top of page

قوم کي هيءَ سوڀ مبارڪ هجي

مراد علي شاه بڪيرائي

       پاڪستان سرڪار 3 پاڪستاني فوجين کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي حملو ڪري قتل ڪندڙ نئٽو جي پاڪستان مان افغانستان واري راهداري رڳو 10 ڏينهن تائين بند ڪرڻ کان پوءِ بنا ڪو ڏنڊ ڀرائڻ جي  نيٺ کولي ڇڏي آهي. ان کان رڳو هڪ ڏينهن اڳ 8 آڪٽوبر تي ملڪ جي اندرين معاملن واري وفاقي وزير رحمان ملڪ قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ اها ڳالهه وڏي ناز سان ڪئي ته ”نئٽو ۽ امريڪا پاڪستاني حدن ۾ حملو ڪري ٽن فوجي جوانن کي شهيد ڪرڻ واري واقعي تي معافي ورتي آهي ۽ اها معافي قوم جي وڏي سوڀ آهي.“ رحمان ملڪ وڌيڪ ”مڙسيءَ“ جو مظاهرو ڪندي اهو پڻ چيو ته؛ ”هاڻ جيڪڏهن نئٽو يا امريڪا ٻيهر اهڙي غلطي ڪئي ته ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين.“

 

      اسين رحمان ملڪ جي اهڙي ”مڙسيءَ“ تي کيس واکاڻڻ کان پاڻ کي روڪي نٿا سگهون. ڇو ته ڀلي هو پنهنجي ان بيان موجب اڳتي امريڪا جي ڪنهن به اڳرائيءَ جو منهن ٽوڙ جواب کڻي  نه به ڏي، پر گهٽ ۾ گهٽ هن اهڙو ڌمڪيءَ وارو بيان ئي ڏيڻ ۾ ته مڙسيءَ جو مظاهرو ڪري ئي ڏيکاريو آهي. جيڪڏهن هو اهڙي ڌمڪيءَ وارو بيان نه به ڏي ها ته اسين ڀلا مٿس ڪهڙي ميار ڪريون ها. ڇو ته سندس توڙي سرڪار جي ٻين اهڙن وزيرن جو ماضي شاهد آهي ته هن کان اڳ امريڪا يا سندس اتحادي جڏهن به پاڪستاني حدن جي ڀڃڪڙي ڪري پاڪستاني بي ڏوهي شهري ماريندا رهيا آهن، ته اهڙي وقت ۾ حملو ڪندڙن کان اڳ اسان وارا اهي ئي وزير امريڪا ۽ نئٽو جا ترجمان ٿي وضاحتون ۽ صفايون ڏيندا رهيا آهن.

      رحمان ملڪ جي ان بيان کان اڳ سرڪار ظاهري طور ڪجهه مڙسيءَ جو مظاهرو ڪيو ۽ ان ٽن پاڪستاني فوجين جي شهادت تي هڪدم نئٽو کي تيل پهچائيندڙ ٽئنڪرن جي رستا روڪ ڪندي طورخم وٽان افغانستان واري سرحد بند ڪري ڇڏي. پاڪستان سرڪار مان اسان کي اهڙي سخت فيصلي جي ڪڏهن به اميد ئي نه رهي آهي، ڇو ته ملڪ جي اترين علائقن ۾ امريڪا جي ڊرون حملن ۾ سوين عام پاڪستاني بي ڏوهي مرد، عورتون ۽ ٻار توڙي ٻڍا مرندا رهيا آهن. هن وقت تائين انهن ڊرون حملن ۾ اٽڪل 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن، جن ۾ 90 سيڪڙو عام ماڻهو ۽ رڳو 10 سيڪڙو ويڙهاڪ شامل آهن، پر پاڪستاني سرڪار ان وقت ڪڏهن به اهڙيءَ مڙسيءَ جو مظاهرو نه ڪيو آهي.

      هي پهريون ڀيرو آهي جو سرڪار (شايد پاڪستاني طاقتور ڌرين جي دٻاءُ آڏو مجبور ٿي اهڙي مڙسي ڏيکاري)  پورا 10 ڏينهن نئٽو جي مڪمل طور رستا روڪ ڪري ڇڏي، جنهن دوران نئٽو کي وڏو مالي نقصان پڻ ٿيو. 10 ڏينهن جي ان رستا روڪ دوران ملڪ جي مختلف هنڌن تي بيٺل نئٽو جي تيل سان ڀريل ٽئنڪرن تي روزانو حملا ٿيندا رهيا، جنهن جي نتيجي ۾ اٽڪل 200 کان وڌيڪ تيل جا ڀريل ٽئنڪر سڙي تباهه ٿي ويا. اسان جي سرڪار ۾ نئٽو يا امريڪا کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ يا جوابي ڪارروائي ڪرڻ جي جيڪا ”صلاحيت“ آهي، تنهن کان هر پاڪستاني چڱيءَ ريت واقف آهي. نئٽو ۽ امريڪا وضاحتي بيان جاري ڪري پاڪستان سرڪار جي ڪاوڙ گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، لاڳيتو ڪجهه ڏينهن تائين امريڪا ۽ نئٽو طرفان جيڪي بيان ايندا رهيا، تن ۾ چيو ويو ته ”اسان جي فورسز پاڪستاني فوجين کي دهشتگرد سمجهي سندن پٺيان لڳي مٿن حملو ڪيو، پر پوءِ خبر پئي ته اهي فوجي آهن، ان ڪري اها ڪارروائي غلطيءَ سبب ٿي آهي، جنهن تي اسين معافي ٿا وٺون.“

 

      امريڪا ۽ نئٽو وٽ ٽن پاڪستاني فوجين جي قتل جو ازالو رڳو اخباري بيان جا جاري ڪيل ٻه چار اکر ئي ڪافي سمجهيا ٿا وڃن. جڏهن ته انهن کان علاوه هر ٽين چوٿين ڏينهن پاڪستان ۾ ٿيندڙ ڊرون حملن ذريعي وڏي انگ ۾ بي ڏوهي پاڪستاني مرد، عورتون ۽ ٻار مارڻ جي ته امريڪا ۽ نئٽو کي خاص اجازت مليل آهي، جن جي موت تي نه امريڪا ۽ نئٽو کي ڪو افسوس ٿو ٿئي، نه ئي وري اسان جي هن بهادر سرڪار کي ڪا ڳڻتي ٿي ٿئي.

      امريڪا ۽ نئٽو جو پاڪستاني فوجين کي (هتي في الحال اسين ڊرون حملن ۾ قتل ٿيندڙن جو ذڪر نٿا ڪريون) غلطيءَ سان قتل ڪرڻ جو بيان ئي قتل جو ڏوهه مڃڻ آهي، جنهن ڪري ان لاءِ رڳو اهو ئي ڪافي نه آهي ته رڳو معافي جو لفظ استعمال ڪري ان قتلن جي ڏوهه کان آجو ٿجي، پر اهو نهايت ئي ضروري آهي ته قتل جو ڏوهه ڪندڙن کي سزا به ملڻ گهرجي. ان ڪري پاڪستاني سرڪار جتي ڪجهه مڙسي ڏيکاري جوابي ڪارروائي جهڙي ڌمڪي ڏني، اتي کيس ٿوري وڌيڪ همت جو مظاهرو ڪري امريڪا ۽ نئٽو کان پاڪستاني حدن ۾ حملو ڪري ٽن فوجين کي قتل ڪندڙ فورسز جي اهلڪارن جي ٻانهن گهرڻ جي به مڙسي ڪرڻ گهرجي، ته جيئن انهن خلاف پاڪستان ۾ ڪيس هلائي کين ڏوهه جي سزا ڏئي سگهجي. امريڪا ته اسان جي ڏيهه جي هڪ ڪمزور ڇوڪريءَ کي پنهنجي ڌرتيءَ تان اغوا ڪري اذيتون ڏيڻ کان پوءِ هڪ اهڙي ڪوڙي ڪيس ۾ 86 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، جيڪو نه ته ان (امريڪا) جي ڌرتيءَ تي ٿيو، نه ئي ان جو ڪو ثبوت ملي سگهيو. پر پاڪستان ۾ حملو ڪري ٽن فوجين کي قتل ڪرڻ هڪ اهڙو ڏوهه آهي، جيڪو ڏوهاري قبول به ڪري چڪو آهي. ان باوجود ڇا پاڪستان سرڪار کيس اهي قتل رڳو هڪ زباني بيان جي بنياد تي ئي معاف ڪري ڇڏيندي؟

     ڇا پاڪستاني سرڪار ٿورو وڌيڪ مڙسيءَ جو مظاهرو ڪري پاڪستاني فوجين جي انهن قاتلن جي ٻانهن گهرڻ جي همت ڪري سگهي ٿي؟ پڪ سان هي هڪ اجايو سوال آهي، ڇو ته جيڪا سرڪار رڳو معافيءَ جي بيانن تي ئي جهمريون پائي ان کي قوم لاءِ هڪ وڏي سوڀ سمجهي ٿي، تنهن مان اهڙي اميد ڪيئن ٿي ڪري سگهجي ته اها امريڪي ۽ نئٽو جي قاتلن جي ٻانهن گهري ۽ مٿن ڪيس هلائڻ جي گستاخي ڪري سگهي.

  • Wix Facebook page
bottom of page