top of page

وي آءِ پي ڏوهاري ۽ آئيني حفاظت

مراد علي شاه بڪيرائي

          هڪڙو وقت هو جو اسان جهڙو غريب غربو ماڻهو جهيڙي جهٽي کان رڳو ان ڪري ٻيو لنوائيندو هو ته ڪٿي ڪنهن ٿاڻي تي ڪا معمولي اين سي ئي نه داخل ٿي وڃي ۽ پوءِ ڪا پٽيوالي يا چوڪيداري جي نوڪري وٺڻ لاءِ سرڪار جي قانون موجب ٿاڻي تان ڪئريڪٽر سرٽيفڪيٽ وٺڻ مهل اين سي ئي نه رڪاوٽ ٿي پوي. ان تي به شڪر ڪيوسين ته ڀلا ڪڏهن ڪنهن ڦڏي جي ڪا اين سي داخل ته نه ٿي. عمر گذري وئي نه ته ڪڏهن ڪنهن معمولي سرڪاري نوڪريءَ جو آسرو مليو ۽ نه ئي وري ڪڏهن ٿاڻي تان ڪئريڪٽر سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت پئي. پر هاڻ ان تي ڪجهه افسوس به ٿئي پيو. ڇو ته زمانو بدلجي ويو آهي. هاڻ افسوس وري ان ڳالهه تي ئي ٿي رهيو آهي ته هاءِ سڄي عمر گذري وئي پر ڪنهن جيل جو منهن ڏسڻ ته نصيب نه ٿيو پر ڪڏهن ڪنهن سپاهيءَ ٻانهن کان جهلي ٻه گهڙيون ٿاڻي تي به نه ويهاريو. جو ڪو سرڪاري عهدو حاصل ڪرڻ جي اهل ٿي سگهجي ها. ڇو ته هاڻ زمانو بدلجي ويو آهي، هاڻي ڪا به سرڪاري نوڪري يا ڪو حڪومتي عهدو ماڻڻ لاءِ ٿاڻي تان ڪنهن ڪئريڪٽر سرٽيفڪيٽ جي نه پر ايف آءِ آر جي ڪاپيءَ جي گهرج پوندي، جو هاڻ اهليت جا معيار به تبديل ٿي چڪا آهن. پر اهو سڄو ڪمال اسان جي جيالن جي قربانين جي نتيجي ۾ آيل جمهوريت جو ئي آهي.


       اهو وقت جو عجيب ڦيرو آهي ته ڪو ماڻهو سدائين غريب نٿو رهي، ته ڪو ماڻهو سدائين امير نه ٿو رهي. ڪو ماڻهو سدائين خوشحال نٿو رهي ته وري ڪو سدائين بدحال به ٿو رهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو هڪ وقت اسپيڪر ٿو رهي ته ٻي وقت ۾ اهو جيل ۾ رهي واندڪائي ۾ ”چاهه يوسف سي صدا“ جهڙو ڪتاب لکي ٿو وٺي. وري جڏهن ان تي وي آءِ پي ڏوهاري هئڻ جو ٺپو لڳي ٿو وڃي ته اهو ئي ماڻهو وزارت عظميٰ جهڙو اعليٰ عهدو به ماڻي وٺي ٿو. ڪو ماڻهو حڪيم سعيد جهڙين شخصيتن جي قاتلن ۾ شمار ٿئي ٿو ته اهو وڏي مرتبي وارو عهدو به ماڻي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ليڊر تي حملي کانپوءِ جتيون ڪڇ ۾ هڻي ليڊر بدران پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڀڄي وڃي ٿو ته اهڙو ماڻهو به پرڏيهي وزارت جهڙي اهم عهدي جو پڪو حقدار ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو بينظير ڀٽو جهڙي اڳواڻ جي قاتلن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو ته اهڙي ماڻهوءَ کي به سلامي ڏيڻ ۽ ان کي پوري عزت، احترام ۽ حفاظت سان ٻاهر موڪلڻ اسان جي اهم فرضن ۾ شامل ٿي وڃي ٿو، جو هاڻي زمانو بدلجي ويو آهي.


         هاڻي نه ڊڄو ان کان ته ڪير اوهان کي پنهنجي زندگي لاءِ خطرو سمجهي اوهان جو نالو پنهنجي امڪاني قاتلن ۾ شامل ڪري ٿو. جيڪڏهن ايئن ٿئي ته اوهان پنهنجا ڀاڳ ڀلا سمجهجو ته پڪ سان اوهان هاڻ نائب وزيراعظم ٿيڻ جي اهليت حاصل ڪري ورتي آهي. جيڪڏهن اوهان ڪرپشن جي ڪن وڏن ڪيسن ۾ پنهنجو نالو ڪمايو آهي ته ضرور اوهان وزيراعظم به ٿي سگهو ٿا پر جيڪڏهن اوهان تي ڪنهن قتل جو، ڪنهن ڪرپشن جو يا عدليه جي توهين جو ڪيس نه آهي ته اوهان کان وڌيڪ بدنصيب ڀلا ٻيو ڪير ٿو ٿي سگهي.


      ها ياد رکو زمانو ڏاڍو تيزيءَ سان بدلجي رهيو آهي. ڪو زمانو هو صلاحڪارن جي ڏاڍي کوٽ هئي پر هاڻ ان ۾ اسان جو ملڪ پاڻ ڀرو ٿي ويو آهي. اهو صلاحڪارن جي کوٽ جو ئي نتيجو هو جو ملڪ جو هڪ عظيم اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽو ڦاهيءَ چڙهي ويو. ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم هوندي به “عظيم صلاحڪارن“ کان محروم هو. ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن وزيراعظم هو تڏهن کانئس پوليس عملدار پڇيو ته ”احمد رضا قصوري توهان جي خلاف پنهنجي پيءَ نواب محمد احمد قصوريءَ جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ گهري ٿو، اسان لاءِ اوهان جو ڪهڙو حڪم آهي؟“ جواب ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کيس چيو ته ”ڀلي منهنجي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي“ ۽ پوءِ اها ايف آءِ آر داخل ٿي ۽ جڏهن هو اقتدار تان لٿو ته سندس ئي خلاف سندس ئي حڪم تي داخل ٿيل اها ايف آءِ آر هئي جنهن جي بنياد تي ڪيس هليو ۽ هن کي ڦاهيءَ جي سزا اچي وئي. پر بدقسمتيءَ سان ذوالفقار علي ڀٽو وٽ ان وقت اهڙا ڪي صلاحڪار ئي نه هئا جيڪي 73ع واري آئين جي ان خالق کي اهو مشورو ڏين ها ته هو پنهنجي ئي ٺاهيل آئين ۾ ڪا تبديلي ڪري پنهنجي لاءِ هر طرح جو آئيني بچاءَ حاصل ڪري وٺي ها.پر افسوس هن وٽ اهڙا صلاحڪار موجود ئي نه هئا. هن وٽ اهڙا وفادار وزير به نه هئا، جيڪي هن کي بچائڻ لاءِ پاڻ ئي قرباني جو ٻڪر ٿي پون ها. پر هاڻ زمانو بدلجي ويو آهي. هاڻ هڪ پاسي ”عظيم صلاحڪارن“ جو قطارون لڳل آهن ته ٻي پاسي قرباني ڏيندڙ وزيرن جون به قطارون لڳل آهن، هاڻ هڪڙو قربان ٿئي ٿو ته ٻيو پنهنجي سسي اڏيءَ تي آڻي ٿو رکي. هاڻ پڪ ڄاڻو زمانو تبديل ٿي ويو آهي، وقت وري به ڦيرو کاڌو آهي. هاڻي راجا به اچي ويو آهي ته راجا جي نگريءَ ۾ انڌير به موٽي آيو آهي. هاڻ وري ”انڌير نگري چرٻٽ راجا“واري پهاڪي جو مان مٿانهون ٿيندو.

  • Wix Facebook page
bottom of page