top of page

يار محمد شاهه پهراڻ پائڻ جي شوق ۾ پهلوان ٿي ويو
 

مراد علي شاه بڪيرائي

        انسان سڀ کان وڌيڪ طاقتور آهي ته وري اهو سڀ کان وڌيڪ ڪمزور پڻ، هن ۾ جڏهن همت جو جذبو پيدا ٿئي ٿو ته هي جبلن کي به ڏاري ٿو وجهي پر ڪڏهن ان انسان لاءِ مکڻ مان وار ڪڍڻ به سڀ کان ڏکيو ڪم ٿي وڃي ٿو. دنيا ۾ هڪڙا انسان اهي آهن جيڪي پنهنجي آرام ۽ آسائش خاطر ٻين انسانن لاءِ تڪليفن جو سبب بڻجندا رهن ٿا، پر وري ڪي انسان اهڙا به ضرور آهن جيڪي پاڻ کي تڪليفن ۽ مصيبتن ۾ وجهي ٻين انسانن لاءِ خوشي، راحت ۽ سڪون جو سامان پيدا ڪن ٿا.

 

 

           ٽنڊو ڄام جو رهندڙ يار محمد شاهه انهن ئي ماڻهن مان هڪ آهي جيڪي پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي ٻين لاءِ تفريح پيدا ڪن ٿا. هي شخص جڏهن ٻالڪپڻ جي حد ٽپي نوجوانيءَ جي دور ۾ داخل ٿيو تڏهن کان ڦوهه جوانيءَ تائين ميلن ملاکڙن ۾ عام تفريح وارن هنڌن تي پهلوانيءَ جا اهڙا جوهر ڏيکاريندو رهيو، جنهن ۾ ڏسندڙن جو ساهه ئي سڪي ويندو هو ۽ هي زندگي ۽ موت سان راند کيڏيندو رهيو.

 

        سيد الله ڏني شاهه جي گهر ۾ پيدا ٿيل يار محمد شاهه جيڪو هاڻ پهلوان يار محمد شاهه طور سڃاتو وڃي ٿو، ان جي زندگيءَ جو رخ ان وقت تبديل ٿيو، جڏهن هو ٽين، چوٿين ڪلاس ۾ پڙهي رهيو هو ۽ اهو رخ سندس هڪ ننڍڙي خواهش پوري ٿيڻ سان مڙيو، هو ان بابت ٻڌائي ٿو ته:

           "آئون جڏهن ٽين يا چوٿين ڪلاس ۾ پڙهي رهيو هوس تڏهن هڪ ڏينهن مون پاڻ سان گڏ پڙهندڙ ميمڻ ڇوڪر کي چڪني جو پهراڻ پاتل ڏنو جيڪو مون کي ڏاڍو وڻيو. گهر اچي ان بابت بابا سان ڳالهه ڪيم ۽ کيس چيم ته مون کي اهڙو پهراڻ وٺي ڏي ۽ آئون اهو پهراڻ بابا کي ڏيکارڻ لاءِ ان ڇوڪر کي پڻ وٺي آيس. بابا ان کي ڏسي مون کي چيو ته اهو پهراڻ اهو پائي جيڪو پهلواني ڪري،" جنهن تي مون کيس چيو ته آئون به پهلواني ڪندس. ان کانپوءِ اٽڪل 14 سالن جي عمر جو ٿيس ته ان وقت هتي ٽنڊوالهيار وارو استاد قربان حميراڻي آيل هو جيڪو پڻ پهلوان هو ۽ پڃري کڻندو هو. مون ان کان سکيا وٺڻ شروع ڪئي ۽ هن 32 ڪلو جي هڪ پڃري ٺاهي ڏني، استاد قربان اٽڪل 2 مهينا هتي رهيو، جنهن کانپوءِ هو واپس هليو ويو پوءِ اسان وٽس ٽنڊي الهيار وياسين ۽ کانئس هڪ وڌيڪ وزن واري پڃري وٺي آياسين ڪجهه وقت کانپوءِ وري جڏهن ٻي وڏي پڃري وٺڻ وياسين ته استاد قربان اها ڏيڻ کان انڪار ڪندي ڪاوڙ ۾ چيائين ته هاڻ اوهان پاڻ ئي وڃي پڃريون ٺاهيو. استاد جي ان جواب تي مون کي سخت ڏک ٿيو ۽ اکين ۾ پاڻي اچي ويو، کيس ڪاوڙ ۽ ڏک واري لهجي ۾ چيم ته الله همت ڏني ته پاڻ ئي پڃري ٺاهيندس ۽ توهان جي شاگردن کان به پهلوانيءَ ۾ اڳتي نڪري ڏيکاريندس، اهو چئي آئون اتان واپس آيس ۽ پوءِ پهلوانيءَ جو هڪ جنون ٿي ويو، جنهن دوران ڏاڍيون تڪليفون پڻ ڏٺم ۽ زندگي کي ان لاءِ وقف ڪري ڇڏيم“.

          يار محمد شاهه ٻڌائي ٿو ته پهلوانيءَ جو پهريون مظاهرو هن 14 آگسٽ (سال ياد نه آهي) تي ٽنڊو ڄام ۾ ڪيو، جنهن کانپوءِ ٽنڊوالهيار، ڀٽ شاهه، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ ميلن ملاکڙن جي موقعي تي پهلوانيءَ جا مختلف ڪرتب ڏيکاريندو رهيو. هن پهلوانيءَ جي 9 قسمن ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو.

انهن ۾ (1) 2 مڻ 18 ڪلو جي پڃري هڪ هٿ سان کڻڻ، (2) اٽي جي چڪيءَ وارو ساڍا 10 مڻ وزني جنڊ ستل حالت ۾ ترين تي کڻڻ (3) ڪلهن تي 12 مڻ جو وزن کڻڻ (4) ٻانهن جي ڪاراين تي ساڍا 8 مڻ جو وزن کڻي هلڻ (5) ڇاتيءَ تي اٽي وارين 7 چڪين (پٿر) سميت 50 مڻ جو وزن کڻڻ (6) 2 مڻ وزن وارو باربيل هٿ سان مٿي اڇلي ٺونٺ تي کڻڻ (7) ساڍا 8 مڻ وزني ٽن چڪين وارو باربيل ستل حالت ۾ پهرين هٿن تي ۽ پوءِ پيرن تي کڻڻ (8) هڪ ئي وقت ٻن جيپن کي پهرئين گيئر ۾ ٻانهن ذريعي روڪڻ (9) هڪ ئي وقت 4 جيپن جي رورس ۾ پريس ڪرڻ کي روڪڻ شامل آهن. جيتوڻيڪ اهي سمورا ڪرتب خطرناڪ آهن پر انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ڪرتب چار يا ٻن جيپن جي وچ ۾ پاڻ کي پريس ٿيڻ کان بچائڻ ۽ ستل حالت ۾ ترين تي اٽي جي چڪي کڻڻ آهي، جنهن ۾ معمولي لاپرواهي به موت حوالي ڪري پئي سگهي، پر يار محمد شاهه ماڻهن کي تفريح ڏيڻ لاءِ پاڻ کي بار بار موت جي منهن ۾ وجهندو رهيو. هن سڀ کان وڌيڪ وزن کڻڻ جو مظاهرو ٽنڊو قيصر ۾ مراد شاهه جي ميلي جي موقعي تي ڪيو. هي ماڻهن جي ميڙ جي وچ ۾ پٺيءَ ڀر ليٽي پيو ۽ ٻيا پهلوان اٽي جي چڪيءَ وارا وزني پٿر سندس ڇاتيءَ تي رکندا ويا، انهن پهلوانن ڪل 7 چڪيون يار محمد شاهه جي ڇاتيءَ ي رکي ڇڏيون ۽ 7 چڪيون رکڻ کانپوءِ هڪ پهلوان سيد سمن شاهه پڻ ڇاتيءَ تي رکيل انهن چڪين مٿان چڙهي بيهي رهيو، چڪين ۽ پهلوان جو ڪل وزن 50 مڻ هو، طاقت جو اهو مظاهرو ڏسي ڏسندڙن جون اکيون حيرانگي ۾ کليل ئي رهجي ويون ۽ سندن ساهه ڄڻ مٺ ۾ اچي ويو.

         يار محمد شاهه پنهنجي دور جي ڪيترن ئي پهلوانن کي پنهنجي پهلوانيءَ جي 9 ئي ڪرتبن ۾ مقابلو ڪرڻ لاءِ چئلينج ڪيو، پر ڪير به کيس انهن ۾ مات نه ڏئي سگهيو. 1972ع ۾ مشهور ڀولو پهلوان ۽ سندس ڀائرن ٿرين جي مدد لاءِ ڪراچيءَ ۾ پهلوانيءَ جو پروگرام ڪرايو، جنهن ۾ يار محمد شاهه پڻ پنهنجي پهلواني جو مظاهرو ڪيو، جتي کيس رستم سنڌ جو لقب مليو. جڏهن ته ان کان علاوه پڃري پريس ڪرڻ ۾ کيس استاد جو لقب ڏنو ويو. يار محمد شاهه ٻڌائي ٿو ته "پڃري پريس ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي ۽ هر ڪنهن پهلوان جي وس ۾ ڳالهه نه آهي، پر وري استاد قربان حميراڻي جيڪا پڃري کنئي اهڙي ٻئي ڪنهن به نه کنئي." هو ٻڌائي ٿو ته" جڏهن آئون ٽنڊو ڄام ايگريڪلچر ورڪشاپ ۾ ڪم ڪندو هئس تڏهن هڪ روسي ٽريڪٽر ڪمپنيءَ جا 3 عملدار اتي ايندا هئا هڪ ڏينهن جڏهن انهن منهنجو چار جيپن کي طاقت سان روڪڻ وارو ڪرتب ڏٺو تڏهن انهن مان هڪ ڄڻو اڳتي وڌيو ۽ هن شرٽ لاهيندي پنهنجو جسم ڏيکاريندي چيو ته "آئي ايم باڊي بلڊر مسٽر ورلڊ" ان دوران ساڻس گڏ موجود هڪ ٻئي ڪاري نسل واري پڻ پنهنجو چيمپيئن طور تعارف ڪرايو ۽ انهن سان منهنجي دوستي ٿي وئي. انهن مون کي روس هلڻ جي آڇ ڪئي ۽ منهنجو پڻ اهڙو ارادو ٿيو پر مائٽن وڃڻ جي اجازت نه ڏني".

 

         يار محمد شاهه ٽنڊو ڄام ۾ حيدري ڪلب پڻ قائم ڪيو جتي هو 25 سالن تائين باڪسنگ، باڊي بلڊنگ ۽ ويٽ لفٽنگ جي سکيا ڏيندو رهي.، هن جيتوڻيڪ ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا، پر ڪوبه شاگرد نالو ڪڍائي نه سگهيو. حڪومت طرفان ڪابه مدد يا همت افزائي نه ٿيڻ سبب پهلواني واري فن جي سکيا جو سلسلو اڳتي هلي نه سگهيو ۽ نيٺ هن پنهنجو ڪلب بند ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ به اٽڪل 86-1985ع ڌاري پهلوانيءَ کان پاسيرو ٿي ويو. هن پهلواني جي عشق ۾ شادي به نه ڪئي ۽ اڄ به هو اڪيلي سر زندگي گذاري رهيو آهي. هو ٻڌائي ٿو ته "مائٽن گهڻو ئي شاديءَ لاءِ زور ڀريو پر مون پهلواني جي عشق ۾ شاديءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو." يار محمد شاهه اڄ به هڪ پرسڪون زندگي گذاري رهيو آهي، پر کيس ان ڳالهه جو افسوس ضرور آهي ته حڪومت پهلوانيءَ جي فن ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڏنو. جڏهن عوام ان کي ڏاڍو چاهي ٿو ۽ ڀرپور داد پڻ ڏي ٿو. هو ٻڌائي ٿو ته "پهلواني واري دور ۾ آئون ڪو خاص کاڌو نه پر عام رواجي کاڌو کائيندو هئس ۽ اڄ به سادو کاڌو کائيندو آهيان پر تنهن هوندي به سڻڀ وارين شين جو استعمال طاقت لاءِ بهتر آهي ۽ نوجوانن کي ورزش ضرور ڪرڻ گهرجي جيڪا صحت لاءِ به سٺي آهي".

 

      يار محمد شاهه کي ننڍپڻ کان پهلواني کانسواءِ ڪبوتر پالڻ جو به شوق رهيو آهي. هاڻ جڏهن هو پهلوانيءَ کان پاسيرو ٿي ويو آهي تڏهن به سندس ڪبوتر بازي جو شوق ختم نه ٿيو آهي. ڪبوتر بازيءَ ۾ پڻ هن جا ڪيترن ئي شهرن ۾ شاگرد آهن ۽ هن ٽنڊي ڄام ۾ ڪبوتر بازن جي تنظيم پڻ قائم ڪئي آهي، جنهن جو صدر پڻ آهي ان تنظيم جون 8 سالن کان هر سال چونڊون ٿينديون آهن ۽ ڪبوترن جي اڏام جا ٽورنامينٽ پڻ ٿيندا آهن. هو ٻڌائي ٿو ته "ڪبوتر بازي ڪا ٻارن جي راند نه پر وڏن جو شوق آهي.

  • Wix Facebook page
bottom of page