top of page

سئنٽ جيناريو  جو 17  صديون پراڻو
اسرار  ڀريو  رت

مراد علي شاه بڪيرائي

       اٽليءَ جي شهر نئپلس جي هڪ چرچ ۾ رکيل هڪ هزار 701 سال پراڻي رت جو راز اڃا پڌرو ٿي نه سگهيو آهي، اهو رت اڄ به ڪئٿولڪ عيسائين لاءِ هڪ معجزي جهڙي حيثيت رکي ٿو. اهو رت جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته اٽڪل هڪ هزار 701 سال اڳ قتل ٿيل هڪ عيسائي بزرگ جيناريو جو آهي سو هڪ شيشي جي بوتل ۾ ڄميل حالت ۾ موجود آهي، پر ان بابت اچرج ۾ وجهندڙ ڳالهه اها آهي ته سال ۾ ٽي ڀيرا اهو ڄميل رت پاڻ مرادو وگهري ڪجهه وقت لاءِ اصل پاڻياٺي حالت ۾ اچي ويندو آهي. اهو عمل ڏسڻ لاءِ هر سال هزارين عيسائي نئپلس جي ان چرچ ۾ ايندا آهن. سئنٽ جيناريو پنهنجي حياتيءَ وارن ڏينهن ۾ ڪنهن اهم شخصيت جي حيثيت سان ڪونه سڃاتو ويندو هو، پر هن وقت کيس هڪ شهيد ۽ وليءَ  جي حيثيت ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو. سئنٽ جيناريو اٽليءَ جي شهر بينيوينٽو (Benevento) جو پادري هو. عيسائين جي ٻنهي فرقن يعني رومن ڪئٿولڪ توڙي آرٿوڊوڪس ۾ کيس عقيدت جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو.


       جيناريو کي 305ع ڌاري اتان جي حاڪم ڊيوڪ ليٽيئن اذيتون ڏياري سسي ڌڙ کان ڌار  ڪرائي شهيد ڪرائي ڇڏيو هو. چيو وڃي ٿو ته سئنٽ جيناريو مذهبي طور ڪجهه سرگرم هو. انهن سرگرمين جي ڪري کيس گرفتار ڪري جيل ۾ بند ڪيو ويو ۽ اتي مٿس  هر طرح جو ڏاڍ ڪيو ويو، پر ان باوجود هن دل نه لاٿي ۽ هي پنهنجي مذهب عيسائيت سان وفادار رهيو.  چون ٿا ته هر طرح جي ڏاڍ کان پوءِ کيس مٿي ڀر اونڌو ڪري باهه جي کوري ۾ وڌو ويو ته جيئن هو ان ۾ سڙي پورو ٿي وڃي، پر هو ان مان بچي نڪتو، کيس باهه جي لهس به نه لڳي. ان کان پوءِ به هن کي سک سان رهڻ نه ڏنو ويو، پر جيناريو ڪافر حاڪم آڏو جهڪڻ کان انڪاري هو. پوءِ نيٺ جيناريو جي سسي لاهڻ جو حڪم ڏنو ويو. چون ٿا ته جڏهن جيناريو جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪئي وئي تڏهن اتي موجود هڪ پوڙهي شخص انتهائي ادب سان جيناريو جي سسيءَ مان وهندڙ رت کي هڪ ڪپڙي ۾ گڏ ڪيو. جڏهن ته نئپلس جي هڪ عورت وري ان جو رت سڪائڻ کانپوءِ بوتل ۾ وجهي ان کي محفوظ ڪيو.


      313ع ۾ جيناريو جو مڙهه ۽ رت نئپلس ڏانهن نيو ويو. 9 صديءَ تائين جيناريو جو اهو رت نئپلس جو هڪ ننڍي ديول ۾ رکيل هو ۽ 14 صديءَ ۾ اتان جي بادشاهه رابرٽ شهر نئپلس ۾ سئنٽ جيناريو جي نالي سان هڪ وڏو ڪئٿيڊرل ٺهرايو  جيڪو اڄ به موجود آهي. سئنٽ جيناريو جو اسرار ڀريو اهو رت به اڄ ان ئي ڪئٿيڊرل ۾ رکيل آهي،  جتي اهو رت سال ۾ ٽي ڀيرا ڄميل حالت مان وگهري پاڻياٺي حالت ۾ ٿيندو آهي. اهو نظارو ڏسڻ لاءِ هر سال هزارين   عيسائي ان ڪيٿيڊرل ۾ ايندا آهن. ان جي وگهرڻ جو اهو عمل جنهن کي عيسائي معجزو به سڏين ٿا سو هرسال پهريون ڀيرو مئي جي پهرئين ڇنڇر تي، ٻيو ڀيرو 19 سيپٽمبر تي ۽ ٽيون ڀيرو 16 ڊسمبر تي ٿيندو آهي. نئپلس ۾ سڀ کان وڏي ۽ اهم تقريب 19 سيپٽمبر تي ٿيندي آهي. 19 سيپٽمبر کي اتي عيد جي ڏينهن وانگر ملهايو ويندوآهي. سئنٽ جيناريو جي ياد ۾ تقربين جي شروعات نئپلس جي بشپ آرسيني 1337ع ۾ ڪئي. پر ان وقت تائين رت جي وگهرڻ واري عجيب اسرار بابت ڪنهن کي به سڌ نه هئي. ان بابت سڀ کان پهريون ڀيرو 17 آگسٽ 1389ع تي خبر پئي. ان کان اڳ 1382ع ۾ نئپلس جي تاريخ لکي وئي جنهن ۾ جيناريو جو ته ذڪر ڪيو ويو پر ان ۾ ان جي رت واري اسرار بابت ڪوبه ذڪر نه هو. خاص ڏينهن ۾ ان ڄميل رت جي وگهرڻ واري ان اچرج ۾ وجهندڙ عمل بابت سائنسدانن پڻ هر طرح سان تحقيق ڪئي پر اهي به ان رت جو اسرار پروڙي نه سگهيا. ڪئٿولڪ چرچ رت وارين بند ٿيل بوتلن کي کولڻ حرام قرار ڏئي ڇڏيو هو. ان هوندي به 1902ع ۾ ان جو پهريون ڀيرو مٿاڇرو تجزيو ڪيو ويو. جڏهن ته اهڙي ئي نموني  جو هڪ ٻيو تجزيو 1989ع  ۾ به ڪيو ويو، پر ان اسرار جو پتو پئجي نه سگهيو.


      ڪيترن ئي ماڻهن جو خيال هو ته اهو سڀ ڪجهه هڪ جادو ۽ اکين جو دوکو آهي، پر هو ان ڳالهه جو ڪو جواب نه ڏئي سگهيا ته آخر اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ڪو به ڪوڙ يا جادو ڪيترين ئي صدين تائين جيئن جو تيئن برقرار رهي.


         سئنٽ جيناريو جو اهو رت  ٻن ننڍين شيشين ۾ رکيل آهي اهي ٻئي شيشيون وري هڪ ٻي گول ۽ چپٿري شيشي جي بوتل ۾ رکيل آهن جنهن مٿان تاج پڻ ٺهيل آهي. اها بوتل سئنٽ جيناريو ڪئٿيڊرل جي هڪ الماريءَ ۾ رکيل هوندي آهي جنهن کي 4 تالا لڳل آهن ۽ انهن جون 2 چاٻيون ڪارڊينلز وٽ ۽ باقي ٻه چاٻيون ڪئٿيڊرل سان لاڳاپيل ٻين ماڻهن وٽ هونديون آهن. اهو رت ان الماري مان رڳو انهن ٽن خاص ڏينهن تي ئي ڪڍيو ويندو آهي جن ڏينهن تي رت جي وگهرڻ جو عمل ٿيندوآهي. رت  جي وگهرڻ واري ڏينهن تي رومن ڪئٿولڪ فرقي جا عيسائي هزارن جي انگ ۾ نئپلس واري ڪئٿيڊرل ۾ گڏ ٿيندا آهن جتي شهر  جو ميئر پڻ موجود هوندو آهي. اهي هزارين ماڻهو رت جي وگهرڻ جو اهوعجيب عمل ڏسڻ لاءِ بي چين هوندا آهن. خاص وقت تي ڪارڊينل مائيڪل جيورڊئنو اها ننڍڙي شيشي جنهن ۾ رت پيل آهي سا هٿ ۾ جهلي مٿي ڪري ان کي آهستي آهستي پاسيرو ڪري اونڌو ڪري ڏيکاريندو آهي ته وگهريل رت به هيٺ ٿيندي نظر ايندو آهي ۽ هزارين ماڻهو عجب وچان اهو نظارو ڏسندا آهن ته واقعي ڄميل رت هاڻ وگهري اصل پاڻياٺ حالت ۾ اچي چڪو آهي.


             رت جي وگهرڻ ۽ اصل حالت ۾ اچڻ واري عمل کي سئنٽ جيناريو جا عقيدت مند ڪئٿولڪ فرقي جا عيسائي پنهنجي لاءِ سٺو سئوڻ سمجهندا آهن ۽ جيستائين اهو عمل ٿيندو رهندو آهي ته هو اهو سمجهندا آهن ته سئنٽ جيناريو اڃان  به ساڻن محبت ڪري ٿو ۽ هو سندن شهر جي حفاظت ڪري رهيو آهي. 1980ع واري ڏهاڪي دوران ڪجهه سالن تائين رت جي وگهرڻ وارو عمل بند ٿي ويو هو. تنهن وقت ۾ ڏکڻ اٽليءَ جي علائقي ۾ زلزلو پڻ آيو هو، جنهن سبب اٽڪل 3 هزار ماڻهو مري ويا هئا، تڏهن سئنٽ جيناريو جي عقيدت مندن ان زلزلي کي رت جي نه وگهرڻ سان ڳنڍيو ۽ ان کي سٺو سئوڻ نه سمجهيو. جنهن ڪري هنن عبادتن جو سلسلو شروع ڪري ڏنو ۽ ان کان ڪجهه وقت پوءِ بيهر رت جي وگهرڻ وارو عمل شروع ٿي ويو.
              رت جي هن عمل سان هڪ ٻي دلچسپ ڳالهه پڻ ڳنڍيل آهي، جنهن بابت اهو پڻ مشهور آهي ته نئپلس ۾ جنهن ڏينهن تي اهو رت وگهرڻ جو عمل ٿيندو آهي ان ڏينهن ان شهر ۾ نه ڪنهن ماڻهو جو قتل ٿيندوآهي، نه ڪو زخمي ٿيندو آهي ۽ نه ئي وري ڪو ٻيو ڏوهه ٿيندو آهي. جڏهن ته هونئن اٽليءَ جو اهو شهر نئپلس ڏوهن جي حوالي سان به مشهور آهي ۽ اتي وڏا ڏوهاري ٽولا پڻ موجود آهن.

  • Wix Facebook page
bottom of page