top of page

خزانا کولي ڇڏيندڙ سرڪار جون اکيون ۽ ڪن بند ڇو آهن؟

مراد علي شاه بڪيرائي

        سنڌ ۾ پنج مهينا اڳ وسيل مينهن ۽ ان جي نتيجي ۾ آيل ٻوڏ سبب اٽڪل اڌ سنڌ جي متاثر ٿيڻ ۽ زراعت تباهه ٿيڻ کان پوءِ  آفت سٽيل قرار ڏنل علائقن م سنڌ سرڪار جي ڪيل اعلان جي روشني ۾ متاثر ٿيل ماڻهن کي پاڪستان ڪارڊ ۽ گڏوگڏ مختلف علائقن ۾متاثر ٿيل آبادگارن کي مفت ۾ ٻج ۽ ڀاڻ ڏيڻ جو ڪم شروع ٿي ويو آهي.  سنڌ سرڪار جو آبادگارن کي پوک ڪرڻ لاءِ مفت ۾ ٻج ۽ ڀاڻ ڏيڻ جيتوڻيڪ هڪ ڏاڍو سٺو  ۽ واکاڻ جوڳو ڪم آهي. ڇو ته هي پهريون ڀيرو (گذريل ٻوڏ سميت) ايئن ٿي رهيو آهي جو متاثر ٿيل ماڻهن کي عملي طور  ڪجهه امداد ملي رهي آهي .

      سرڪار کان ملندڙ هيءَ امداد جتوڻيڪ سنڌ جي جي متاثر ٿيل ماڻهن جي ٿيل نقصان جو مڪمل پورائو ته نه ٿي ڪري سگهي، پر ان هوندي به گهٽ ۾ گهٽ اهو ضرور ٿيو آهي جو سرڪار رڳو اعلانن کان هٽي ڪري ڪنهن قدر عمل ته ڪيو آهي. پر  سرڪار جي ان هڪ ڀلي ڪم تي عوام دشمن ڪامورن پاڻي ڦيرڻ کان پنهنجي وسان ڪنهن به ريت نه گهٽايو آهي.

      هن وقت مينهن ۽ ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ۽ آفت سٽيل قرار ڏنل ضلعن بدين، ميرپور خاص، ٽنڊي الهيار، عمرڪوٽ،سانگهڙ، ٽنڊي محمد خان ۽ خيرپور ضلع جي ڪجهه علائقن ۾ جتي جتي به مفت واري ٻج ۽ ڀاڻ  جي ورهاست جو ڪم هلي رهيو آهي انهن سمورن ئي علائقن مان اهي خبرون روز اخبارن ۾ ڇپجن پيون ته ٻج ۽ ڀاڻ جي ورهاست ۾ وڏي پئماني تي بدديانتي ڪئي پئي وڃي ۽ ان بدديانتي واري ڪم ۾ اتان جا اٽڪل سمورا ننڍا توڙي وڏا ڪامورا، حڪومتي پارٽيءَ سان واسطو رکندڙ عوام جا چونڊيل نمائندا توڙي پارٽيءَ جا عهديدار پوريءَ ريت شامل آهن. 
      سنڌ سرڪار ٻج ۽ ڀاڻ جي ورهاست لاءِ جيڪا پاليسي پڌري ڪئي هئي ان ۾ ٻڌايو ويو هو ته متاثر ٿيل آبادگارن کي پوک لاءِ ٻج ۽ ڀاڻ جي ورهاست هڪ ايڪڙ تي 50 ڪلو ٻج ۽ هڪ ٻوري ڀاڻ ڏنو ويندو، پر اخبارن ۾آيل خبرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته روينيو کاتي جا ڪامورا  سرڪار جي ان اعلان کي نظرانداز ڪري پنهنجي ٺاهيل پاليسي موجب پنجن ايڪڙن تي 50 ڪلو ٻج  ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته ڀاڻ ڪن علائقن ۾ پنجن ايڪڙن تي هڪ ٻوري ڏني ٿي وڃي، ته وري ڪن علائقن ۾ ته ڀاڻ مرڳو ڏنو ئي نه ٿو وڃي. ڪيترن ئي علائقن مان اهي خبرون پڻ مليون آهن ته روينيو کاتي جا ڪامورا متاثر ٿيل آبادگارن کي ٻج ڏيڻ لاءِ پنج سوء  کان هڪ هزار روپين تائين رشوت وٺي رهيا آهن، ته ڪٿي وري آبادگارن لاءِ ستين فارم جو شرط رکي ڦرلٽ جو طريقو اختيار ڪيو ويو آهي. ان سان گڏوگڏ اهي شڪايتون پڻ عام آهن ته روينيو کاتي جا ڪامورا حڪومتي پارٽي سان واسطو رکندڙ  ايم اين ايز، ايم پي ايز، انهن جي ماڻهن، پارٽي جي عهديدارن ۽ وڏيرن کي وري حڪومت جي اعلان ڪيل پاليسي موجب يا ويتر ان کان به وڌيڪ ٻج ۽ ڀاڻ ڏئي نوازي رهيا آهن. يا وري انهن سان ملي  ڀاڻ متاثر ٿيل آبادگارن کي ڏيڻ بدران واپارين کي وڪرو ڪري رهيا آهن.
      هي سڀ معاملا ۽ شڪايتو ن روز  اخبارن ۾ ڇپجي رهيون آهن، ڪو هڪ يا ٻه ڀيرا  ئي نه پر جڏهن کان ٻج ۽ ڀاڻ جي اها ورهاست شروع ٿي آهي انهن ئي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين ڪو اهڙو ڏينهن ۽ ڪا اهڙي اخبار نه آهي جنهن ۾ اهڙي بدديانتي واري ورهاست جي باري ۾ خبرون نه ڇپيون هجن. پر جيڪڏهن ڪجهه نه ٿو ٿئي ته رڳو اهو ته انهن جو  نوٽيس ئي نه ٿو ورتو وڃي. آبادگار روز  احتجاج ڪن ٿا، روز رڙيون ڪن ٿا پر  ايئن ٿو محسوس ٿئي ته ڄڻ هتي ڪنهن حڪومت جو ڪو وجود ئي نه هجي. 

      هتي اها ڳالهه ضرور حيران ۽ پريشان ڪندڙ آهي ته آخر اهو ڪهڙو سبب آهي جو  هڪ پاسي سرڪار مينهن ۽ ٻوڏ سبب متاثر ٿيلن جي مدد ڪرڻ لاءِ پنهنجا خزانا کولي ڇڏيا آهن ته وري ٻي پاسي ان پنهنجون اکيون پوري ۽ ڪن بند ڪري ڇڏيا آهن.

  • Wix Facebook page
bottom of page