top of page

هاليجي ڍنڍ سرڪار جو ڌيان گهري ٿي
 

مراد علي شاه بڪيرائي

 

            ٺٽو ضلع سنڌ ۾ تاريخي توڙي سياحتي لحاظ کان هڪ وڏي اهميت رکندڙ آهي. ان جا ڪيترائي ماڳ ڏيهين توڙي پرڏيهين جي ڌيان جو مرڪز آهن . نه رڳو ماڻهو پر پرڏيهي پکي پڻ هن پاسي اچڻ لاءِ آتا آهن . گذريل سال جڏهن فجر مهل آئون حيدرآباد کان ٺٽي ڏانهن روڊ تي سفر ڪري رهيو هئس ته ان وقت جڏهن اڃان سج ته نه اڀريو هو پر ان جي روشني آسمان سان ٽڪرائجي ڌرتيءَ کي روشن ڪري رهي هئي،تنهن وقت هزارين پکين جا ولر مون ڏٺا جيڪي ڏاڍيون سهڻيون ۽ دلچسپ قطارون ٺاهي اڀرندي پاسي کان ٺٽي واري پاسي وڃي رهيا هئا. مون کي ان وقت اندازو ٿيو ته ضرور انهن جي منزل ٺٽي ضلع واريون اهي ڍنڍون ئي آهن، انهن پکين کي ڏسندي مون کي به انهن ڍنڍن جي سير جو شوق ٿيو.
ٺٽي ضلع ۾ ٽي اهم ڍنڍون آهن ڪينجهر، هاليجي ۽ هڏيري. ڪينجهر جيتوڻيڪ رستي ۾ ئي پوي ٿي پر مون ان کان اڳ هاليجي تي وڃڻ گهريو ٿي. جڏهن به جنگ شاهي ۾ وڃڻ ٿيندو هو ته هاليجي ڏانهن وڃڻ تي دل چاهيندي هئي، هن ڀيري جڏهن جنگ شاهي ڏانهن وڃڻ ٿيو ته دل ۾ ساڳي خواهش موجود هئي، اتي هڪ ڏينهن رهڻ کان پوءِ جيتوڻيڪ واپسي جو پروگرام هو پر هاليجي اتي وڃڻ لاءِ مون کي ٻيو ڏينهن به اتي ترسڻو پيو ۽ پوءِ اتان پير غلام حسين شاهه کي ساڻ ڪري پنهنجي ننڍڙي پٽ کي به گڏ وٺي وڃي هاليجي تي پهتس.
ايشيا جي هيءَ وڏي ڍنڍ ٺٽي ضلع ۾ جنگ شاهيءَ جي ويجهو ۽ ڪراچيءَ کان 70 ڪلوميٽر پري موجود آهي. ٺٽي ضلع جي ٻين سياحتي ماڳن سان گڏ هيءَ ڍنڍ پڻ هڪ اهم حيثيت رکي ٿي. هر سال سياري جي مند ۾ اٽڪل 70 کن قسمن جا هزارين پکي سائبيريا مان اچي هن ڍنڍ کي سونهن بخشيندا رهيا آهن. جڏهن ته جهنگلي جيوت کاتي جي ريڪارڊ تي ته انهن پکين جا 223 قسم پڻ ڄاڻايل آهن. سائبيريا مان اهي پکي نومبر ۾ ايندا آهن ۽ فيبروري تائين هتي رهيل هوندا آهن. ايئن کڻي چئجي ته هيءَ ڍنڍ انهن پکين لاءِ ڄڻ ته جنت هوندي آهي.
دنيا جي ٻي وڏي ويڙهه کان اڳ هاليجي ڍنڍ گهڻي ننڍي هئي ۽ بنيادي طور اها سم واري پاڻي جي ڍنڍ هئي. دنيا جي ٻي وڏي ويڙهه دوران ڪراچيءَ ۾ اميرڪا ۽ برطانيا جا هزارين فوجي رهيل هئا، جن کي وڏي مقدار ۾ پاڻي گهربل هو. ڪراچي ۾ ايتري وڏي مقدار ۾ پاڻي گڏ ڪرڻ جو ٻيو ڪو به ذريعو نه هو، ان جي وڌ ۾ وڌ ويجهو به اها هاليجي واري ڍنڍ ئي موجود هئي پر ان جو پاڻي به هڪ ته کارو هو ۽ ٻيو اها ڍنڍ ننڍي پڻ هئي. ان ڪري انگلينڊ جي راڄ واري سنڌ سرڪار اها ڍنڍ وڌائي وڏي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان ڍنڍ کي وڌائڻ جو اهو ڪم به جنگي بنيادن تي ئي ڪري، رڳو 24 مهينن ۾ ئي پورو ڪيو ويو. ان ۾ سنڌو نديءَ مان هڪ ڪئنال ذريعي وڌيڪ پاڻي پڻ وڌو ويو ۽ پوءِ ان ڍنڍ مان ئي ڪراچيءَ کي پاڻي پهچائڻ جو انتظام ڪيو ويو. 17 فيٽ اونهي هيءَ ايشيا جي وڏي ڍنڍ 6.58 چورس ميلن تي پکڙيل آهي. هن ڍنڍ جي چوڌاري مختلف قسمن جا وڻ به هن جي سونهن ۾ واڌارو ڪري بيٺل آهن. جيڪي اتي سير ڪرڻ لاءِ ايندڙن لاءِ ڇانو جو به هڪ قدرتي ذريعو آهن. هن ڍنڍ کي ورلڊ وائلڊ لائف وارن پڻ وڏي اهميت ڏني ۽ ان سان سنڌ سرڪار هن ڍنڍ کي جانورن جي وڌيڪ محفوظ پناهگاه ڪرڻ لاءِ هڪ ٺاهه پڻ ڪيو هو. هيءَ ڍنڍ مڇيءَ جو هڪ اهم ذريعو هئڻ سان گڏوگڏ واڳن جو هڪ اهم ٺڪاڻو پڻ آهي.
هن ڍنڍ جي تاريخ ۾ اهڙا ڏينهن به ضرور آيا جو هن ڍنڍ جي هاڪ ٻڌي ڊيوڪ آف ايڊنبرگ شهزادو فلپ پڻ 1976 ۾هن جو دورو ڪرڻ تي مجبور ٿي پيو هو، ان شهزادي جڏهن هتي مختلف قسمن جي هزارين پکين جا ولر ڏٺا تڏهن ان ئي شهزادي هن ڍنڍ کي پکين سان پيار ڪندڙن جي جنت قرار ڏنو هو. پر بدقسمتيءَ سان هاڻ وقت تبديل ٿي ويو آهي، سرڪار جي بي ڌياني ۽ ڪامورن جي ڪرتوتن توڙي ڪن ٻين سببن جي ڪري هاڻ هيءَ ڍنڍ پنهنجي سونهن ۽ اهميت آهستي آهستي وڃائي رهي آهي.
آئون جڏهن هاليجيءَ واري هن ڍنڍ تي ويس ته آڪٽوبر وارو مهينو پڄاڻيءَ تي پهچي رهيو هو ۽ نومبر شروع ٿيڻ وارو هو. هي اهي ڏينهن هوندا آهن جڏهن هن ڍنڍ تي سائبيريا جي ٿڌ جا ستايل پکي لڏي اچي اتي اکيرا اڏيندا هئا، پر مون کي اهو ڏسي اچرج لڳو ته آخر هتي اهي پکي ڇو نه ٿا پسجن .ڇا هاڻ جنت جهڙو ماڳ انهن پکين لاءِ دوزخ ٿي ويو آهي؟ آئون ان ڍنڍ تي پنهنجي ننڍڙي پٽ زين المرادشاهه کي اهو ٻڌائي وٺي ويو هئس ته کيس اتي سهڻا سهڻا پکي ڏيکاريندس جن جون هن کان اڳ هو رڳو ڪتابن ۾ تصويرون ئي ڏسي سگهيو آهي. پر اتي پهچڻ تي اسان کي ڏسڻ لاءِ رڳو اهي ڪجهه پکي ئي مليا جيڪي ڍنڍ جي ڪناري تي هڪ ڪنڊائتي 20 فيٽ جيتري هنڌتي پاڻيءَ مٿان ڄاري هڻي قيد ڪيل هئا. يا وري ٻيا اهي پکي جيڪي مرڻ کان پوءِ سانڍي ڪٻٽن جي سونهن ڪري رکيل هئا. ڍنڍ کان ٻاهر اسان کي چار پنج کن اهي واڳو به ڏسڻ ۾ آيا جن کي پاڻيءَ جي حوضن اندر ۽ لوهي ڄارين جي بند ۾ رکيو ويو آهي. هن ڍنڍ تي پکين کان پوءِ سير لاءِ ماڻهن جو گهٽ يا نه اچڻ جو هڪ سبب اهي واڳو پڻ آهن جيڪي ان ڍنڍ ۾ موجود هئا۽ ڪجهه سال اڳ انهن واڳن ماڻهن تي حملا پڻ شروع ڪري ڏنا هئا جن جي نتيجي ۾ هڪ 11 ورهين جي نينگري فوت ۽ عورتن سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا هئا.
اتان جي حالتن کي ڏسي ايئن پيو لڳي ته ڄڻ هن ڍنڍ کي هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن سرڪار ان تي ٿورو ڏيان ڌري ته ان ڍنڍ کي هڪ ڀيرو ٻيهر سياحت جو هڪ سٺو مرڪز ڪري ناڻي جو به هڪ سٺو ذريعو ڪري سگهجي ٿو.

  • Wix Facebook page
bottom of page