top of page

بڪيرا شريف جي برباديءَ جا سبب ڪامورڪا ڪرتوت ۽ ڀوتارن جي بي حسي
 

مراد علي شاه بڪيرائي

       مينهن يا ٻوڏون هونئن ته قدرتي آفتون سمجهيون وينديون آهن، پر هتي سموري تباهي جا رڳو  اهي ئي سبب نه آهن. حقيقت اها آهي ته مينهن يا ٻوڏن سان گڏوگڏ هن تباهي ۽ نقصان جا ذميوار اسان جا پنهنجا ماڻهو پڻ آهن. ذميوارن جي ان لسٽ ۾ اسان جي سرڪار، ان جا ڪامورا، اسان جا چونڊيل نمائندا ۽ علائقائي ڀوتار شامل آهن، جيڪي پڻ اسان لاءِ ڪنهن قدرتي آفت کان گهٽ نه آهن، جو اسان جي ديس جا ماڻهو انهن کان پڻ ضرور متاثر ٿيندا آهن. اسان جي شهر بڪيرا شريف ۾ پڻ ڪجهه اهرا ئي مثال ڏسڻ ۾ آيا. جتي اها تباهي رڳو مينهن جي ڪري ئي نه ٿي پر ان تباهيءَ ۾ اسان جي ڪامورن ۽ زميندارن جو پڻ اهم ڪردار آهي. جنهن جي نتيجي ۾ هي شهر 90 سيڪڙو تباهه ٿي ويو آهي.

 

       ضلع ٽنڊي الهيار جو هي شهر اٽڪل هڪ هزار سال پراڻو ۽  تاريخي شهر  آهي جنهن کي ملتان ثاني پڻ چيو ويندو آهي، جو سنڌ ۾ ملتاني پيرن جي هيءَ سڀ کان وڏي گادي آهي. جتي ملتاني پيرن کان علاوه ٻيا به ڪيترائي بزرگ آرامي آهن. چون ٿا ته ويجهڙ جي تاريخ ۾ 1782 ڌاري هن شهر تي مدد خان پٺاڻ جي صورت ۾ هڪ مصيبت اچي ڪڙڪي هئي،  پر هي شهر ان جي تباهيءَ کان بچي ويو هو. هن شهر جو اهو ڀاڳ چئجي يا اڀاڳ، ته هي شهر سنڌ ۾ بدنام ٿيل افغان سپاهه سالار مدد خان پٺاڻ کان ته بچي ويو، پر اهو اسان جي پنهنجي ڪامورن جي ڪرتوتن ۽ ڀوتارن جي بي حسيءَ جي ورچڙهي برباديءَ کان بچي نه سگهيو آهي. بڪيرا شريف جي تباهيءَ جو سبب رڳو مينهن کي ئي قرار ڏيڻ سراسر نا انصافي چئبي ۽ حقيقت اها آهي ته ضلع جا ڪامورا ۽ مقامي ڀوتار زميندار به ان تباهيءَ جا برابر جا ذمه دار آهن. هتي جيتوڻيڪ مينهن وسڻ سان سڌي ريت ڪچا گهر ته ضرور ڪريا، پر سڀ کان وڏي تباهي گهرن ۾ پهتل پاڻيءَ جي ڪري ٿي آهي. بڪيرا شريف جي ڀرسان نه ته ڪنهن واهه يا شاخ کي گهارو لڳو ۽ نه ئي هتي ڪو سم نالو آهي، جنهن سان شهر جي تباهي ٿي هجي. شهر  جي تاريخ ۾ ٿيل ان سڀ کان وڏي تباهيءَ جا ٽي اهم سبب  آهن. (1) شهر جي گندي پاڻيءَ جي کڏن مان پاڻيءَ جو ترت نيڪال نه ڪرائڻ، (2) شهر جي دڙي واري علائقي جي فرش بنديءَ ۽ نالين جي ڪم ۾ بيڪار سامان جو استعمال۽ غيرمعياري ڪم ڪرڻ ۽ (3) شهر جي ڀروارين ٻنين جو پاڻي شهر ڏانهن نيڪال ڪرڻ.

 

       عام حالتن ۾ شهر جي گندي پاڻي جي کڏن مان مشين ذريعي ٻنين ۽ واهه ۾ پاڻي جو نيڪال ڪيو ويندو آهي پر هن ڀيري مينهن پوڻ سبب ٻنين لاءِ پاڻي جي ضرورت نه پئي. جنهن ڪري کڏن مان پاڻي جو نيڪال ٻنين ڏانهن نه ٿيو، نه ئي ڪامورن انهن کڏن مان پاڻي ڪڍڻ جو  ڪو بندو بست ڪيو.  ويتر مينهن جو ٻنين ۾ جيڪو به پاڻي ڀرجندو ويو ان کي زميندارن فصل بچائڻ لاءِ  شهري  آبادي ڏانهن نيڪال ڪري ڇڏيو. جنهن سان کڏون جيڪي اڳئي پاڻيءَ سان ڀرجي اٿلي پيون هيون، انهن ۾ ٻنين جو پاڻي به پوڻ سان نتيجو اهو ٿيو جو اهو سمورو پاڻي شهر جي هيٺانهين آباديءَ جي گهرن ۾ ڪاهي پيو. هيٺانهين آباديءَ ۾ جيئن ته گهڻائي غريب پورهيت طبقي جي آهي، جن جا گهر به ڪچا آهن، سي اهو پاڻي پوڻ سان ئي ڊهندا ويا. سوين گهر ڊهي تباهه ٿي ويا. ان تباهي کان اڳ مينهن دوران ڪيترائي ڀيرا شهري شڪايتون ڪندا رهيا ته کڏن مان پاڻي جو نيڪال ڪيو وڃي. پر ضلعي انتظاميا، تڪ جي ايم اين اي، ايم پي اي توڙي علائقي ۾ پنهنجو اثر رکندڙ شخصيتن ڪو به ڌيان نه ڏنو، نتيجي ۾ شهر وڏي تباهي جي ور چڙهي ويو. 

 

       بڪيرا شريف جو سڀ کان اهم ۽ محفوظ سمجهيو ويندڙ علائقو دڙو به سخت متاثر ٿيو آهي. زمين جي سطح کان 30 فيٽ اوچائي واري دڙي تي  شهر جي 25 سيڪڙو آبادي رهندڙ آهي، جتي گهڻو ڪري پڪا گهر آهن. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ان دڙي واري زمين ڦاٽي پئي آهي. دڙي واري  ان زمين کي ڪيترن ئي هنڌن تان اهڙا ئي ڏار پئجي ويا آهن. جهڙا عام طور تي زلزلو اچڻ سبب زمين کي پوندا آهن. زمين جي اهڙي ريت دٻجي ۽ ڦاٽي پوڻ سبب ان دڙي تي موجود ڪيترائي گهر پڻ خطرناڪ طريقي سان ڏري پيا آهن، جن مان  ڪي گهر ته ڊهي به پيا آهن، انتهائي خطرناڪ قرار ڏنل گهر خالي ڪيا ويا آهن. جڏهن ته باقي سمورن گهرن کي پڻ فرش توڙي ڀتين ۽ ڇتين کان ڏار پئجي ويا آهن. دڙي واري ان علائقي کي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهڙي نموني ڏار پوڻ ۽ ايترو وڏي پئماني تي  نقصان رسڻ جا ذمه دار تازو ئي شهر ۾ فرشبندي ڪندڙ ٺيڪيدارن ۽ لاڳاپيل ڪامورا ئي آهن. ٺيڪيدارن فرشبندي ۽ نالين لاءِ مليل فنڊ ۾ وڏي پئماني تي بچت ڪري بيڪار سامان استعمال ڪري انتهائي غير معياري ڪم ڪيو. جڏهن ته لاڳاپيل آفيسرن وري انهن اسڪيمن جي ڪم جو معيار چڪاس ڪرڻ بنا پنهنجا حصا وٺي انهن جا بل پاس ڪري پئسا جاري ڪيا. انهن ٺيڪيدارن ۽ ڪامورن جي انهن ڪرتوتن جو نتيجو  تباهي جي صورت ۾ نڪتو آهي.  ٺيڪيدارن ان ڪم جي رٿابندي به صحيح نموني نه ڪئي. جنهن ڪري دڙي وارن گهرن جو پاڻي نالين ذريعي نيڪال ٿيڻ بدران انهن ئي نالين وٽان فرش جي انداران ئي نه رڳو گهرن جي پيڙهه ۾ گهڙي ويو پر گڏو گڏ دڙي واري زمين کي گهرن جي هيٺان گهارا پڻ هنيا، جنهن سان پورو دڙو ڪيترن ئي هنڌن کان ڦاٽي پيو  ۽ شهرين جو نه رڳو ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آهي پر انهن جي گهرن کي ڏار پوڻ سان انهن جي زندگي پڻ خطري هيٺ آهي.

 

      مينهن، ٻوڏ ۽ ڪامورن توڙي ڀوتارن جي انهن انسان دشمن عملن سان جيڪا تباهي ٿيڻي هئي سا ته ٿي وئي،  پر  هي ڪامورا ۽ عوام جا چونڊيل نمائندا متاثر ٿيلن جي تڪليفن کي ختم ڪرڻ بدران انهن جي پوري ريت امداد نه ڪري ويتر انهن جي تڪليفن ۾ واڌارو ئي ڪري رهيا آهن.  تڪ جي چونڊيل عوامي نمائندن توڙي انتظاميه متاثر ٿيلن کي پوريءَ ريت نظر انداز ڪري بي حسيءَ جي انتها ڪري ڇڏي آهي ۽ متاثر ٿيل شهرين جي مدد لاءِ ڪي به اثرائتا اپاءِ نه ورتا آهن. جنهن ڪري نه رڳو متاثر ٿيل اهي ماڻهو خاص طور تي پنهنجي ووٽن سان چونڊيل ايم اين اي ۽ ايم پي اي تي سخت مڇريل آهن، پر  حڪومتي پارٽي پ پ  جا ڪيترائي عهديدار توڙي ڪارڪن پڻ پنهنجي اڳواڻن جي ڪارڪردگي مان سخت مايوس ۽ ڪاوڙيل آهن. انهن ڪارڪنن جي اها ڪاوڙ  جائز  ئي آهي، ڇو ته شهر جو عام ماڻهو جنهن جي پهچ ايم اين اي يا ايم پي اي تائين نه آهي، سو ته پارٽي جي  انهن مقامي  عهديدارن ۽ ڪارڪنن  کان ئي پڇاڻو ڪري ٿو ۽ پنهنجو آواز  انهن چونڊيل نمائندن تائين پهچائڻ لاءِ مٿن دٻاءُ وجهي ٿو، پر انهن ڪارڪنن ۽ عهديداررن جو آواز وري اهي چونڊيل نمائندا ٻڌڻ لاءِ ئي تيار نه آهن.

 

      شهر جي هيٺانهين آبادي جي سڀ کان وڏي پاڙي پوٺي وارا خاصخيلي ۽ بقادار شاهه پاڙي جا 90 سيڪڙو ڪچا گهر مڪمل طور ڊهي پيا آهن، جڏهن ته باقي بچيل گهر به خطرناڪ ٿي ويا آهن. انهن مان ڪيترن ئي گهرن ۾ 2 کان 3 فيٽ پاڻي بيٺل آهي. واهي فقير علائقي ۾ ماڇي پاڙو مڪمل طور ٻڏي ويو ۽ سمورا گهر به مڪمل طور ڊهي پيا آهن، ان کان سواءِ درگاهه واري شيدي پاڙي، لنڊ پاڙي، لاشاري پاڙي، دل پاڙي، درگاهه وارن خاصخيلين جي پاڙي ۽ دڙي تي  به ڪيترائي گهر ڊهي پيا آهن.

 

        هيٺانهين آبادي ۾ ڪچا گهر ڊهڻ باوجود متاثر ٿيلن پنهنجا اجها ڇڏڻ کان انڪار ڪري سرڪار جي ڪا به مدد نه ٿيڻ سبب انهن پنهنجي ڊهي پيل گهرن جي رهيل حصن تي پلاسٽڪ جي شيٽن ۽ رلين سان پنهنجون جهوپڙيون ٺاهي پنهنجا سر لڪايا آهن. شهر ۾ هزارين ماڻهو متاثر ٿيڻ باوجود ضلعي انتظاميا گهڻيون دانهون ڪرڻ کان پوءِ  ئي  رڳو 50 کن خيما ڏنا آهن، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ انهن هزارين ماڻهن لاءَ ڪافي نه آهن. انتظاميه متاثر ٿيل انهن ماڻهن جي امداد ڪرڻ کان انڪار ڪري رهي آهي ۽ انهن متاثر ٿيلن تي زور ڀري رهي آهي ته اهي پنهنجا تباهه ٿيل گهر ڇڏي شهر کان ٻاهر ڪٿي خيما وسندي ٺاهين ۽ اتي ئي کين امداد ڏني ويندي. جڏهن ته بڪيرا شريف جي ويجهڙ ۾ ڪٿي به مينهن جي پاڻي کان بچيل ۽ مٿانهين هنڌ تي اهڙي ڪابه زمين نه ٿي سُجهي جتي اهڙي خيما وسندي ٺاهي سگهجي ۽ ٻيو مسئلو اهو به آهي ته هي شهري ڪي لاڏائو قبيلن وارا ته نه آهن جو اهي ٻه چار رليون ۽ ٻه چار ٿانو هڙن ۾ ٻڌي نڪري پون. هتي ته ماڻهن جي گهرن جو ڪيتروئي سامان ۽ گڏوگڏ چوپايو مال پڻ موجود آهي، جنهن کي هو نه ته ڇڏي ٿا سگهن ۽ به ئي وري انهن وٽ ايترا وسيلا آهن جو هو ايترو سمورو سامان کڻي ڪئمپن ۾ پهچي سگهن. وري ڪئمپن ۾ به اها انتظاميه جيڪي سهولتون ڏيندي سي به سڀني کي ساريون پيون آهن.  اهو ئي سبب آهي جو متاثر ٿيل ماڻهو پنهنجا تباهه ٿيل اجها به ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ انتطاميه وري انهن جي اتي امداد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. بد انتظامي جي حد ته اها آهي ته ضلع ٽنڊي الهيار جي مختلف علائقن ۾ جيڪي ماڻهو وڌيڪ متاثر ٿيا آهن انهن کي ته امداد ڏيڻ کان ئي انڪار ٿو ڪيو وڃي، ته وري ٻي پاسي انتطاميه ان جي ڪا تصديق ئي نه ٿي ڪري ته جيڪي ماڻهو خيما وسندين ۾ پهتا آهن، سي واقعي سڀ جا سڀ متاثر به ٿيل آهن يا اهي اصل متاثر ماڻهن جو حق مارڻ لاءِ اتي پهتل آهن. اهڙيون شڪايتون به مليون آهن ته ٽنڊي الهيار ويجهو  ٺاهيل خيما وسندين ۾ ڪي اهڙا ماڻهو به پهتل آهن، جيڪي رڳو امداد وٺڻ لاءِ پاڻ کي متاثر ٿيل ظاهر  ڪري رهيا آهن. بدقسمتي سان انتظاميه متاثر ٿيل رڳو انهن کي ئي قرار ڏي ٿي جيڪي انهن ڪئمپن ۾ پهچن ٿا.  جنهن ڪري امداد جو حقدار پڻ انهن کي ئي سمجهيو وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو بڪيرا شريف ۾ متاثر ٿيلن جي کاڌي پيتي جي حوالي سان به ڪا خاص مدد نه ٿي آهي. حد ته اها آهي ته  پوري تپي لاءِ رڳو ڏيڍ سئو راشن جا ڪٽا ڏنا ويا. تن بابت به پيپلز پارٽي جي ئي عهديدارن جو چوڻ آهي ته اهو راشن به پسند جي بنياد تي ورهايو ويو.  متاثرن لاءِ تيار ٿيل چانور به کين 24 ڪلاڪن ۾ هڪ ويلو ڏنا وڃن ٿا. جيڪي  به متاثرن لاءِ انتهائي گهٽ هوندا آهن ۽ سوين ڪٽنبن کي اهي چانور به ملي نٿا سگهن.

 

      شهر ۾ ٿيل تباهيءَ کي ڪيترائي ڏينهن گذرڻ جي باوجود اڃا تائين انتظاميه سروي جو ڪم به شروع نه ڪيو آهي، متاثر ٿيلن کي زباني طور اهو چيو ويو آهي ته اهي پنهنجون درخواستون جمع ڪرائين. انتظاميه جي اهڙي بي نيازي کي ڏسندي متاثر نه ٿيل ماڻهن جون درخواستون ته متاثر ٿيلن کان به پهرين جمع ٿي ٿيون وڃن. بڪيرا شريف ۾ سرڪاري طور ڪو منظم سروي نه ٿيڻ سبب مختلف سياسي توڙي سماجي تنظيمون پنهنجي ليکي ئي متاثر ٿيل علائقن ۾ وڃڻ بنا ئي لسٽون ٺاهي رهيون آهن، اهي لسٽون ٺاهڻ ۾به دل ۾  متاثر ٿيلن جو درد رکڻ بدران پنهنجا نوازيِءَ جي نيت شامل آهي. جنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته تڪ جا چونڊيل عوامي نمائندا ۽ ضلع انتظاميه پنهنجو فرض ڀلي کڻي نه ئي سمجهن پر گهٽ ۾ گهٽ  انسانيت جي ناتي ئي سهي  ترت ئي متاثر ٿيلن جي گهر گهر شفاف نموني سان سروي ڪرائي انهن ئي لسٽن جي بنياد تي کاڌي پيتي توڙي خيمن جي صورت ۾ انهن جي اجهي جو انتظام ڪري. جيڪڏهن متاثر ٿيل خيما وسندي ۾ رهڻ نه ٿا چاهين ته انهن کي امداد ڏيڻ لاءِ اهو شرط مڙهي کين مجبور نه ڪري، پر کين سندن حال تي رحم کائي ۽ سندن حالت کي ئي ڏسي خيما ۽ کاڌو پهچائي. تڪ جي ايم اين اي شمشاد بچاڻي توڙي ايم پي اي امداد پتافي  کي به اهو ياد رکڻ گهرجي ته اڄ  جڏهن هو  اسيمبلين ۾ ويٺل آهن يا اسيمبلين جي ميمبرن جي حيثيت سان جيڪي مزا ماڻي رهيا آهن، ان ۾ سندن ڪوبه ڪمال نه آهي، سندن اهي ٺٺ، سڃاڻپ ۽ اها حيثيت کين انهن ئي ڏني آهي، جيڪي اڄ سڀ کان وڏي مصبت ۾ ڦاٿل آهن، جن جون اکيون انهن لاءِ واجهائي رهيون آهن. پر انهن کي نه شمشاد ٿي ملي، نه ” امداد “ ٿو ملي ۽ نه ئي وري امداد ٿي ملي

  • Wix Facebook page
bottom of page