top of page

بس اسان کي شرم ئي نٿو اچي
 

مراد علي شاه بڪيرائي

        ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اسين پاڪستاني جي حيثيت هڪ سان هڪ نهايت ئي ڏاڍي نرالي ۽ بنهه عجيب قسم جي قوم آهيون، جنهن جو شايد دنيا ۾ ڪو مثال به نه ملي سگهندو هوندو، پر مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته نرالي ۽ عجيب هئڻ تي اسان کي فخر ڪرڻ گهرجي يا شرم وچان ٻڏي مرڻ گهرجي.
اڃان ڪالهوڪي ئي ڳالهه آهي فيس بڪ تي انڊونيشيا جي ڪا مائي آن لائن هئي. منهنجو پروفائيل پڙهڻ بنا ئي چيٽنگ جي شروعات ڪيائين. هيلو هاءِ ڪرڻ کانپوءِ پهريون سوال ڪيائين ته ”ڪٿان جو آهين؟“ مون لکيو ”پاڪستان“ مائيءَ وري لکيو ”اوهه“... ۽ پوءِ اها گم ٿي وئي. پهرين ته آئون پريشان ٿي ويس پر پوءِ جلد ئي سمجهه ۾ اچي ويو ته مائي جو ڏوهه نه آهي، پر ڏوهه منهنجو آهي جو آئون پاڪستاني نڪري پيس.


      اوڀر کان وٺي اولهه تائين جي ملڪن ۾ جتي به ڪو ماڻهو پنهنجي سڃاڻپ پاڪستاني طور ڪرائي ٿو ته اڳيون ماڻهو بس ايئن ڇرڪجي ٿو پوي ڄڻ ته ڪو ان جو پير ڪنهن بارودي سرنگ تي پئجي ويو هجي. پر آخر ڪو ڇرڪي به ته ڇو نه، اسان جا لڇڻ ئي جو اهڙا آهن.
نرالي قوم سان گڏوگڏ اسان هڪ بي انتها جذباتي قوم طور پڻ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي رهيا آهيون. جذباتي به اهڙا جو نه پنهنجي وس ۾ اچي سگهون ۽ نه وري ٻي ڪنهن جي وس ۾، پرايو نقصان ڪرڻ ۾ ته اسان جو ڪو ثاني ڪونهي، پر پنهنجي هٿان پنهنجو نقصان ڪرڻ ۾ به اسان جو ڪو مٽ نه آهي.
معاملو ڪو مذهبي هجي يا ڪو سماجي، معاملو ڪو پرايو هجي يا پنهنجو. بس رڳو ڪير تيلي ڏيکاري پيٽرول پنهنجو پاڻ کي ئي ڪري ٿا ڇڏيون. ڪڏهن ڪو ڊئنمارڪ جو نالائق ڪا نالائقي ڪري ٿو وجهي، ته ان کي ته ڪجهه ڪو نه ٿئي، پر هتي اسين جذبات ۾ اچي سوچڻ سمجهڻ بنا پنهنجن ئي گهرن کي پاڻ باهه ئي ٿا ڇڏيون. پنهنجن ڀائرن جا ئي ٻچا يتيم ڪرائڻ ۾ دير ئي نه ٿا ڪريون ۽ دنيا جون اچرج وچان اکيون ڦاٽل ئي رهجي ٿيون وڃن ته هي پاڪستاني واقعي ڏاڍي عجيب ۽ نرالي قوم آهن.


       مون ان تي اڃان اها تحقيق نه ڪئي آهي، پر آئون اسان جي توڙي اسان وارن حاڪمن جي لڇڻن جي آڌار تي اهو ئي سمجهان ٿو ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ احتجاج جنهن ملڪ ۾ ٿين ٿا اهو اعزاز به شايد اسان جي ئي ملڪ کي حاصل هوندو. ايترا احتجاج جو هاڻ ان کي احتجاج چوڻ ئي ان لفظ جي بي حرمتي آهي. اڄ به دنيا جا اهڙا ملڪ به آهن جتي اهڙا احتجاج ٿين ئي نه ٿا، جهڙا اسان وٽ ٿين ٿا، پر جيڪڏهن ڪٿي ڪو معمولي ۽ ننڍڙو به احتجاج ٿئي ٿو ته اهو اتان جي حڪمرانن جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي. پر هتي جا حاڪم جيڪڏهن نوٽيس وٺندا ته ان ئي احتجاج جو جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن ماڻهو کي پنهجي جان ڏيڻي پوي، پوءِ اها جان ڪنهن کي پاڻ ساڙي ڏيڻي پوي يا وري پوليس جي ڪا گولي کائڻ سان ڏيڻي پوي. ان ڪري هاڻ ته بس حاڪمن جون اکيون کولائڻ لاءِ هن قوم جو ٻليدان ضروري ٿي پيو آهي. اهڙي حالت ۾ اسان جا هڪڙا بيوس ۽ لاچار ماڻهو ته اهڙا آهن، جيڪي ٻي ڪا واهه نه ڏسندي پنهنجو ڪو ننڍو مسئلو حل ڪرائڻ لاءِ حڪمرانن جون اکيون کولرائڻ لاءِ پاڻ کي ئي باهه ڏئي ٻَليءَ چاڙهين ٿا، ته اسان مان ئي ٻيا وري اهڙا به آهن، جيڪي پنهنجا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ ٻين کي ئي ٻَليءَ چاڙهي ٿا ڇڏين ۽ اهڙا مثال اسان کي لڳ ڀڳ روز ئي ملن ٿا.


      مسئلو ڪنهن بيگناهه جا قاتل گرفتار ڪرائڻ جو هجي، ڪنهن وڏيري يا پوليس جي ظلم جو هجي، پاڻي يا گئس نه اچڻ جو هجي يا لوڊشيڊنگ جو هجي. مسئلو پگهار نه ملڻ جو هجي يا پگهار وڌائڻ جو، ڪنهن جي اغوا جو هجي يا ڪنهن معمولي جهيڙي جو، اسان وٽ ان کي حل ڪرائڻ لاءِ بس رڳو هڪ ئي طريقو آهي، سو آهي ٻين اڻ لاڳاپيل ۽ بي ڏوهي ماڻهن کي احتجاج جي غلط طريقن سان يرغمال ڪري انهن کي ڍال طور استعمال ڪرڻ يا وري انهن جي مال ۽ ملڪيت کي تباهه ڪرڻ. اهي ئي ڳالهيون ته اسان کي ٻين کان نرالو ڪن ٿيون. مسئلو ڪهڙو به هجي ۽ اسان جا ماڻهو ڪنهن به طبقي سان واسطو رکندا هجن، اهي اڻ پڙهيل ڪي ڳوٺاڻا هجن، رستن جا لوفر ۽ رولاڪ ڪي مٿي ڦريا ڇڙواڳ نوجوان هجن يا پڙهيل لکيل طبقي سان واسطو رکندڙ اعليٰ تعليم يافته اسان جا اسڪولن، ڪاليجن يا يونيورسٽين جا استادهجن ياوري ڊاڪٽر ۽ وڪيل هجن. سڀني جي سوچ ۾ ذري جو به فرق نه لڳندو آهي. جيڪڏهن فرق هوندو آهي ته رڳو اهو ئي ته مٿي ڦريل لوفر قسم جا نوجوان پنهنجن مسئلن جي آڙ ۾ روڊن تي نڪري بي ڏوهي ۽اڻ لاڳاپيل شهرين جي گاڏين، دڪانن، پيٽرول پمپن ۽ غريب پورهيتن جي ريڙهن تي حملا ڪري، باهه ڏئي نقصان رسائن ٿا، ڪي ڳوٺاڻا يا شهري ڪلاڪن جا ڪلاڪ روڊ بند ڪري هزارين اڻ لاڳاپيل بي ڏوهي مسافر عورتن، ٻارن، عورتن توڙي پوڙهن ۽ مريضن کي احتجاج جي نالي تي يرغمال ڪري ڍال طور استعمال ڪري اذيتون ڏئي تنگ ڪندا آهن، ڪي اعليٰ تعليمي ادارن جا ڪي استاد پنهنجي مسئلن جي آڙ ۾ احتجاج جي نالي تي معصوم شاگردن جي تعليم کي ڍال ڪري ٿا ڇڏين ته وري سماج جا اهي ماڻهو جيڪي پاڻ کي مسيحا به سمجهندا آهن سي پڻ پنهنجي معمولي مسئلن تي احتجاج ۽ بائيڪاٽ جي نالي تي اسپتالن ۾ جياپي جي آس ۾ ويٺل مريضن کي علاج کان محروم ڪري انهن کي ڍال طور استعمال ڪندا آهن.


        ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته جنهن گهر ۾ پاڻي نه هجي، جنهن گهر جي بجلي بند هجي. بيمار ۽ ٻار اڃ ۽ گرميءَ ۾ تڙپندا هجن، انهن جي حالت ڪهڙي نه اذيت ڀري هوندي آهي. پر ان جو اهو به مطلب نه آهي ته جيڪڏهن منهنجي گهر جو پاڻي بند آهي ته آئون پنهنجي پاڙيسري جو نلڪو ئي پٽي ڇڏيان.
اسان جي بي حسي جي حد ته اها آهي جو جيڪي به اسان جا مسئلا پيدا ڪرڻ يا مسئلا حل ڪرڻ جا ذميوار آهن، اسان انهن جو ته وار به ونگو نه ڪندا آهيون، پر ان جو پلاند وري اسين انهن کان ئي ڪريون ٿا جن جو ان معاملي سان ڪنهن به قسم جو ڪو پري جو به واسطو نه آهي. اسان سان ظلم، ڪو وڏيرو ڪري ٿو، اسان سان ظلم ڪا پوليس ڪري ٿي، اسان جي بجلي نه هئڻ، پاڻي نه هئڻ جا ذميوار لاڳاپيل کاتن جا ڪامورا هوندا آهن، پر اسان جو ڏمر ڪرندو ته ڪنهن غريب ريڙهي واري تي ان کي باهه ڏينداسين، ڪنهن شريف دڪاندار جي دڪان کي باهه ڏينداسين، ڪنهن واٽهڙو جي گاڏيءَ کي ڏنڊا هڻي شيشا ڀڃي يا باهه ڏينداسين، رستو بند ڪري ڪنهن ٻچڙيوال جي گاڏي روڪي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ان جي معصوم ٻارن، عورتن ۽ پوڙهن کي گرميءَ ۾ تڙپائي پنهنجو هانءُ ٺارينداسين، ڪنهن ايمبولينس جي رستا روڪ ڪري ڪنهن مسڪين مريض جي مرڻ جو ڪارڻ ٿينداسين ۽ وس پڄندو ته ڪنهن ريل گاڏيءَ کي به باهه ڏئي پنهنجي جيءُ کي ٿڌو ڪنداسين. اهي سڀئي عمل اسان کي هڪ نرالي قوم ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن.


       بس اها ئي سوچ آهي اسان جي ته جيڪڏهن اسين مسئلن ۾ آهيون ته ٻيو ڪو سک سان ڪيئن هجي. اسين عجيب قوم ئي آهيون، تڏهن ته پنهنجا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ ٻين لاءِ مسئلا پيدا ڪريون ٿا، جن جو اسان جي مسئلن سان ڪو پري جو به واسطو نه هوندو آهي. پر آخر اسان ڪريون به ته ڇا؟ آخر محروم قوم به ته آهيون نه، اسان وٽ نه امن آهي، نه روزگار، نه انصاف آهي، نه تحفظ، نه بجلي ٿي اچي نه پاڻي، نه گئس ٿي اچي ۽ نه ئي وري اسان کي ڪو شرم ئي ٿو اچي.

  • Wix Facebook page
bottom of page