top of page

.... پر مرڻ شرط آهي

مراد علي شاه بڪيرائي

        عام طور تي اهو ئي ڏٺو ويو آهي ته ملڪ جو جيڪو به سياستدان حڪومت جي ڪنهن اهم ۽ بااختيار عهدي تي هوندو آهي ته ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ پنهنجي علائقي يا تڪ تي ڪجهه وڌيڪ ڌيان ڏيندو آهي. اتي ترقياتي ڪمن تي به ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ئي ڌيان ڏنو ويندو آهي. ايتري تائين جو ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙن هنڌن تي به روڊ ٺهي ويندا آهن جتان ڪڏهن ڪنهن گڏهه گاڏي جو گذر به نه ٿيندو هوندو، بلڪ اردو جي چوڻيءَ موجب ته ”جنگل ۾ منگل“ ٿي ويندو آهي. پر ان تي افسوس ڪجي يا خوشي ته هن حڪومت ۾ خاص طور تي سنڌ جو حڪومتي سربراهه شايد اهڙن حاڪمن مان نه آهي، جيڪي ”جنگل ۾ منگل“ ڪرڻ ڄاڻندا آهن. شايد هن جي نظر ۾ سڀ هڪ جهڙا آهن. ان ڪري ئي ته اسان ڏسون پيا ته جيڪڏهن ٽنڊي الهيار ضلعي جي واهن ۽ شاخن جي پڇڙي ۾ پاڻي نه آهي ته اتي سنڌ جي وڏي وزير جي اباڻي ضلع خيرپور جي واهن ۾ شاخن جي پڇڙيءَ ۾ به پاڻي نه آهي. جيڪڏهن سانگهڙ يا بدين ضلعن ۾ ٿيندڙ احتجاجن تي سرڪار نوٽيس نه ٿي وٺي ته اتي وري ساڳئي وڏي وزير جي اباڻي ضلع جي ماڻهن جي به ڪير نٿو ٻڌي، ان ڪري گهٽ ۾ گهٽ ڪير اها ميار ته نه ٿو ڏئي سگهي ته سائين رڳو پنهنجي علائقي تي ئي نظر رکيو ويٺو آهي. ڪير اها ميار نٿو ڏئي سگهي ته هو رڳو پنهنجي ضلع جي ماڻهن جي ئي رڙين تي ڌيان ڌري ٿو. ان ڪري مون کي اهو سمجهه ۾ نٿو اچي ته سرڪار جي اهڙي ”عظيم بي ڌيان پاليسي“ تي خوشيءَ ۾ جهمريون هڻون يا مٿو پٽي ماتم ڪريون.
خيرپور ضلع هن وقت سنڌ جو ٻيو گاديءَ جو هنڌ آهي، پر اتان جي عوام کي به اهڙو ئي سک ۽ شانتي نصيب آهي، جيڪا سنڌ جي ٻئي ڪنهن ضلع جي عوام کي نصيب آهي، پر اسان ايئن به چئي سگهون ٿا ته خيرپور ضلع جا ماڻهو ٻئي ڪنهن ضلع جي ماڻهن کي ڀاڳ وارو سمجهندا هوندا، جتان جو ڪوبه ماڻهو حڪومت جي ڪنهن اهم عهدي تي نه هوندي به اتي جون امن و امان توڙي ٻين معاملن ۾ حالتون خيرپور ضلع کان ڪجهه بهتر هونديون. خيرپور ضلع ۾ هڪ ڊگهي وقت کان امن و امان جي حالت ڏاڍي خراب رهي آهي، اتان ماڻهن جو اغوا ٿيڻ ته گذريل ڪيتري ئي وقت کان معمول ٿيل آهي، اتي ڪنهن بي گناهه جي خلاف ته ايف آءِ آر ضرور داخل ٿي سگهي ٿي، پر ڪنهن ماڻهو جي اغوا جي ڪا اين سي به داخل نه ٿي ٿئي. پوءِ اهي اغوا ٿيل ماڻهو وڏيرن جي ذريعي يا وري مرڳو پوليس جي ئي ذريعي ڀنگ ڀري آزاد ٿين ٿا. ڪڏهن ته اهڙا به ڏينهن ايندا آهن جو ڌاڙيلن وٽ ضلع مان 15 کان 20 ماڻهو به اغو ٿيل هوندا آهن، پر پوليس رڳو ايم اين ايز، ايم پي ايز، صلاحڪارن توڙي وزيرن کي سلام ڪرڻ ۽ انهن جي حاضري ڀرڻ ۾ ئي پوري هوندي آهي. ان ضلع مان اڄ به ماڻهو اغوا ٿين ٿا ته ڪالهه به ٿيندا هئا، جڏهن اتان جي ئي رهواسي سياسي خواب ڏسندڙ منظور وساڻ جي هٿ ۾ پوري سنڌ پوليس جي واڳ هئي. ان ئي خيرپور ضلع ۾ ٻين ڪيترن ئي مسئلن سان گڏوگڏ اڄ پاڻيءَ جي کوٽ جو به هڪ وڏو مسئلو آهي. ٻين علائقن وانگر اتان جي به هزارين ايڪڙ زمين پاڻي نه هئڻ ڪري برباد ٿيل آهي. اتي سم کي ختم ڪرڻ لاءِ لڳايل اسڪارپ ٽيوب ويلن کي پڻ سم ۽ ڪلر وانگر آبپاشي ۽ اسڪارپ جي ڪامورن کائي ناڪاره ڪري ڇڏيو آهي. پوري ضلع ۾ ساڍا چار سؤ اسڪارپ جا ٽيوب ويل خراب پيل آهن، ڪامورا انهن لاءِ ملندڙ فنڊ ورهائي پاڻ ئي کائي وڃن ٿا، پر انهن ڪاموري جي خلاف ڪير ڪارروائي ڪري به ته ڇو؟ اهي ڪامورا ڪي نڌڻڪا ته نه آهن. اهي ڪامورا تڪ جي عوامي نمائندن جا ”منظور نظر“ جو آهن، تڏهن ته اهي ”قائم“ به آهن ته ”دائم“ به.


       عوام آخر ڪيترو صبر ڪري، پيالو نيٺ ته پلٽي پوندو، اهو ئي سبب آهي جو نيٺ اتان جا ڪي آبادگار همت ڪري اٿي پيا ۽ هاري ڪميٽيءَ جي ڪامريڊ غلام رسول سهتي جي اڳواڻيءَ ۾ انهن احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڏني. هنن سنڌ جي ٻي گادي واري هنڌ خيرپور جي ڦول باغ وٽ ڪئمپ هڻي بک هڙتال شروع ڪري ڏني. انهن آبادگارن جي بک هڙتال کي ڏيڍ اچي ٿيو آهي، پر سرڪار کي ڪهڙو لاچار آهي جو اها ڪو ڌيان ڌري. انهن آبادگارن هن کان اڳ پڻ بک هڙتال ڪئي هئي ۽ نفيسه شاهه سندن مسئلو حل ڪرڻ جي پوري پڪ ڏياري تڏهن بک هڙتال ختم ڪرائي هئي، پر ٽي کان چار سال گذري ويا ۽ هن پنهنجي ”پارٽي پاليسيءَ“ تي عمل ڪندي واعدو پورو نه ڪيو. نيٺ آسرو لاهي ڪامريڊ سهتي جي اڳواڻيءَ ۾ ٻيهر بک هڙتال شروع ڪئي وئي، پر سرڪار کي نه ٻڌڻو آهي ۽ نه ٻڌندي. ڪامريڊ بار بار چوي پيو ته مري ويندس پر مسئلو حل ٿيڻ تائين بک هڙتال ختم نه ڪندس. سرڪار کي شايد ان جي ڳالهين تي اعتبار ئي نٿو اچي. شايد اها هن جي ان اعلان کي به سياسي اعلان سمجهي ٿي.


       ڇا به هجي پر آئون اڃان سرڪار مان مايوس نه ٿيو آهيان، مون کي اها سؤ سيڪڙو پڪ آهي ته سرڪار ان معاملي جو نوٽيس ته ضرور وٺندي، ڇو ته هن کان اڳ توڙي هاڻوڪن حڪمرانن جي تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به ڪنهن نوجوان نوڪري نه ملڻ يا ڪو معمولي مسئلو حل نه ٿيڻ تي پاڻ ساڙيو آهي يا پاڻ ماريو آهي ته سرڪار ان تي نوٽيس ضرور ورتو آهي، پر ان لاءِ مرڻ ته شرط آهي، ڇو جو هيءَ آهي انڌير نگري.

  • Wix Facebook page
bottom of page