوريءَ ڪرائميا مان لڏائي سوويت يونين جي ان وقت جي رياست ازبڪستان ڏانهن موڪليو ويو. اٽڪل هڪ لک 93 هزار کان وڌيڪ تاتاري ان دور ۾ لڏايا ويا. 

 

          ڪرائميا تي روس جو قبضو ٿيڻ کان پوءِ 1783ع کان 1944ع تائين اٽڪل 20 لک تاتارين کي ڪرائميا مان تڙي ڪڍيو ويو. جڏهن ته انهن جي جاءِ تي وري ٻين قومن خاص طور تي روسين کي ڪرائميا ۾ آباد ڪيو ويو. هن وقت اتي 58 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي روسين جي، 28 سيڪڙو کن آبادي يوڪرينين جي، جڏهن ته ان ڌرتيءَ جي اصل ڌڻي تاتارين جي آبادي 10 کان 12 سيڪڙو مس آهي.

 

           ڪرائميا آخري ڀيرو روس جي قبضي هيٺ 1954ع ۾ آيو هو ۽ پوءِ 1992ع ۾ سوويت يونين جي ٽٽڻ سان ئي اهو يوڪرين سان گڏ ئي آزاد ٿيو. اڄ ڪرائميا ۾ توڙي يوڪرين جي جي ڏاکڻين علائقن ۾ روسي وڏي اڪثريت ۾ موجود آهن، جيڪي هڪ ڌار ۽ آزاد ملڪ يوڪرين جا رهواسي هوندي به پنهنجون همدرديون ۽ حمايت روس سان ئي رکن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو يوڪرين جي سياسي گهوٽالي دوران گادي واري شهر ڪيف ۾ مخالف ڌر جي حامي يوڪرينين جڏهن روسي حامي صدر وڪٽر يانوڪووچ کي اقتدار ڇڏي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ته يوڪرين چٽي نموني سان نسلي بنيادن تي ٻن حصن ۾ ورهائجي چڪو آهي. هڪ پاسي يوڪريني نسل وارا آهن ته ٻي پاسي روسي نسل وارا.

 

            روس 1854ع ۾ اتحادين سان جنگ ۾پاڻ کي عيسائين جي حقن جو محافظ طور پيش ڪيو جڏهن ته هاڻ ٻيهر يوڪرين خاص طور تي ڪرائميا تي قبضي لاءِ وري روسين جي حقن جي حفاظت ڪرڻ جي دعوه ڪري رهيو آهي. يوڪرين جي سياسي گهوٽالي جو ڀرپور فائدو وٺندي امريڪا توڙي پوري يورپ جي سخت مخالفت ۽ دٻاءُ جي باوجود روس 22 فيبروري 2014ع تي يوڪرين جي رياست ڪرائميا تي قبضو ته ڪري چڪو آهي پر ان کي مڪمل طور تي يوڪرين کان ڌار ڪري روس جو حصو ڪرڻ لاءِ روس کي ڪنهن گهڻي مزاحمت سان منهن ڏيڻو نه پيو پئي. ڇو ته اتان جو نه رڳو عوام پر پارليامينٽ توڙي فوج جو به هڪ وڏو حصو روس سان گڏجڻ گهري ٿو. يورپي يونين ۽ امريڪا تي ڀاڙيندڙ يوڪرين جي اها وڏي تاريخي بد قسمتي آهي جو هو پنهنجي ملڪ کي ورهائجندي ڏاڍي بي وسيءَ سان ڏسي رهيو آهي پر ان جي بچاءُ لاءِ سواءِ بيان بازيءَ جي ٻيو ڪجهه به نه ڪري سگهيو آهي. ان جا ته اهي به ڀلا ڀاڳ چئبا جو هو باقي بچيل ملڪ کي به سنڀالي سگهي، ڇو ته هاڻ جڏهن ڪرائميا تي روس جو قبضو ٿيڻ ۽ اتان جي آبادي جي گهڻائي روسي نسل وارن پنهنجي هٿ ٺوڪيي ريفرنڊم ذريعي روس سان گڏجڻ جو فيصلو به ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ ڪرائميا ته يوڪرين جي هٿن مان نڪري ئي چڪو آهي پر ان کان پوءِ اها بغاوت جي باهه هاڻ يوڪرين جي ڏاکڻي حصي ۾ به لڳي سگهي ٿي، جتي پڻ روسي نسل وارن جي اڪثريت آهي.

  • Wix Facebook page
bottom of page