top of page

اسٽئبلشمينٽ جو سهڪار- پ پ جي مجبوري آهي

مراد علي شاه بڪيرائي

       هيءَ ڪجهه ئي سال اڳ جي ڳالهه آهي ته جڏهن مختلف پارٽين کان وڇڙيل سياسي شخصيتن سنڌ ڊيموڪريٽڪ الائنس ٺاهيو هو، جنهن جو مکيه ڪردار ارباب رحيم اڃان وڏ وزارت جي ڪرسيءَ کان گهڻو ئي پري هو، تنهن هڪ اردو ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي پنهنجي نئين سياسي پارٽي سنڌ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي سياسي سگهه بابت هڪ سوال جي جواب ۾ عبرت ۾ ڇپيل منهنجي هڪ ڪارٽون جو ثبوت طور حوالو ڏنو. آئون سندس جواب ٻڌي ڪجهه حيران ۽ ڪجهه پشيمان به ٿيس.
اهو ڪارٽون ڪجهه هن ريت هو ته ان ۾ هڪ عام ماڻهو آهي جنهن کي هڪ ٻانهن مان تازو ٺهيل ايس ڊي اي ۽ ٻي ٻانهن مان ان (ايس ڊي اي) جي مخالف پ پ پاڻ ڏانهن ڇڪي رهي آهي ۽ وچ ۾ ڦاٿل عوام جو چهرو پريشاني ۽ ڪاوڙ وارو پڻ ڏيکاريل هو. ان ڪارٽون جو مکيه خيال ته اهو ئي هو ته عوام سياسي پارٽين جي ڇڪ ڇڪان مان بيزار ٿي ويو آهي ۽ سندن ڇڪتاڻ مان خوش نه آهي، پر ارباب رحيم ان کي منهنجي خيال جي بلڪل ابتڙ پنهنجي حمايت ۾ ثبوت طور پيش ڪندي چيو ته ”ايس ڊي اي جي سياسي سگهه پيپلز پارٽيءَ جيتري ئي آهي جو اها پ پ پ سان مقابلو ڪري عوام کي پاڻ ڏانهن ڇڪي رهي آهي.“

      ايئن ئي منهنجي توڙي ٻين ڪارٽونسٽن جي ڪارٽونن سان اهڙو معاملو گهڻو ڪري ٿيندو ئي رهندو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڪارٽون کي ڪارٽونسٽ جي خيال جي ڀيٽ ۾ ڏسندڙ وري ان کي ڪارٽونسٽ جي خيال جي بلڪل ابتڙ به سمجهي وٺندو آهي. ڇو ته اهي ڏسندڙ ڪنهن به ڪارٽون جي گهرائي ۾ نه ويندا آهن. اهو معاملو رڳو ڪنهن عام اخباري پڙهندڙ سان نه پر دانشمنديءَ جي دعويدارن سان پڻ ٿيندو رهي ٿو. مثال طور 2006ع ۾ لبنان تي اسرائيلي حملي ۽ ان کان اڳ وري هولوڪاسٽ جي موضوع تي جڏهن منهنجا ڪارٽون عبرت ۾ شايع ٿيا ته منهنجي آفيس وارن ساٿين سميت گهڻن ڏسندڙن کي انهن جو مقصد يا خيال سمجهه ۾ ئي نه آيو هو، پر منهنجا اهي ئي ٻه ڪارٽون اهڙا هئا جيڪي ايران ۾ ٿيل ڪارٽونن جي عالمي مقابلي لاءِ به چونڊيا ويا جيڪي اڄ به (http://www.irancartoon.com/120/occupation/Murad%20Ali%20Shah%20Bukerai/index.htm) تي ڏسي سگهجن ٿا.

      تازو ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجو عبرت ۾ ڇپيل هڪ ڪارٽون جيتوڻيڪ اهڙو منجهائيندڙ يا ڪو سمجهه ۾ نه ايندڙ ڪارٽون ته نه هو پر ان جو مطلب اهو به بنهه نه هو جيڪو اسان جو ساٿي ليکڪ امداد سومرو سمجهي ويٺو آهي ۽ 5 مئي تي هنن ئي صفحن تي هن مون کي سياست ۽ تاريخ (خاص طور تي پ پ جي 1968 کان 2010 واري) کان بنهه اڻ واقف ۽ ڪمزور سمجهه وارو ثابت ڪرڻ ۽ پاڻ کي پ پ جو ترجمان ثابت ڪرڻ جي تاريخي دليلن سان ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته پ پ پ جي 1968ع کان 2010ع تائين جي تاريخ کي سيني ۾ سانڍي رکندڙ اسان جي هن ليکڪ دوست امداد سومري کي اڃان تائين اها به خبر پئجي نه سگهي آهي ته بينظير ڀٽو، فاطمه ڀٽو جي چاچي نه پر پڦي آهي، نه ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ان ليکڪ (پيپلز پارٽي- اسٽئبلشمينٽ ساگا) ۾ بار بار محترمه (بينظير ڀٽو) کي فاطمه ڀٽو جي چاچي نه لکي ها.

      رهي ڳالهه پيپلز پارٽي ۽ اسٽئبلشمينٽ جي ڪارٽون واري ته ان لاءِ اهو به ٻڌائيندو هلان ته منهنجي ان ڪارٽون مان ڪنهن به صورت ۾ اهو ثابت ئي نٿو ٿئي ته ڪو پيپلز پارٽيءَ سان هٿ ملائيندڙ اسٽئبلشمينٽ جي سوچ ۾ به ڪا تبديلي آئي آهي يا اها پوري ريت پ پ جي حامي ٿي وئي آهي.
اسٽئبلشمينٽ ڇا آهي؟ منهنجي ”ڪمزور“ سمجهه موجب ته اسٽئبلشمينٽ ڪو هڪ مڪمل طور ٺهيل ادارو نه پر رياست جي انتهائي اهم ادارن (سول توڙي فوجي) جا اهڙا مکيه ماڻهو جيڪي رياست جي پاليسين کي ٺاهڻ، تبديل ڪرڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ يا ڪرائڻ ۾ پوري ريت سگهه ۽ ڪردار رکندڙ هجن، اهي ئي ماڻهو اڻ سڌي طرح اسٽئبلشمينٽ سڏجن ٿا. انهن ۾ صدارت، وزارت عظميٰ، فوجي سربراهه، عدليه، ڳجهين ايجنسين سميت ادارن جا سربراهه به اچي وڃن ٿا. بدقسمتي سان پاڪستان ۾ انهن اهم عهدن تي ويٺل اهڙين شخصيتن جي گهڻائي هميشه پ پ مخالف ئي رهي آهي. آئون هتي تفصيل ۾ نه ويندس ته انهن شخصيتن جي پ پ سان وير جو بنيادي ڪارڻ ڪهڙو آهي، پر اهو ضرور آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جيتوڻيڪ عوام کي طاقت جو اصل سرچشمو ته قرار ڏيندو رهيو پر وقت ۽ حالتن اڄ تائين اهوئي ثابت ڪيو آهي ته طاقت جو سرچشمو عوام نه پر اسٽئبلشمينٽ ئي آهي. جيڪڏهن ڪير چوي ٿو ته ايئن نه آهي ته پوءِ ان کي اهو ضرور ٻڌائڻو پوندو ته پوءِ ڇو عوام جي طاقت ان وقت ڪم نه آئي جڏهن ڀٽو ان ئي اسٽئبلشمينٽ جو شڪار ٿي ڦاهيءَ جي ڦندي تائين پهتو، اها عوامي طاقت ان وقت ڇو نه ڪم آئي جڏهن بينظير ڀٽو ان ئي اسٽئبلشمينٽ جو شڪار ٿي ٻه ڀيرا اقتدار تان لاٿي وئي، پ پ کي هڪڙي فوجي آمر جيڪو پڻ اسٽئبلشمينٽ جو هڪ اهم حصو هو، اُن سان ڊيل ڪرڻ ۽ اين آر او جهڙا ڪارا ٽڪا پنهنجي دامن تي سجائڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿي؟ بينظير ڀٽو ڏهه سالن تائين پنهنجي ڏيهه ۽ عوام کان پري رهڻ تي مجبور ٿي، ڏهه سالن تائين انتظار ڪرڻ بدران اُن آمر کي هٽائڻ لاءِ ڇو نٿي عوامي سگهه جو استعمال ڪيو. پوءِ ڇو نه اها عوامي طاقت ان وقت ڪم آئي جڏهن بينظير ڀٽو قتل ڪئي وئي.

     انهن سمورن سوالن جو جواب هڪ ئي نڪري ٿو ته اسٽئبلشمينٽ عوام کان وڌيڪ طاقتور آهي. اسٽئبلشمينٽ کي پيپلز پارٽيءَ جي سهڪار يا دوستيءَ جي گهرج نه آهي پر اها اسٽئبلشمينٽ پيپلز پارٽيءَ سميت ڪنهن به سياسي سگهه جي گهرج ضرور ٿي سگهي ٿي.پ پ اسٽئبلشمينٽ جي ڪڏهن به ضرورت نه رهي آهي، نه ئي اُن کي پ پ جي سهڪار جي ڪا خواهش رهي آهي. ڇو ته سگهاري جي ساٿ جي گهرج هيڻي کي ئي ٿيندي آهي. پيپلز پارٽيءَ کي پڻ ڪڏهوڪو ان ڳالهه جو احساس ٿي چڪو هو ته طاقت جو سرچشمو عوام نه پر اسٽئبلشمينٽ آهي. عوامي طاقت اقتدار تائين پهچڻ لاءِ ته ڪارائتي آهي پر اقتدار بچائڻ يا برقرار رکڻ لاءِ اسٽئبلشمينٽ ئي اصل طاقت ثابت ٿئي ٿي. اهوئي سبب آهي جو پيپلز پارٽيءَ لاءِ اسٽئبلشمينٽ ڏانهن سهڪار يا دوستيءَ جو هٿ وڌائڻ ضروري ٿي پيو ۽ پيپلز پارٽيءَ اهڙيون ڪوششون اٽڪل پنج سال اڳ ئي شروع ڪري ڇڏيون هيون. پيپلز پارٽيءَ جي ان ئي سوچ جي عڪاسي مون پنهنجي ڪارٽون ذريعي 11-اپريل 2005ع تي ڪئي هئي، جنهن ۾ مون آصف زرداريءَ کي اسٽئبلشمينٽ سان سهڪار لاءِ هٿ ملائڻ جي ڪوشش ڪندي ڏيکاريو هو. ان وقت به ضرور ڪي دانشور دوست منهنجي ان "ڪمزور سمجهه" تي ٽوڪ ڪندي کليا هوندا، پر ٺيڪ پنجن سالن کان پوءِ وري اپريل جو مهينو به آيو، پر اسٽئبلشمينٽ سان (ماضيءَ ۾) هٿ ملائڻ جي ڪوشش ڪندڙ آصف زرداري هن اپريل ۾ صدارت جي ڪرسيءَ تي ويٺل هو ۽ اسٽئبلشمينٽ کي هميشه پڪو ۽ بنيادي دشمن سمجهندڙ پيپلز پارٽيءَ جي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلانيءَ خوشيءَ وچان عوام کي اها خوشخبري ٻڌائي رهيو هو ته هاڻ اسٽئبلشمينٽ پيپلز پارٽي سان ٺهي وئي آهي. وزيراعظم جي اها خوشخبري ۽ اعلان ڄڻ ته منهنجي 5 سال اڳ جي ٺهيل ان ڪارٽون تي سچائي جي مهر هڻي ڇڏي، جنهن ۾ مون پيپلز پارٽيءَ کي اسٽئبلشمينٽ سان دوستيءَ جو هٿ وڌائيندي ڏيکاريو هو ۽ اهو ڪارٽون هاڻوڪي خوشخبريءَ جي ڄڻ ته اڳڪٿي ثابت ٿي چڪو آهي. هاڻ جڏهن پيپلز پارٽيءَ جو پنهنجو وزيراعظم ئي اهو خوشيءَ وچان اعلان ٿو ڪري ته اسٽئبلشمينٽ سان ٺهي ويا آهيون ته ان کان پوءِ ڪنهن کي هروڀرو جو بي دعوتو ترجمان ٿي ترديدون ڪرڻ لاءِ ته ڪجهه رهي به نٿو.

      هونئن به منهنجو هاڻوڪو ڪارٽون جنهن ۾ پيپلز پارٽيءَ کي اسٽئبلشمينٽ سان هٿ ملائيندي ڏيکاريو ويو آهي، ان بابت آئون مٿي اها وضاحت ڪري چڪو آهيان ته ان ڪارٽون جو مقصد رڳو اهوئي آهي ته رڳو پيپلز پارٽي ئي اسٽئبلشمينٽ سان پاڻ هٿ ملايو آهي پر اڃا اهو نٿو چئي سگهجي ته ڪو اسٽئبلشمينٽ پ پ سان پنهنجو تاريخي وير به ختم ڪري چڪي آهي. ڪارٽون ۾ اسٽئبلشمينٽ جي هٿ کي ڪارو ڏيکارڻ جو مقصد به اهوئي هو ته اسٽئبلشمينٽ هٿ ملائڻ باوجود کلي دل سان پ پ جي هٿ کي قبول نه ڪيو آهي. يعني ان جي اندر ۾ اڃان به ٻيائي جيئن جو تيئن موجود آهي، جيڪا رڳو هٿ هٿ ۾ ملائڻ سان ڪڏهن به ختم نٿي ٿي سگهي.

      جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ اسٽئبلشمينٽ سان هٿ نه ملايو آهي ته پوءِ اُن جي مٿين قيادت ڇو نه پنهنجي وزيراعظم جي بيان جو نوٽيس ورتو يا اُن بيان جي ترديد ڪئي. اچرج ۾ وجهڻ جي ڳالهه اها آهي ته منهنجي ان ڪارٽون تي جن (پيپلز پارٽي) کي اعتراض ڪرڻ کپندو هو، سي اُن هٿ ملائڻ جي خوشفهميءَ سبب اُن جو اعلان ڪندي خوشيءَ ۾ نه پيا ماپجن ۽ اسان جي سنگت وري ٻه وکون اڳتي وڌي وفاداري ڏيکارڻ ۾ پوري آهي.

     هونئن به ڀلا جيڪڏهن اسٽئبلشمينٽ پيپلز پارٽيءَ جي خواهش موجب کيس کليل دل سان قبول ڪري نيڪ نيتيءَ سان اُن سان پنهنجا تاريخي وير ختم ڪري به سهي ته اُن سان ڪو آسمان نه ڪري پوندو، پر اِهو عمل نه رڳو پيپلز پارٽيءَ لاءِ پر گڏوگڏ سمورين جمهوري قوتن، ملڪ ۽ قوم لاءِ هڪ ڏاڍو ڀلو عمل ثابت ٿي سگهي ٿو. اُن ئي صورت ۾ ملڪ آمريتن مان سدائين لاءِ ڇوٽڪارو به ماڻي سگهي ٿو. خدا ڪري ته پيپلز پارٽيءَ جي اها خواهش پوريءَ ريت حقيقت جو روپ وٺي، ڇوته اصل سوڀ اها نه هوندي آهي ته اوهان پنهنجي سڀ کان طاقتور دشمن کي ختم ڪري ڇڏيو، پر اُن طاقتور دشمن جي دشمنيءَ کي دوستيءَ ۾ بدلائڻ سڀ کان وڏي سوڀ ثابت ٿيندي آهي.

  • Wix Facebook page
bottom of page