top of page

             فلسطين جي ڌرتي اها مقدس ڌرتي آهي، جنهن کي نبين جي ڌرتي هئڻ جو اعزاز آهي، جنهن ڌرتيءَ تي حضرت ابراهيم عه، حضرت لوط، حضرت سليمان، حضرت دائود، حضرت ذڪريا، حضرت يحيٰ ۽ حضرت عيسيٰ جهڙا ڀلارا نبي آباد ٿيا ۽ اها ڌرتي جتي سمورن نبين جي سردار حضرت محمد صلي الله عليهه وسلم جن جي سفر معراج تي وڃڻ کان اڳ مسجد اقصيٰ ۾ الله تعاليٰ سمورن نبين  جي روحن کي گڏ ڪيو، جن حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي امامت ۾ نماز ادا ڪئي ۽ ان ڌرتيءَ کي عظيم اعزاز بخشيو.

 

             فلسطين جي هيءَ اهائي ڌرتي آهي، جتان کان تڙجي مصر ۾ پهتل بني اسرائيل تي  جڏهن مصر ۾ فرعون ظلم ڪرڻ شروع ڪيا ته تيرهين صدي قبل مسيح  ۾ حضرت موسيٰ عليهه السلام ئي انهن کي فرعون جي ظلمن کان ڇوٽڪارو ڏياريو، پر اهي بدبخت بني اسرائيل اهڙا ته نافرمان ۽ ضدي هئا جو انهن حضرت موسيٰ جي چوڻ باوجود واپس فلسطين ۾ وڃڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو، انهن جي ان انڪار کي قرآن ۾ هن ريت بيان ڪيو ويو آهي:

                       

                        ترجمو: ”:اسين ان وقت تائين ان سرزمين ۾ داخل نه ٿينداسين جيستائين اهي (اتان جا  رهندڙ) اتان نڪري نه ويندا،

                                    اي موسيٰ وڃ تون ۽ تنهنجو خدا انهن سان مقابلو ڪريو، اسين هتي ويهي تنهنجو انتظار ٿا ڪريون“

 

             اهي بني اسرائيل تاريخ جا اهڙا ته نافرمان نڪتا جو نبين جي تعليم جو مٿن ذري جو به اثر نه ٿيو. صديون گذري ويون، انهن ئي بني اسرائيل جي نسل وارا ان مقدس ڌرتيءَ تان تڙيا ويا، دنيا ۾ دربدر ٿيندا رهيا پر سندن روين ۽ سوچ ۾ اڄ تائين ڪا تبديلي ته نه اچي سگهي آهي پر اڄ هو طاقتور ضرور ٿيا آهن، اڄ اهي پنهنجي معاشي طاقت جي زور تي نافرمان کانپوءِ ظالم به ٿيا آهن، اڄ انهن پنهنجي ان طاقت جي زور تي اها مقدس ڌرتي مظلوم فلسطيني مسلمانن لاءِ تنگ ڪري ڇڏي آهي، اڄ اها مقدس ڌرتي انهن مظلوم فلسطينين جي رت سان رنگجي وئي آهي.

 

             اسرائيل پنهنجي دهشتگردي ۽ درندگيءَ جي نئين قسط 8 جولاءِ کان شروع ڪئي، فلسطين جي غزه واري پٽي جيڪا گذريل 8 سالن کان مڪمل طور تي اسرائيل جي گهيري هيٺ آيل آهي، ان تي پنهنجي وحشياڻي بمباريءَ جي شروعات ڪئي، عام شهرين جي گهرن، مسجدن توڙي عوامي ڀلائي جي مرڪزن تي ميزائلن جو مينهن وسائي تباهه ڪيو، 220 جي لڳ ڀڳ بي گناهه فلسطيني شهيد ۽ 15 سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.

ٿيو ڇا هو؟

 

             مارچ 2014ع ۾ اسرائيل جا 3 نينگر  اغوا ٿيا هئا، اسرائيل انهن جي اغوا جو الزام سڌيءَ ريت فلسطينين جي ويڙهاڪ تنظيم حرڪت المقا ومه الاسلامي (حماس) تي هنيو، پر حماس اهڙي معاملي کان لاتعلقي ظاهر ڪندي ان جي چٽي نموني ترديد به ڪئي.

30 جون تي انهن ٽن اغوا ٿيل اسرائيلي ڇوڪرن جا لاش مليا، اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياهو انهن ٽن ڇوڪرن جي تدفين کان اڳ لاشن ڀرسان ڊائس تي بيهي اعلان ڪيو ته ”اسين انهن نينگرن جي موت جو پلاند ڪنداسين“. نتين ياهو جي اها ڌمڪي اصل ۾غزه تي ڄڻ ته حملن جو اعلان هو ۽ اهڙي ڌمڪي انهن اسرائيلي ٻارن جي موت بابت جانچ ڪرڻ ۽ اصل جوابدارن جو پتو لڳائڻ بنا ئي رڳو دشمنيءَ جي بنياد تي حماس کي ذميوار ڄاڻائي ڏني وئي ۽ پوءِ اسرائيل ان ڌمڪيءَ تي عمل به ڪيو.

 

             2 جولاءِ تي هڪ فلسطيني نينگر ابوخضير کي اغوا ڪيو ويو ۽ پوءِ باهه ڏئي ان کي قتل به ڪيو ويو. اهو هو اسرائيل جو انهن ٽن اسرائيلي ٻارن جي موت جو پلاند، اسرائيلي يهودين هٿان فلسطين جي 12 ورهين جي ان ٻارڙي جي اهڙي نموني قتل فلسطينين کي ڀڙڪائي ڇڏيو، اهڙي موقعي تي اسرائيل سان پنهنجي وسيلن آهر مهاڏو اٽڪائيندڙ حماس جو رت به ٽهڪي پيو ۽ ان پنهنجي ان معصوم ٻارڙي جي پلاند جو اعلان ڪيو. حماس جي ويڙهاڪ ونگ عزالدين القسام بريگيڊ اسرائيل تي راڪيٽ فائر ڪيا ۽ پوءِ اسرائيل جيڪو هميشه فلسطينين جي قتل عام لاءِ بهانن جي ڳولها ۾ هوندو آهي، ان انهن راڪيٽ حملن جو سبب ڄاڻائي گذريل 8 سالن کان پنهنجي گهيري ۾ آندل غزه واري پٽيءَ جي مختلف شهرن ۾ گهرن مٿان جنگي جهازن ذريعي ميزائل جا حملا ڪري معصوم فلسطينين جو قتل عام شروع ڪري ڏنو.

 

             غزه تي اسرائيلي دهشتگرديءَ کي 10 ڏينهن ٿي ويا آهن. انهن حملن سبب وڏي انگ ۾ معصوم ٻارڙا توڙي عورتون به شهيد ٿيون آهن، معصوم ٻارڙن جون ميڊيا تي جاري ٿيل تصويرون ڪنهن پٿر دل انسان کي به روئاڙي ڇڏين ٿيون. معصوم ٻارڙن جا اڌ مٿا ڪٽيل، ٻانهون وڍيل، چهرا چچريل ۽ ٽڪر ٽڪر ٿيل جسم ڏسڻ کان پوءِ به انسانيت جي عملبردارن ۽ عالمي برادريءَ جو ضمير جاڳي نه سگهيو. پوري دنيا ڄڻ ته بي حس ڀت ٿيل نظر اچي ٿي. معصوم فلسطينين کي اسرائيل جي دهشتگرديءَ کان بچائڻ ته پري ٿيو پرگڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ته بي حسيءَ جي حد ڪري ڇڏي جو ايترا معصوم ٻارڙا ۽ عورتون توڙي مرد اسرائيلي درندگيءَ جو نشانو ٿيڻ کانپوءِ به ان جي مذمت ڪرڻ جي همت به نه ڪري سگهي ۽ رڳو جنگ بنديءَ جي اپيل ڪري ئي ميار لاهي ڇڏي.

جنگ بندي؛

 

             غزه تي اسرائيلي حملن جي ڇهين ڏينهن تي مصر اسرائيل ۽ حماس کي جنگ بنديءَ جي تجويز ڏني. اسرائيل 200 کان وڌيڪ فلسطينين جي قتل، 1500کان وڌيڪ فلسطينين کي زخمي ڪرڻ ۽ هزارين گهرن کي بمباريءَ سان نقصان پهچائڻ جو پنهنجو ٽارگيٽ پورو ڪرڻ کانپوءِ جنگ بنديءَ لاءِ راضي ٿي ويو ۽ هن اڱاري ڏينهن صبح جو اهي حملا بند ڪيا پر حماس اهڙي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو، جيڪا رڳو اسرائيل جي فائدي ۾ آهي. حماس جو چوڻ آهي ته جنگ بنديءَ کان اڳ هڪ معاهدو ٿيڻ گهرجي، جنهن هيٺ اسرائيل غزه جو 2007ع کان ڪيل گهيرو ختم ڪري، مصر سان لڳندڙ رفح سرحد کولي ۽ گرفتار ٿيل فلسطينين کي آزاد ڪري.

 

             جيتوڻيڪ اسرائيل ته هونئن به اعتبار جوڳو نه آهي، هو اڳ به اهڙا معاهدا ڪندو ۽ وري انهن جي ڀڃڪڙي به ڪندو رهيو آهي پر ان باوجود حماس هڪ ڀيرو وري به معاهدي لاءِ زور ڀري رهيو آهي، ڇو ته ايتري وڏي انگ ۾ معصوم فلسطينين جي قتل کانپوءِ به ڪو معاهدو ڪرڻ بنا جنگ بندي ڪرڻ حماس لاءِ اسرائيل آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ برابر ئي آهي.

 

             حماس طرفان جنگ بنديءَ جي تجويز رد ٿيڻ کان پوءِ اسرائيل ويتر وڌيڪ مڇرجي پيو آهي. عالمي برادريءَ جي ٿڌي ردِ عمل ۽ مٿان وري اميريڪا جي صدر براڪ اوباما جي بيان ته ويتر اسرائيل کي نه رڳو هشي پر   ڄڻ ته فلسطينين جي قتل عام جو لائسنس ڏئي ڇڏيو آهي. اوباما معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت سوين بيگناهه فلسطينين جي قتل کان پوءِ به وڏي بي حيائي سان چوي ٿو ته ” اسرائيل تي راڪيٽ حملن کي برداشت نه ٿو ڪري سگهجي، اهو معاف ڪرڻ جوڳو نه آهي ۽ اسرائيل کي پنهنجي بچاءُ جو حق آهي“.  هتي اها ڳالهه ياد رکڻ جوڳي آهي ته اسرائيل جي حملن جي جواب ۾ حماس ان تي راڪيٽن سان حملا ڪيا جن ۾ 10 ڏينهن دوران رڳو هڪ ڏينهن اڳ هڪ ئي اسرائيلي ماريو آهي. پر  اسرائيل جي حملن ۾ هن وقت تائين 220 کن بيگناهه فلسطيني ماريا ويا آهن، 1500 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن ۽ ان قتل عام جو سلسلو اڃا بند نه ٿيو آهي پر اهو ويتر وڌيڪ تيز ٿيڻ جو امڪان آهي.

18-7-2014

  • Wix Facebook page
bottom of page