top of page

برمي ۽ آسامي مسلمان انسان به ته آهن

مراد علي شاه بڪيرائي

       گذريل ڪجهه ڏينهن کان اسان جون اخبارون (خاص طور تي سنڌي) مورن جي مرڻ جي خبرن سان ڀريون پيون آهن. اخبارن ۾ مورن جي موت وارين خبرن جا باڪس به ٺهن ٿا، خاص ايڊيشنز ۾ انهن تي مضمون، فيچر ۽ ايڊيٽوريل به لکجن پيا. اسان جي صحافين، اديبن، شاعرن توڙي سماج سڌارڪن جون دليون مورن جي موت تي بس رت جا ڳوڙها پيون ڳاڙين. ٻي ڪنهن ملڪ جو ماڻهو جڏهن اهو سڀ ڪجهه ڏسندو ته پڪ اٿم ته هو ضرور اسان لاءِ اها ئي راءِ جوڙيندو ته جيڪا قوم پکين ۽ جانورن سان ايتري محبت ڪري ٿي تنهن وٽ اشرف المخلوقات انسان لاءِ پيار ته انهن جي دلين ۾ سمنڊ واريون ڇوليون پيو هڻندو هوندو. انسانيت جو احترام انهن کان وڌيڪ ٻيو ڪنهن وٽ هوندو.
مورن جي موت کان اڳ جڏهن اسان جي اقليتي هندو ڀائرن جون اخبارن ۾ اهي شڪايتون اينديون رهيون ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن هٿان هندن کي اغوا ڪرڻ يا انهن جي دڪانن مان ڦرون ٿيڻ دراصل هندن کي سنڌ مان لڏائڻ جي سازش آهي. اهڙيون خبرون پڙهڻ سان ٿيڻ ته اهو گهربو هو ته رڳو اسان جا هندو ڀائر جيڪي پاڻ کي اقليتي سمجهن ٿا سي ئي پيا رڙيون ۽ احتجاج ڪن ها پر ان جي ابتڙ اهي ماڻهو جيڪي اڪثريت سان واسطو رکن ٿا جن ۾ اسان جا قومپرست، اديب، شاعر، صحافي ۽ سماج سڌارڪ اهي سڀ سنڌي هئڻ جي بنياد تي پنهنجي هندو ڀائرن سان گڏ سندن احتجاج ۾ اٿي پيا. هنن پنهنجي هندو ڀائرن سان هر ڏک سک ۾ ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪيو. جڏهن به ۽ سنڌ ۾ جتي به اسان جا هندو ڀائر ڪنهن معاملي تي احتجاج لاءِ نڪرن ٿا ته هو پنهنجي صفن ۾ پنهنجي سنڌي مسلمان ڀائرن کي سندن ئي حمايت ۾ اڳڀرو ڏسن ٿا. تڏهن سوچيندو آهيان ته هتي اسان اڪثريت وارن جي ڀيٽ ۾ ته اهي اسان جا اقليتي ڀائر وڌيڪ خوش نصيب آهن جو هنن جو ڪو هڪ ماڻهو به قتل يا اغوا ٿئي ٿو يا ڪنهن جي دڪان ۾ ڌاڙو لڳي ٿو ته شهرن جا شهر بند ٿي وڃن ٿا. احتجاج ۾ سمورا اڪثريتي به انهن سان برابر طور شريڪ ٿين ٿا. سماج سڌارڪ، انساني حقن جا علمبردار به اٿي پون ٿا، پر اتي ئي اهي ماڻهو جيڪي اڪثريت ۾ ڳڻيا وڃن ٿا، انهن مان روز ڪيترائي قتل ٿين ٿا، روز ٻن کان 3 ماڻهو سنڌ جي مختلف علائقن مان اغوا ٿين ٿا پر انهن لاءِ سواءِ انهن جي ڀاتين جي ٻيو ڪو به نه احتجاج لاءِ اٿي ٿو نه ڪو شهر بند ٿئي ٿو ۽ نه وري ڪير انهن جي قتل، اغوا يا ڌاڙي کي انهن ماڻهن لاءِ لڏائڻ جي سازش ڪوٺي ٿو.
منهنجي خيال ۾ ڌاڙيلن، ڦورن ۽ چورن جو ڪو به نه مذهب ٿيندو آهي نه ئي انهن جي ڪا قوم ٿيندي آهي. اهي ڌاڙيل ڪنهن به ماڻهو کي (سواءِ سيدن جي) اهو ڏسي اغوا نه ڪندا آهن ته انهن جو مذهب ڪهڙو آهي يا انهن جي قوم ڪهڙي آهي. اهي ڌاڙيل ڪنهن به ماڻهو کي اغوا ڪرڻ جو فيصلو رڳو ان بنياد تي ئي ڪندا آهن ته ان کان ڀنگ ملي سگهي ٿو يا نه.
ڳچ ڏينهن کان آئون اسان وارين اخبارن جو جائزو وٺندو رهيس، مون کي هنن اخبارن ۾ مئل مورن جون تصويرون ته کوڙ نظر آيون پر برما ۽ آسام (ڀارتي رياست) ۾ مسلمان اقليتن تي ٿيندڙ هانءُ ڏاريندڙ ظلمن جي ڪا هڪ به تصوير نظر نه آئي، جتي هن وقت تائين هزارين مسلمان قتل ٿي چڪا آهن. فيس بڪ تي ته اهڙيون ڪيتريون ئي تصويرون ڏسجن ٿيون پر اسان جي سنڌي ميڊيا خاص طور تي ان تي بنهه اکيون پوري ويٺي آهي. ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ اهو ئي آهي ته اسان جي سنڌي ميڊيا ۾ اڪثريت اهڙن ماڻهن جي آهي جن جا خيال اولهه جي ميڊيا کان متاثر ٿيل آهن، جيڪي پاڻ کي روشن خيال، جڏهن ته اسلام توڙي مسلمانن جي ڳالهه ڪندڙن کي بنيادپرست، انتهاپسند ۽ طالبان جا ساٿي هئڻ جا لقب ڏين ٿا، جن کي ٽي ويءَ تي پنهنجي گهر ڀاتين وچ ۾ ويهي اڌ اگهاڙين عورتن جو ناچ ڏسڻ تي ڪجهه نٿو ٿئي پر جڏهن هو ڪنهن چئنل تي ڪنهن مولوي کي اسلام، قرآن ۽ سنت جي ڳالهه ڪندي ڏسن ٿا ته ڄڻ سندن اندر وڍجي وڃي ٿو. اهڙا ماڻهو اهي دليل گهڙيو ويٺا آهن ته ”ڇا سڄي دنيا جي مسلمانن جو ٺيڪو اسان ئي کنيو آهي.“
برما ۽ ان کانپوءِ ڀارتي رياست آسام ۾ نه رڳو بي ڏوهي مسلمان پر جيڪي به قتل ٿيا آهن انهن ۾ گهڻائي ته بي ڏوهي انسانن جي ئي آهي. اسان کي افسوس رڳو ان تي ئي نه آهي پر آسام جا جيڪي به بي ڏوهي بوڊو قبيلي وارا مسلمانن جي هٿان پلاند طور قتل ٿيا يا وري برما جا جيڪي به بي ڏوهي ٻڌ پلاند طور مسلمانن جي هٿان قتل ٿيا ان تي به اسان کي ايترو ئي افسوس ۽ ڏک ٿئي ٿو. ڇو ته مظلوم چاهي ڪهڙي به قوم جا هجن، ڪهڙي به مذهب جا هجن. ڪهڙي به ڏيهه جا هجن، ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندڙ هجن انهن جو درد به هڪ جهڙو ٿيندو آهي ته انهن جا لڙڪ به هڪ جهڙا ئي ٿيندا آهن، پر ان باوجود اسان جي سنڌي ميڊيا انهن مظلومن جو ٺيڪو نه کنيو آهي ته ڪهڙي ملڪ ۾ ڪيترا بي ڏوهي مظلوم ماريا ويا. پر هنن جو ٺيڪو ته رڳو اهو ئي کنيل آهي ته برٽني اسپيئر ڪهڙي رنگ جو سينڊل پاتو، مائيڪل جيڪسن جو چشمو ڪيترن ڊالرن ۾ وڪرو ٿيو. ڪيٽ ونسليٽ هاڻ ڪهڙي فلم ۾ ايندي، ثانيه مرزا اُميد سان ٿي يا نه، سوئٽزرلينڊ جي اونهي کڏ ۾ ڪريل ڪتي کي ڪيئن ڪڍيو ويو. ڇو ته هيءَ آهي انڌير نگري.

  • Wix Facebook page
bottom of page