top of page

پنهنجي ماءُ کي ڇڏي ڀڄبو آهي ڇا؟

مراد علي شاه بڪيرائي

        سنڌ کي ڪنهن جي نظر لڳي آهي، ان جي مون کي خبر نه آهي. پر مون کي ايتري خبر ته ضرور آهي ۽ پڪ اٿم ته اوهان کي به ضرور هوندي ته سنڌ کي هيءَ جيڪا باهه لڳل آهي، ان جو هڪ وڏو ڪارڻ اسين پاڻ ئي آهيون، جيڪي پاڻ کي ان ڌرتيءَ جا ڌڻي ڪوٺيون ٿا. اسين ڀلي کڻي ڪن معاملن ۾ ڌارين کي ئي ڏوهي ڪوٺيون، انهن کي ئي هر معاملي جو ذميوار ڪوٺيون، انهن کي ئي سازش ڪندڙ ڪوٺيون، پر ان باوجود اسان ڪن حقيقتن کان پنهنجو  پاند آجو نٿا ڪرائي سگهون.
اسين جيڪي هر معاملي تي بنا سوچڻ سمجهڻ جي رڳو سنڌي هئڻ جي بنياد تي ڏاڍو جذباتي ٿي ويندا آهيون، سي هڪ ٻي سان ڪيترو سچا آهيون، ڪيترو خير خواهه آهيون، اهو هر ڪو پنهنجي ضمير کي سامهون رکي مون کي نه پر پنهنجو پاڻ کي ئي جواب ڏي ۽ پنهنجو پاڻ کي ئي اهو پڻ جواب ڏي ته هن ۾ سنڌي هئڻ جي بنياد تي انهن ٻين سنڌين لاءِ ڪيترو پيار آهي؟ اهي سنڌي جيڪي اسان جي پاڙي ۾ به آهن، ته اهي سنڌي به جيڪي اسان کان پري به آهن، ان پيار ۾ سچائي ڪيتري آهي ۽ ڏيکاءُ ڪيترو؟ اهو ئي سوال جڏهن مون  پنهنجي ضمير کان پڇيو ته سچ پچ مون کي ڏاڍو شرمسار ٿيڻو پيو ۽ پڪ اٿم ته مون وانگر ٻين به گهڻن کي ئي شرمسار ٿيڻو پوندو.
آئون هتي ڪراچيءَ جو ذڪر نه ڪندس ۽ پوري حيدرآباد جو به ذڪر نه ڪندس، پر رڳو انهن ئي علائقن جو ذڪر ڪريان ٿو، جتي اڪثريت اسان جي يعني ڌرتي ڌڻين جي آهي. توهان کي خيرپور جو مثال ڏيان يا گهوٽڪيءَ جو، جيڪب آباد جو مثال ڏيان يا سکر جو،  دادو جو مثال ڏيان يا شڪارپور جو. جنهن جو به ذڪر ڪريو توهان کي امن جي نالي واري ڪا شيءِ نه ملندي. پڪ سان توهان  اهو ئي سوال ڪندؤ ته اهو امن ڪنهن خراب ڪيو آهي؟
ڪو قومپرست ڀلي کڻي ان جو ذميوار پنجاب کي ڪوٺي يا ايجنسين کي، ڪو مذهبي تنظيم جو ڪارڪن ان جو ذميوار ڀلي کڻي امريڪا کي قرار ڏي، ڪا ايجنسي ڀلي کڻي ان جو ذميوار ”را“ کي ئي ڪوٺي، پر آئون ان جو ذميوار پاڻ کي ئي ڪوٺيان ٿو، جيڪي پاڻ کي ڌرتي ڌڻي ٿا سمجهون. ڇو ته مون اڄ تائين نه ڏٺو ته هتي ڪاروڪاري جي معاملي تي تڪرار ۾ 10 کان 15 يا ان کان به وڌيڪ ماڻهو ماريندڙن ۾ ڪو پنجابي، پٺاڻ، مهاجر، بنگالي، برمي يا ڪو ٻيو ڌاريو ملوث نڪتو هجي. مون نه ڏٺو ته قومي شاهراهه تي ڪوچن کي روڪي ڦريندڙن ۾ به ڪو ڌاريو به شامل هجي، مون نه ڏٺو ته زمين جي ڪجهه ويسن يا ايڪڙن تان 10 کان 20 سالن تائين هلندڙ تڪرار ۾ 20کان 50 يا ان کان به وڌيڪ ماڻهو ماريندڙن ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ ويران ڪندڙن ۾ به ڪو ڌاريو شامل هجي. مون نه ڏٺو ته ڪنهن هوٽل تي چانهن دير سان کڻي ايندڙ معصوم بيري کي قتل ڪندڙ ڪو ڌاريو هجي،  ڪنهن کان ڳوٺ جي رستي تي موٽر سائيڪل يا ڳوٺ کان ڪنهن اسپتال ڏانهن علاج لاءِ پئسا کڻي ويندڙ ڪنهن غريب ڳوٺاڻي کان اهي پئسا ڦريندڙ ڪو ڌاريو هجي، مون نه ڏٺو ته ڪنهن ڳوٺ ۾ ٻنيءَ تي گاهه ڪرڻ لاءِ ويل ڪنهن جي نياڻي يا ڪنهن جي ونيءَ جي لڄ لٽيندڙ ڪو ڌاريو هجي. مون نه ڏٺو ته ڪنهن معصوم ٻار سان کيس سڄي عمر لاءِ شرمسار ڪندڙ ڪڌو عمل ڪندڙ ڪو ڌاريو هجي، مون نه ڏٺو ته ڪنهن پسند جي شادي ڪندڙ نوجوان جي مائرن يا ڀينرن کي پلاند ۾ اغوا ڪندڙ ڪو ڌاريو مهاجر هجي، ڪو پنجابي هجي، ڪو پٺاڻ، برمي، بنگالي هجي، ڪو مقامي ايجنسين يا وري ”را“ جو ايجنٽ هجي. مون کي توڙي اوهان کي ته اها به خبر آهي ته ڪوٽريءَ ۾ پنج ورهين جي معصوم نينگريءَ جي عزت سان کيڏيندڙ اسان ڌرتي ڌڻين مان آهي ميرپور خاص جي مونيڪا جي لڄ سان کيڏيندڙ  به اسان ڌرتي ڌڻين مان آهي ته ڇور جي هيمي ڪولهياڻي کي تيزاب سان ساڙي سندس زندگي تباهه ڪندڙ چوني لال اوڏ به ته اسان ڌرتي ڌڻين مان ئي آهي پر اهي سمورا عمل اسان جا هڪڙا ڌرتي ڌڻي ڪن ٿا، ٻيا ڌرتي ڌڻي سهن ٿا ۽ ٽيا ڌرتي ڌڻي ڏسن ٿا ۽ پوءِ اکيون پوري ڇڏين ٿا.
هاڻي اچو ته حيدرآباد جي ان علائقي ۾ هلون جيڪو ڌرتي ڌڻين جي نمائندگي ڪندڙ قومپرست پارٽين جي هيڊڪوارٽر واري حيثيت رکندڙ آهي. اهو قاسم آباد جنهن کي ڪنهن وقت ۾  انهن ڌرتي ڌڻين آباد ڪيو هو جيڪي ان وقت ته ڌارين کا ستائجي ۽ انهن جي هٿان ئي ڦرجي ۽ مارجي اتي پهتا هئا، پر اڄ اتي کين ستائڻ وارا به پنهنجا آهن ته ڦرڻ ۽ مارڻ وارا به پنهنجا ئي ڌرتي ڌڻي آهن.  اڄ اتي ڪو ڪئبن وارو، ڪو اسٽور مالڪ، ڪو اسپتال جو ڌڻي، ڪو شادي هال جو مالڪ، ڪو پيٽرول پمپ، سي اين جي اسٽيشن يا ڪو بلڊر اهڙو نه آهي جنهن کان ڪير پسٽل جي زور تي اچي ڀتو نه وٺندو هجي. انهن کان اڄ ڀتو ڪير ٿو وٺي، پڪ آهي ته اتان نه ته ڪو اردو ڳالهائيندڙ ڀتو ٿو وٺي، نه ڪو پٺاڻ ڀتو ٿو وٺي نه ڪو بنگالي يا برمي ٿو ڀتو وٺي، هر ڪو ڄاڻي ٿو ته اهي اسان جا پنهنجا ئي آهن ڌرتي ڌڻي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته حيدرآباد جو ڪو به اهڙو علائقو نه آهي جتي جو ڪو دڪاندار ڀتو وٺندڙن کان بچيل هجي. اتي ڀتو وٺندڙ ٻين قومن يا ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ به آهن، پر قاسم آباد جو ذڪر خاص طور تي ان ڪري ٿو ڪريان جو هي علائقو خالص انهن ئي ماڻهن جو آهي جيڪي پاڻ کي ڌرتي ڌڻي ڪوٺين ٿا. هي علائقو انهن ئي ماڻهن جو آهي جيڪي پنهنجي قوم کي امن پسند قوم نه رڳو ڪوٺين ٿا پر وڏو ناز به ڪن ٿا. هي علائقو انهن ئي ماڻهن جو آهي، جيڪي پاڻ کي دنيا جي سڌريل قوم ظاهر ڪرڻ لاءِ مهين جي دڙي جي شڪل ۾ 5 هزار سال پراڻي تهذيب جو ڌڻي سمجهن ٿا ۽ فخر ڪن ٿا. هي علائقو انهن ئي ماڻهن جو آهي جيڪي پاڻ کي دين جي دائري بدران رڳو ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ جي دائري  ئي رهڻ پسند ڪن ٿا. هي علائقو انهن ئي ماڻهن جو آهي جيڪي شاهه ۽ سچل کي پنهنجو مرشد سمجهن ٿا، جيڪي پنهنجي ڌرتيءَ کي امن جي ڌرتي سمجهن ٿا.
قاسم آباد کي هن وقت قومپرست تنظيمن جي هيڊڪوارٽر جي حيثيت حاصل آهي، ان ڪري ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته اهي سڀ قومپرست تنظيمون ان پنهنجي هيڊڪوارٽر واري علائقي کي امن ڀريو ڪري ڌرتي ڌڻين کي ڌرتي ڌڻين جي گهرن مان چوريون ۽ڦرون ڪندڙن ۽ واپارين کي ڀتو وٺندڙن کان بچائي ان علائقي کي پرامن ۽ مثالي ڪن، پر هتي معاملو ڪجهه ابتو ئي آهي ته اتان جي رهواسين جون ۽ اتان جي واپارين جون آڱريون ئي انهن قومپرست تنظيمن جي ڪارڪنن تي کڄن ٿيون. ڀلي کڻي انهن تنظيمن جا اڳواڻ اهي اخباري بيان جاري ڪري اعلان ڪن ته ”ڀتو وٺندڙن جو ساڻن واسطو نه آهي“  يا ”ڀتو وٺندڙن بابت کين اطلاع ڪن“. اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته ايم ڪيو ايم جو سربراهه الطاف حسين به ڪراچيءَ ۾ ڀتو وٺندڙن خلاف تقريرون ڪندو آهي، حڪومت تي ڀتو وٺندڙن خلاف نه رڳو ڪارروائي ڪرڻ لاءِ زور ڀريندو آهي پر هو ان معاملي تي ڪڏهن ڪڏهن ته حڪومت کان ڌار ٿيڻ جهڙا اعلان به ڪندو آهي، ان جي پارٽيءَ جا سمورا ميمبر ۽ عهديدار به ڀتو وٺندڙن جي جيتري مذمت ۽ مخالفت ڪن ٿا  ايتري شايد ئي ٻي ڪا تنظيم ڪندي هجي، پر ماڻهو ته ايترا به چريا نه آهن، ڀلي کڻي جو هيءَ انڌير نگري ئي آهي.
 

  • Wix Facebook page
bottom of page