top of page

فيس بڪ ميدان محبت ۽ ميدان جنگ

مراد علي شاه بڪيرائي

       هلندڙ ڏهاڪي ۾ ٽيڪنالاجيءَ جي حوالي سان 2 شيون اسان جي پوري ملڪ جي عوام ۾ ڏاڍو مقبول ٿيون آهن، امير توڙي غريب ان مان پنهنجي سوچ آهر ڀرپور نموني فائدو وٺي رهيو آهي ۽ آهن به هر ماڻهو جي فائدي واريون شيون. انهن جي اچڻ کان پوءِ گهڻيون سهولتون ٿي پيون آهن. خاص طور تي نوجوان طبقي لاءِ ته ڄڻ اهو انقلاب کان گهٽ نه آهي. اهي ٻه شيون آهن موبائل فون ۽ ڪمپيوٽر.
اڳ جيڪي ڪم مهينن، هفتن يا ڏينهن ۾ ڏيندا هئا، سي هاڻ منٽن ۾ ۽ سيڪنڊن ۾ ٿي وڃن ٿا. اڳ جيڪڏهن محبوب يا محبوبه ڀلي کڻي ڀرواري گهر ۾ ئي هوندي هئي، پر ان سان دل جو حال اورڻ لاءِ ٻين جو محتاج ٿيڻو پوندو هو. چٺيون اچڻ ۽ وڃڻ ۾ به وقت لڳي ويندو هو. پر هاڻ موبائل فون اچڻ کان پوءِ اهڙي قسم جا مسئلا حل ٿي ويا آهن، هاڻ نه ڇت تي چڙهي انتظار ڪرڻ جي ضرورت آهي، نه چٽي موڪلڻ لاءِ ڪنهن ٻار کي خرچي ڏئي راضي ڪرڻ يا ڪنهن جهونيءَ کي چٺي پهچائڻ لاءِ منت ڪرڻ جي ضرورت آهي. هاڻ هاڻي نه رڳو پاڙيسري محبوب يا محبوبه تائين پهچ سولي ٿي پئي آهي، پر ڪراچي هجي يا ڪشمور، پنجاب هجي يا خيبرپختونخوا، ڀارت هجي يا برطانيا، اتي موجود محبوبن ۽ محبوبائن جون دليون موبائيل فون توڙي انٽرنيٽ ذريعي ڳنڍيل آهن.
اڳ ته عشق جا رستا اڙانگها هئا. پر هاڻ عشق جا اهي سمورا اڙانگها رستا موٽر وي ٿي ويا آهن. اڳ انهن اڙانگهن رستن جي ڪري عشق ۽ پيار ٿيڻ ۾ وڏو وقت لڳي ويندو هو، پر هاڻ اهي سمورا مسئلا حل ٿي ويا آهن، هاڻ رڳو هڪ مس ڪال ڏيو ته پيار ٿيو وڃي.
موبائل فون کان پوءِ اسان وٽ جيڪا شيءِ گهڻي عام ٿي سا آهي، ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ. ان انٽرنيٽ مان به هر ماڻهو پنهنجي سوچ آهر فائدو وٺي ٿو. پر انٽرنيٽ تي سڀ کان گهڻو استعمال فيس بڪ جو ٿئي ٿو. فيس بڪ کي عالمي اوطاق چئجي ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، اتي اوهان کي عالم، اديب، شاعر، صحافي، استاد، شاگرد، عورتون ، ٻار توڙي ٻڍا، سماج سڌارڪ، سياستدان، مطلب ته زندگيءَ جي اٽڪل هر شعبي سان واسطو رکندڙ ماڻهو موجود آهن. اتي هر ڪنهن جا دوست سوين ئي نه پر هزارن ۾ به آهن. اتي هر ڪو ماڻهو پنهنجي سوچ جو اظهار دل کولي ڪري ٿو. اڳ جيڪي ماڻهو ڀتين تي نعرا لکندا هئا. سي هاڻ فيس بڪ تي لکن ٿا، هن مان هاڻ اهي ماڻهو به ڀرپور فائدو وٺي رهيا آهن، جيڪي پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ لائبريرين، يونيورسٽين، هوٽلن يا ٻين عوامي هنڌن تي موجود باٿ رومن جي ڀتين جو استعمال ڪندا هئا. اهڙا پڙهيل لکيل ۽ ڪنهن قدر سڌريل ماڻهو جيڪي عام ڪچهرين ۾ ڪو خراب لفظ استعمال ڪري نه سگهندا هئا سي به فيس بڪ تي پنهنجي مخالف راءِ رکندڙ کي دل کولي بي ڊپو ٿي گاريون ڏئي دل جو بار هلڪو ڪن ٿا.
پهرين ته منهنجو خيال اهو هو ته فيس بڪ ته رڳو اهي ماڻهو ئي استعمال ڪندا هوندا جيڪي پڙهيل لکيل هوندا، پر ان تي لاڳيتو گهڻو وقت ڏيڻ کان پوءِ منهنجو اهو خيال غلط ئي ثابت ٿيو، جو هاڻ خبر پئي اٿم ته فيس بڪ رڳو عالم، اديب ئي نه پر جاهل جذباتي به استعمال ڪن ٿا.
اهو به مشاهدو ٿيو اٿم ته فيس بڪ جتي موبائل فون وانگر محبت ۽ پيار وڌائڻ جو ذريعو آهي، اتي اهو نفريون وڌائڻ جو به هڪ وڏو سبب ٿي رهيو آهي. آئون ته ان ئي نتيجي تي پهتو آهيان ته هي فيس بڪ محبت جي ميدان سان گڏ ميدانِ جنگ به آهي.
شڪر آهي جو اڃان آءِ ٽي جي انجنيئرن کي ڪمپيوٽر تي ويب ڪئميرا جي جاءِ تي رائفل يا توپ لڳائڻ جو خيال نه آيو آهي، نه ته هيستائين ته اسان ان ذريعي هڪ ٻي جا آنڊا ڪڍيو ويٺا هجون ها، جو هي آهي، انڌير نگري.

  • Wix Facebook page
bottom of page