top of page

تباهي ڪندڙ طوفانن جا نرالا نالا

مراد علي شاه بڪيرائي

      اڄ جڏهن 30 آڪٽوبر 2014ع تي اوهين هي سٽون پڙهي رهيا آهيو ته ان وقت عربي سمنڊ مان اٿيل طوفان ”نيلوفر“ سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي ڪنارن تي پهچي چڪو هوندو يا بس پهچڻ وارو ئي هوندو.

 

      هي طوفان ڪنهن به صورت ۾ انساني آبادين لاءِ ڪي فائدي وارا ته نه هوندا آهن ۽ اهي جتي به ايندا آهن ته اتي درد ۽ تڪليفن ڀريون يادون ۽ تباهي جا نشان ئي ڇڏي ويندا آهن. پر انهن طوفانن جا نالا ڏاڍا نرالا هوندا آهن. جڏهن هنن طوفانن بابت خبرون ميڊيا تي اينديون آهن ته ان وقت عام ماڻهو انهن طوفانن جي نالن بابت ضرور سوچيندو آهي ته آخر انهن طوفانن جا اهي نالا ماڻهن جي نالن جهڙا ئي ڇو آهن. ڪڏهن ڪنهن طوفان جو نالو ڪتريناآهي، ڪڏهن ريٽا، ڪڏهن ليليٰ ته ڪڏهن ڪنهن طوفان جو نالو نرگس آهي. اڄ جيڪو طوفان اسان جي لاءِ تباهي ۽ برباديءَ جو نياپو کڻي آيو آهي. ان جو نالو به ڏاڍو دلچسپ يعني ”نيلوفر“ آهي.  اهو نالو خبرن ۾ اچڻ کان پوءِ ان جي حوالي سان دلچسپ تبصرا پڻ ٿي رهيا آهن.


        سمنڊن مان هر سال اٿندڙ طوفانن جا مختلف ملڪن طرفان ڪي خاص نالا رکيل آهن، جيئن اسين پنهنجي ٻار جي ڄمڻ کان اڳ ئي ان جو نالو سوچي وٺندا  آهيون، ايئن ئي هنن طوفانن جا نالا پڻ انهن جي اچڻ کان اڳ ئي مقرر ڪيا ويندا آهن. نالا مقرر ڪرڻ جو اهو ڪم ورلڊ ميٽريولاجيڪل آرگنائيزيشن ۽ مختلف ملڪن جا موسميات وارا  ادارا ڪندا آهن. اهي ڪيترن ئي سالن جي طوفانن جي نالن جون لسٽون اڳ ئي تيار ڪري ڇڏيندا آهن. طوفانن جا اهي نالا گهڻو ڪري ماڻهن وار ا ساڳيا نالا هوندا آهن ۽ تن ۾ به گهڻو ڪري عورتن وارا نالا هوندا آهن. جڏهن ته انهن کان علاوه ڪي نالا وڻن ، گلن، جانورن ۽ ڪن ٻين شين وارا پڻ هوندا آهن.


           سامونڊي طوفانن تي نالا رکڻ جي شروعات ٻي مهاڀاري جنگ واري دور ۾ ٿي، جڏهن طوفان تي نظر رکندڙ امريڪا جي آرمي ايئرڪراپ ۽ نيوي جي موسميات کاتي جي ماهرن طوفانن تي پنهنجي سنگتياڻين يا شايد زالن وارا نالا رکيا هئا.
1950ع کان 1952ع ڌاري اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ مان اٿيل طوفانن کي اکر پٽي (الفا بيٽ) جي ترتيب سان ،ائبل (Able) ، بئڪر (Baker) چارلي (Charlie) جهڙا نالا ڏنا ويا، پر 1953 ۾ امريڪا جي موسميات کاتي طوفانن لاءِ عورتن جا نالا مقرر ڪيا. 1959ع ۾ ورلڊ ميٽريولاجيڪل آرگنائيزيشن ۽ يو ايس نشنل ويدر سروس طوفانن لاءِ مردن جي نالن جي هڪ لسٽ ٺاهي ورتي. پوري دنيا ۾ مختلف سمنڊن مان اٿندڙ طوفانن جا گهڻا نالا مردن ۽ عورتن وارا ئي مقرر ٿيل آهن. اهي نالا هر سال تبديل ٿيندا رهندا آهن، جنهن ڪري ڪوبه نالو ڪنهن طوفان تي ڇهن سالن کانپوءِ ورجايو ويندو آهي. ان دوران جيڪي به طوفان ايندا تن جا نالا به مختلف ئي هوندا. هر سال جي مند ۾ طوفانن جا نالا اڳواٽ ئي مقرر ڪيا ويندا آهن. اهي نالا جيڪي هر مند ۾ اٽڪل 21 کان 24 تائين هوندا آهن سي رومن اکر پٽي (الفابيٽ) واري ترتيب سان رکيل هوندا آهن، جنهن موجب هر مند جي پهرئين طوفان جو نالو اکر A (اي) سان شروع ٿيندڙ هوندو، ان کان پوءِ ٻي طوفان جو نالو B (بي) سان، پوءِ C (سي) ۽ D (ڊي) وغيره. اهڙي ريت امريڪا سميت ڪيترن ئي ٻين ملڪن ۾ پڻ طوفانن جا اهڙي نموني جا نالا رکيا ويندا آهن. جيتوڻيڪ هر سال طوفانن جا اڳواٽ ئي A(اي) کان  Z (زيڊ) تائين جي اکرن سان شروع ٿيندڙ نالا رکيا ته ويندا آهن پر گهڻو ڪري اهي سمورا نالا استعمال ٿي نه سگهندا آهن. طوفانن جا نالا رکجڻ کان پوءِ اڄ تائين ڪنهن طوفان لاءِ R (آر) سان شروع ٿيندر ڪوبه نالو رڳو ٻيو ڀيرو ئي استعمال ٿي سگهيو آهي جيڪو آهي ريٽا (RITA). ان نالي وارو طوفان 28 سيپٽمبر 2005 تي آيو. جڏهن ته R (آر) سان شروع ٿيندڙ روڪزاني يا رخسانه  (Roxanne)نالي وارو طوفان 1995ع ۾ آيو هو. امريڪا ۾ سال 2005   ۾ طوفانن جو سلسلو مقرر ٿيل لسٽ کان به اڳتي ٽپي ويو هو. ان سال ڪل 27 طوفان آيا هئا. لسٽ ۾ جيئن ته زيڊ (Z)تائين جا  اکر هئا ان ڪري ستاويهين طوفان لاءِ ڪو نالو مقرر ٿيل ئي نه هو . ان سال جي طوفانن اڳ جا سمورا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا هئا.


         لسٽ مان نالا ڪڍڻ يا شامل ڪرڻ جو اعلان ورلڊ ميٽريولاجيڪل آرگنائيزيشن ڪندو آهي. لسٽ مان جيڪي نالا ڪڍيا ويندا آهن سي ٻيهر استعمال نه ڪيا ويندا آهن. جيتوڻيڪ امريڪا توڙي ٻين ملڪن ۾ هر سال ڪيترائي طوفان ايندا رهندا آهن پر اهي ايترا وڏا ۽ خطرناڪ نه هوندا آهن ۽ نه ئي ڪو ايترو وڏو نقصان ٿيندو آهي، جنهن ڪري اهي اسان جي ريڊيو، ٽي وي يا اخبارن لاءِ ڪا خاص اهميت نه رکندڙ هوندا آهن ۽ رپورٽ ٿي نه سگهندا آهن، پر 30 آگسٽ 2005 تي امريڪا ۾ آيل طوفان ڪترينا ۽ 25 سيپٽمبر 2005تي آيل طوفان ريٽا امريڪا جي تاريخ جا انتهائي زوردار ۽ وڏي تباهي ڪندڙ طوفان هئا، جنهن سبب اٽڪل 20 هزار کن ماڻهو مري ويا، لکين ماڻهو بي گهر ٿيا ۽ لکين عمارتون ٻڏي ويون، انهن طوفانن سبب امريڪا جي خاص طور تي ٻن رياستن لوئي زيانا ۽ فلوريڊا ۾ وڏي تباهي ٿي، جنهن پوري امريڪا کي لوڏي وڌو. ايتري قدر تباهي جي ڪري ئي اهي طوفان اسان وٽ رپورٽ ٿيا ۽ هتان جا ماڻهو انهن طوفانن جي نالن کان واقف ٿيا، جيڪي ڏاڍا نرالا هئا.

سمنڊ جي مختلف ڏسن کان اٿندڙ طوفانن جا نالا مختلف هوندا آهن، اتر اٽلانٽڪ مان اٿندڙ طوفانن جا نالا امريڪي اداري يو ايس نيشل هريڪن سينٽر جا مقرر ڪيل آهن. اهي نالا ماڻهن جي نالن سان رکيل هوندا آهن، اتر اٽلانٽڪ وارن طوفانن جي نالن جون ڇهه لسٽون آهن، يعني هر سال لاءِ هڪ لسٽ موجود هوندي آهي، هر هڪ لسٽ ۾ ڪل 21 نالا هوندا آهن.  اهي نالا رومن اکر پٽي (الفابيٽ) واري ترتيب سان هوندا آهن، انهن ڇهن لسٽن مان ٽي لسٽون زنانن نالن جون ۽ ٽي لسٽون مرداڻن نالن جون آهن. هر هڪ لسٽ هر ڇهين سال ورجائي ويندي آهي. اتر اٽلانٽڪ وارن طوفانن جي نالن ۾  Q،U،X،Y،Z سان شروع ٿيندڙ ڪوبه نالو نه آهي، ڏکڻ اٽلانٽڪ مان اٿندڙ طوفانن جا نالا به اتر اٽلانٽڪ واري طريقي موجب رکيل آهن پر ان جون ڌار نالن واريون لسٽون آهن، انهن لسٽن ۾ رڳو  Q ۽  U جي اکرن سان شروع ٿيندڙ ڪوبه نالو شامل نه آهي، يعني هن جي هر لسٽ ۾  24 نالا هوندا آهن. فلپائن به امريڪا وانگر طوفانن جي خبر چار لهندڙ اداري ايم ڊبليو او جي ڪميٽي جو ميمبر آهي پر ان هوندي به هن پنهنجي ملڪ ۾ ايندڙ طوفانن جي نالن جون امريڪا وانگر ئي لسٽون اڳواٽ ئي تيار ڪري ڇڏيون آهن. هن جون ڪل چار لسٽون آهن ۽ انهن لسٽن وارا نالا پڻ رومن اکر پٽي واري ترتيب موجب آهن. هنن لسٽن ۾ اي(A)  کان زيڊ (Z) تائين جي اکرن مان رڳو ايڪسX) ) سان شروع ٿيندڙ ڪو نالو نه آهي، يعني هر لسٽ ۾ ڪل 25 نالا آهن. هنن لسٽن ۾ ان ملڪ جي مختلف مذهبن سان واسطو رکندر ماڻهن وارا نالا شامل هوندا آهن. مثال طور: فلپائن ۾ مسلمان آبادي هئڻ ڪري 2006ع واري لسٽ ۾ هڪ نالو "عثمان" پڻ شامل هو. اهڙي طرح اتر آسٽريليا ۾ طوفانن جي نالن جون 2 لسٽون, اوڀر آسٽريليا جون ٽي ۽ اولهه آسٽرليا جون ٽي لسٽون، ڏکڻ اولهه هندي سمنڊ مان اٿندڙ طوفانن لاءِ ٽي، فجي جي طوفانن لاءِ پنج، جڏهن ته پاپوئا نيوجينيا جي طوفانن جون ٻه لسٽون آهن، سڀ کان گهٽ نالا پاپوئا نيوجينيا وارين لسٽن ۾ آهن، جيڪي هر لسٽ ۾ ڪل ست ست نالا ٿين ٿا. هنن لسٽن جا پهريان نالا "عادل" ۽ "عبدل" آهن. يعني هتي هر مند ۾ جيڪو به پهريون طوفان ايندو ان جو نالو "عادل" ۽ "عبدل" ئي هوندو، جڏهن ته وچ اتر پيسفڪ مان اٿندڙ سامونڊي طوفانن جي نالن جون ڪل چار لسٽون آهن ۽ هر لسٽ ۾ رومن اکر پٽي واري ترتيب سان ٻارنهن ٻارنهن نالا شامل آهن.


         اتر اوڀر پيسفڪ مان اٿندڙ طوفان جا نالا جاپان، ميٽريولاجيڪل ايجنسي جو "ٽوڪيو ٽائيفون سينٽر" مقرر ڪندو آهي پر اهي نالا ورلڊ ميٽريولاجيڪل آرگنائيزيشن جي طوفان ڪميٽي جا ميمبر ملڪ (جن جو انگ 14 آهي) سي تجويز ڪندا آهن. هر ملڪ 10 نالا تجويز ڪندو آهي، جيتوڻيڪ چونڊ ڪرڻ لاءِ اکر پٽي واري ترتيب نه هوندي آهي پر هنن ۾ اکر پٽي واري ترتيب وري انهن ملڪن جي نالن ۾ رکي ويندي آهي، جن جا اهي نالا تجويز ڪيل هوندا آهن يعني سال جي مند جو جيڪو پهريون طوفان هوندو ان جو نالو ان ملڪ جو تجويز ڪيل رکيو ويندو جنهن ملڪ جو نالو اکر پٽي (الفابيٽ) واري ترتيب ۾ سڀ کان اڳيان هوندو. هن ڪميٽي جا ميمبر ڪمبوڊيا، چين، ڪوريا، هانگ ڪانگ، جاپان، لائوس، مڪائو، ملائيشيا، مائيڪرونيشيا، فلپائن، ڪوريا، ٿائيلئنڊ، امريڪا ۽ ويٽنام آهن. رومن اکر پٽي جي لحاظ سان هنن ملڪن جي ترتيب ايئن ئي بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي، اهڙي طرح اهو چٽو ٿي ٿو وڃي ته اتر اوڀر پيسفڪ مان اٿندڙ پهرئين سامونڊي طوفان جو نالو ڪمبوڊيا جو تجويز ڪيل هوندو. ان کانپوءِ جيڪو طوفان ايندو ان جو نالو چين ۽ پوءِ ڪوريا جو تجويز ٿيل هوندو.

      

   ورلڊ ميٽريو لاجيڪل آرگنائيزيشن طرفان عربي سمنڊ سان لاڳاپيل 8 ملڪن جي جوڙيل ريجنل اسپيشلائزڊ ميٽريولاجيڪل سينٽر پهريون ڀيرو دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ طوفانن جا ڪجهه مختلف نالا مقرر ڪيا، يعني هنن طوفانن جا رڳو ماڻهن وارا ئي نه پر وڻن، گلن، جانورن، پکين ۽ کاڌن وارا نالا پڻ استعمال ڪيا آهن. ريجنل اسپيشلائزڊ ميٽريولاجيڪل سينٽر ۾ پاڪستان، ڀارت،بنگلاديش، مالديپ، برما، عمان، سريلنڪا ۽ ٿائيلئنڊ شامل آهن. پر اکر پٽي جي ترتيب طوفانن جي نالن بدران  رڳو ملڪن جي لسٽ لاءِ ئي مقرر ٿيل آهي. هن گروپ جي طوفانن جا نالا 2004 کان استعمال ٿيڻ شروع ٿيا آهن. ان وقت کان ڪل 25 طوفان اچي چڪا آهن. هاڻي نيلوفر ڇويهون طوفان آهي .

 هن لسٽ ۾ پاڪستان طرفان مقرر ٿيل نالن ۾ فانوس، نرگس، ليليٰ، نيلم، نيلوفر، ورده، تتلي ۽ بلبل شامل آهن. جن مان طوفان فانوس 10 ڊسمبر 2007  تي سري لنڪا جي علائقي ۾ آيو. نرگس 27 اپريل 2008ع تي بنگلاديش ، برما، ڀارت۽ سريلنڪا جي علائقن ۾ آيو. جڏهن ته ليليٰ نالي وارو طوفان 21 مئي 2010 تي ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ آيو، نيلم  پهرين نومبر 2012 تي آيو جڏهن ته نيلوفر هن وقت آيل آهي. جڏهن ته ان لسٽ مان اڃان فانوس، ورده ، تتلي ۽ بلبل استعمال نه ٿي آهن جيڪي اڳتي استعمال ٿيڻا آهن.. ڀارت جي نالن جي لسٽ مان اگني آڪاش، بجلي ۽ ليهر استعمال ٿي ڇڪا آهن. جڏهن ته ميگهه ، ساگر ۽ وايو اڳتي استعمال ٿيڻا آهن..

 

نيلوفر  کان پوءِ عربي سمنڊ ۾ ڪو  طوفان ايندو ته ان جو نالو اشوبا هوندو، جيڪو سري لنڪا جو رکيل آهي.  ان کان پوءِ ايندڙ طوفان جو نالو ”ڪومين“ هوندو، جيڪو وري ٿائيلينڊ جو  جو مقرر ٿيل آهي. هنن لاءِ اهو ضروري نه آهي ته اهي طوفان هلندڙ سال ۾ ئي اچن، پر جڏهن به ايندا سندن اهي مقرر ٿيل نالا ئي هوندا.

  • Wix Facebook page
bottom of page