top of page

ْْْ         وحشت ۽ دهشت جو ڪو دنگ ٿئي، اها اميد رکي طالبان نوازيءَ جو الزام سر تي سهندڙ نواز ليگ جي سرڪار نيٺ ملڪ کي دهشتگرديءَ سان ڌوڏيندڙن سان ڳالهين واري ميز تي پهچڻ ۾ ته ڪامياب ٿي وئي آهي، پر اصل سوال اهو ٿي رهيو آهي ته، ڇا حڪومت ۽ پاڪستاني طالبان جون ڳالهيون ڪامياب ٿينديون؟ ۽ اتي وري هڪ ٻيو سوال به اڀري ٿو اچي ته، ڇا ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ هي دردن ماريل ديس دهشتگرديءَ مان ڇوٽڪارو به ماڻي سگهندو؟ ان ٻي ۽ آخري سوال جو جواب حڪومت ته ڇا پر شايد اهي طالبان به نه ڏئي سگهندا.

 

             جتي هڪ پاسي پوري قوم نه چاهيندي به ان کي قبول ڪيو آهي ته دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ حڪومت جون طالبان سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، ته اتي ڪي ڌريون اهڙيون به آهن، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ ڳالهين جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ امن ٿيڻ جي حق ۾ نه آهن، جڏهن ته ڪي ڪارڻ اهڙا به ضرور آهن، جن جي بنياد تي ملڪ ۾ انهن ڳالهين جي نتيجي ۾ دهشتگردي روڪجڻ جي اميد ڪجهه گهٽ ٿي نظر اچي.

 

ڳالهين جا مخالف ڪير آهن؟

                جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته قبائلي علائقن ۾ سمورا ويڙهاڪ طالبان ئي آهن ته اهو بنهه غلط ئي آهي. انهن قبائلي علائقن ۾ 30 کان وڌيڪ ويڙهاڪ ٽولا آهن، جيڪي مختلف قبيلن سان واسطو رکندڙ آهن.. انهن جي ٽولن جا ڪي تنظيمي قسمن جا نالا نه آهن، پر انهن جي سڃاڻپ انهن جي اڳواڻن (ڪمانڊرن) جي نالن سان ئي ٿئي ٿي. جيڪي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ اثر رکندڙ آهن. ايئن کڻي چئجي ته انهن ٽولن جون ڄڻ پنهنجن علائقن ۾ پنهنجون هڪ طرح جون حڪومتون قائم ٿيل آهن، جيڪي اتان ٽيڪس به اوڳاڙيندا رهندا آهن. اهي سمورا ئي ٽولا ته مذهبي نه آهن، پر ڳچ ٽولا اهڙا ضرور آهن، جيڪي مذهبي سوچ وارا آهن.محسود قبيلي وارو ٽولو انهن سمورن ٽولن ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور ٽولو رهيو آهي، جيڪو مذهبي سوچ رکندڙ پڻ آهي. مقامي قبائلي ٽولن سان گڏ انهن علائقن ۾ وڏي انگ ۾ پرڏيهي ويڙهاڪ به موجود آهن. هي اهي ويڙهاڪ آهن، جيڪي مختلف عرب ملڪن توڙي اڳوڻي سوويت يونين جي مسلم رياستن مان افغانستان ۾ القاعده ۽ افغان طالبان سان گڏجي جهاد ڪندا رهيا ۽ افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ انهن پاڪستان جي انهن قبيلائي علائقن ۾ اچي پناهه ورتي هئي.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

            محسود قبيلو جيڪو تحريڪ طالبان جو باني پڻ آهي، اهو طاقتور ته اڳ ئي هو پر وري تحريڪ طالبان جي قائم ٿيڻ سان ان جي طاقت ۾ ويتر واڌ ٿي ۽ ٻيا ننڍا ٽولا جيڪي مذهبي خيال به رکندڙ آهن، سي محسود قبيلي يا تحريڪ طالبان جي ويجهو ضرور ٿي ويا، پر انهن جو مڪمل ڪنٽرول تحريڪ طالبان پاڪستان جي اڳواڻن جي هٿ ۾ نه آهي. ايئن چئي سگهجي ٿو ته انهن جي پاڻ ۾ هم خيالي يا هڪ طرح جو اتحاد آهي، پر پنهنجي ڪم ۾ سمورا ٽولا آزاد ۽ خودمختيار آهن. قبائلي علائقن ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان جو وڏو اثر هئڻ باوجود انهن اتحادي ٽولن ۾ ڪٿي ڪٿي اختلاف به ٿيندا رهيا آهن. تحريڪ طالبان توڙي ان سان اتحاد شامل مذهبي سوچ وارا ٽولا فرقي جي لحاظ کان ديوبندي مڪتب وارا آهن. جڏهن ته ٻين فرقن سان واسطو رکندڙ ويڙهاڪ ٽولا طالبان جي مخالفن ۾ شامل آهن. جن ۾ انصار الاسلام يا امن لشڪر طالبان جا سخت مخالف ٽولا آهن، جن جي طالبان جي اتحادي لشڪر اسلام نالي هڪ ٽولي وڏي ويڙهه ٿيندي رهي آهي. ان کان علاوه پڻ ايڪڙ ٻيڪڙ ٽولا تحريڪ طالبان جا مخالف آهن. جنهن ڪري اهي ڪنهن به ريت نه چاهيندا ته ڪو تحريڪ طالبان ۽ حڪومت جون ڳالهيون ڪامياب ٿين. ڇو ته اهو عمل ڪنهن به ريت انهن ٽولن جي جي فائدي ۾ نه پر نقصان وارو ضرور ٿيندو. طالبان مخالف ٽولن جو ڀلو ته رڳو ان ئي صورت ۾ آهي ته حڪومت ۽ فوج جي تحريڪ طالبان سان دشمني برقرار رهي.

 

              تحريڪ طالبان جي قيادت جيسيتائين محسود قبيلي وٽ هئي، تيسيتائين ته تحريڪ طالبان سوات (خالد عمر خراساني جو ٽولو، جنهن جو سرپرست افعانستان ۾ ويٺل ملا فضل الله آهي) پڻ حڪومت ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان جي ڳالهين جو سخت مخالف هو. ان ئي ٽولي اهي ڳالهيون روڪرائڻ لاءِ ڪجهه دهشتگردي جون وڏيون ڪارروايون پڻ ڪيون ۽ انهن جي نتيجي ۾ ڪنهن حد تائين اهو عمل پڻ متاثر ٿيو، پر جڏهن تحريڪ طالبان جو سربراهه حڪيم الله محسود ڊرون حملي ۾ قتل ٿي ويو ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان جون واڳون اتر وزيرستان جي محسود قبيلي جي هٿن مان نڪرندي سوات جي ملا فضل الله جي هٿن ۾ آيون ته اهو گروپ پاڪستان حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ تي نه رڳو راضي ٿي ويو پر پهرين جي ڀيٽ ۾ ڳالهين لاءِ وڌيڪ سنجيدگي پڻ نظر آئي ۽ ڳالهين جو عمل شروع به ٿي ويو.

 

        محسود قبيلي وارن جيتوڻيڪ ملا فضل الله ۽ خالد عمر خراساني وانگر ڳالهين جي ظاهري طور مخالفت ته نه ڪئي آهي، پر اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته هاڻي محسود قبيلي وارا وري ملا فضل الله (جيڪو سندن ڳالهين جو مخالف هو) جي ٽولي سان حڪومت جي ڳالهين کي سولائي سان قبول ڪري وٺن.

 

پرڏيهي مداخلت:

پاڪستاني طالبان ۽ حڪومت جي ڳالهين کي ناڪام ڪرڻ لاءِ پرڏيهي مداخلت کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. ڀارت ته پاڪستان جو ازل کان ئي سڀ کان وڏو دشمن رهيو آهي.جڏهن ته افغانستان جي هاڻوڪي حڪومت يا ان ۾ شامل اتحادي به ڪنهن ريت پاڪستان جا سڄڻ نه آهن. جنهن ڪري اهي ٻئي ملڪ ڪنهن به طرح ان ڳالهه جي حق ۾ نه آهن ته ڪو پاڪستان ۾ امن رهي.

 

            پاڪستان ۾ هن وقت تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ لشڪر جهنگوي جي ذريعي ٿيندڙ دهشتگردي جي پٺيان به انهن ٻنهي ملڪن جو اهم ڪردار رهيو آهي. جيتوڻيڪ اهي ٻئي ملڪ ڪي طالبان جا همدرد به نه آهن پر ٻنهي جا مفاد ساڳيا ضرور آهن، جنهن ڪري ئي ڀارت افغانستان ذريعي پاڪستاني طالبان يا انهن جي اتحادي ويڙهاڪ ٽولن جي سڌي يا اڻ سڌي مدد ڪرڻ ۾ اڳيان اڳيان آهي. بلوچستان کانپوءِ انهن قبيلائي علائقن ۾ به جولاءِ 2009ع ۾ ڀارتي مداخلت جا ثبوت پڻ ملي چڪا آهن، جڏهن اتان گرفتار ٿيل مقامي طالبان توڙي افغاني ويڙهاڪن وٽان ڀارتي ڪرنسي، هٿيار ۽ امريڪا جا جاري ٿيل آپريشن انڊيو رنگ فريڊم ڪارڊ به مليا هئا. جنهن ڪري اهي ٻئي ملڪ ڪنهن به ريت ان ڳالهه جي حق ۾ نه آهن ته اهي ڳالهيون ڪامياب ٿين ۽ پاڪستان ۾ امن جو ڪو ماحول پيدا ٿئي.

 

ڇا لشڪر جهنگوي جي دهششتگردي بند ٿيندي؟

                   لشڪر جهنگوي تحريڪ طالبان پاڪستان جي اهم اتحادي آهي. ملڪ ۾ هن وقت سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي جي واقعن ۾ لشڪر جهنگوي ئي ملوث آهي. اها تنظيم هن وقت ملڪ جي سڀ کان خطرناڪ تنظيم ٿي چڪي آهي. ان تنظيم کي ايترو طاقتور ڪرڻ ۾ سڀ کان وڏو ڪردار تحريڪ طالبان پاڪستان جو ئي آهي. طالبان جي اتحادي هئڻ باوجود لشڪر جهنگوي وارا دهشتگرديءَ جون ڪارروايون پنهنجي مرضيءَ موجب ئي ڪندا آهن. هنن جو سڀ کان اهم نشانو اهل تشعي وارا ۽ ان کانپوءِ بريلوي فرقي وارا آهن.، خصوصي طور تي شيعن جو قتل عام هن تنظيم جو سڀ کان وڏو مقصد آهي. پر ڇا حڪومت ۽ طالبان جي ڳالهين جي ڪاميابي جي صورت ۾ لشڪر جهنگوي وارا پنهنجون دهشتگردي واريون ڪارروايون بند ڪندا؟ ڪنهن وٽ ان جو جواب ڀلي کڻي ”ها“ ۾ هجي، پر آئون ڪنهن به صورت ۾ نٿو سمجهان ته ڪو لشڪر جهنگوي وارا ڳالهين جي ڪاميابي کانپوءِ پنهنجون ڪارروايون بند ڪندا. جيڪڏهن ڳالهين جي ڪاميابي سان ڪو فرق پوندو به ته رڳو اهو ئي ته هو کڻي وڌ ۾ وڌ پنهنجي ڪنهن دهشتگردي واري ڪارروائي جي ذميواري قبول نه ڪندا.

 

         تحريڪ طالبان پاڪستان وارا ته پنهنجي ڪاررواين جو سبب انهن خلاف فورسز جي ڪارروائي يا وري ڊرون حملن کي ڄاڻائيندا آهن ۽ پنهنجي ڪاررواين کي انهن جو ردعمل ئي ڪوٺيندا آهن، پر انهن جي ڀيٽ ۾ لشڪر جهنگوي وارا پنهنجي ڪاررواين لاءِ اهڙو ڪوبه سبب نه ڄاڻائيندا آهن. هنن جو هڪ ئي بنيادي سبب آهي ڪنهن ماڻهو جو شيعو هئڻ، ان ڪري ڪوبه معاهدو يا ڳالهيون سندن ڪاررواين جي آڏو رڪاوٽ نه ٿيون ٿي سگهن. هو ته شيعن کي قتل ڪرڻ کي پنهنجي نظر ۾ ثواب جو ڪم سمجهن ٿا ته پوءِ ڪيئن ممڪن آهي ته هو ڪنهن جي ڳالهين يا معاهدن جي بنياد تي (سندن سوچ موجب) ان ”ثواب“ کان محروم ٿين.

 

      جيڪڏهن لشڪر جهنگوي وارا پنهنجي دهشتگردي واريون ڪارروايون بند نه ڪندا ته پوءِ پاڪستاني طالبان ۽ حڪومت جي هنن ڳالهين جو ملڪ ۽ قوم کي ڪوبه فائدو نه ٿيندو. ڳالهين جي ڪاميابي کانپوءِ لشڪر جهنگوي جي دهشتگردي جاري رهڻ جي صورت ۾ طالبان وٽ اهو ئي رستو هوندو ته هو نه مڃڻ جي صورت ۾ لشڪر جهنگوي سان لاڳاپا ختم ڪن ۽ انهن جي مالي توڙي هٿيارن جي مد ۾ مدد بند ڪن. پر ان جو به ڪو خاص فرق نه پوندو، ڇو ته ان صورت ۾ لشڪر جهنگوي وٽ هڪ نئون اتحاد قائم ڪرڻ جو رستو موجود آهي. لشڪر جهنگوي جو اهو نئون اتحاد جندالله سان سولائي سان ٿي سگهي ٿو ۽ گهڻو ممڪن آهي ته هن وقت به ٻنهي تنظيمن ۾ ويجهڙائپ موجود هجي.پاڪستان ۾ جند الله نالي سان ٻه تنظيمون آهن، هڪ جند الله ايراني سني بلوچن جي تنظيم آهي، جيڪا ايران جي خلاف ڪم ڪري ٿي. ان جا اڳواڻ ۽ ميمبر پاڪستاني بلوچستان ۽ ڪراچيءَ ۾ موجود آهن ۽ هتي اهي به شيعن جي قتل عام ۾ رڌل آهن. جند الله نالي ٻي تنظيم قبائلي علائقن ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان جي اتحادي تحريڪ اسلامي ازبڪستان جو اطلاعات ۽ نشريات وارو شعبو آهي.بلوچن واري جند الله جو طالبان سان ڪوبه واسطو نه آهي پر گهڻو شڪ آهي ته ان تنظيم جي مالي مدد امريڪي سي آءِ اي ۽ ڀارت کان ٿئي ٿي. ان جند الله ۽ لشڪر جهنگوي جي سوچ ۾ سئو سيڪڙو هڪجهڙائي آهي، ڇوته ٻنهي جو رڳو هڪ ئي مقصد ايران ۽ شيعن جي خلاف ڪم ڪرڻ ۽ انهن کي هر طرح جو نقصان پهچائڻ آهي. ان جو گهڻو امڪان آهي ته اڳتي هلي انهن جو اتحاد ٿيڻ جي صورت ۾ دهشتگرديءَ جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿي وڃي. ان ڪري بنا ڪنهن شڪ جي اهو چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان لاءِ القاعده توڙي تحريڪ طالبان پاڪستان کان وڌيڪ خطرناڪ لشڪر جهنگوي آهي ۽ فرقيواريت جي بنياد تي ان دهشتگردي کي ڪنهن به صورت ۾ ڳالهين يا معاهدن سان نٿو روڪي سگهجي

 

 

16-4-2014

  • Wix Facebook page
bottom of page